ڪراچي(م ڊ) ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پ پ اسان کي ن ليگ سان نه پئي ويڙهائي، پارٽيون پنهنجي پنهنجي بارگيننگ ڪري رهيون آهن،هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته ن ليگ کي اسان سان گڏجي گورنر سنڌ لڳائڻو آهي، گورنر اسان جو به ٿي سگهي ٿو، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته قانوني طور سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون نٿيون ملي سگهن، اهي سيٽون اسان کي ملڻ گهرجن، اسان جون 24 سيٽون ٿي وينديون،هن چيو ته اسان سنڌ ۾ پ پ سان پارٽنرشپ چاهيون ٿا جيڪڏهن پ پ ۽ ايم ڪيو ايم مرڪز ۾ گڏجي وڃن ته ن ليگ سان اتحاد واري فارمولي کان ٻه ٽي نمبر گهٽ آهيون، جيڪڏهن پ پ اسان سان اتحاد ڪري ها ته مرڪز ۾ بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم جي اميدوارن ۾ پهرين نمبر تي هجي ها، هن چيو ته عوام جي خدمت لاءِپ پ سان گڏجڻ چاهيون ٿا، پ پ جي 15 سالن کان حڪمراني آهي، چوري ڪري ڪراچي ۾ پاڻي وڪرو ڪيو پيو وڃي، بجلي،گئس جا مسئلا آهن،اسان پ پ سان جهيڙو نٿا ڪرڻ چاهيون،