ڪوئيٽا(م ڊ) ڪوئيٽا ۾ 4 جماعتي اتحاد پاران ڌانڌلي خلاف احتجاج ڪيو ويو. ڪوئيٽا ۾ عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف چار جماعتي اتحاد جو احتجاج جاري آهي. ميڊيا موجب هزاره ڊيموڪريٽڪ پارٽي ۽ پشتونخواه ،نيشنل پارٽي پاران ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن کان مبينا ڌانڌلي خلاف ريلي ڪڍي وئي ۽ اسيمبلي جو گهيرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. جڏهن ته پوليس جي پي او چوڪ تي ڪنٽينر رکي احتجاج ڪندڙن کي روڪيو.