\علوي تي اسيمبلي ٽوڙڻ ۽ اجلاس نه گهرائڻ جا ٻه ڪيس داخل ٿيندا:بلاول نگران وزيراعظم قومي اسيمبلي اجلاس گهرائڻ لاءِ صدر کي ٻيهر ايڊوائس موڪلي ڇڏي

اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي جي افتتاحي اجلاس جي معاملي تي نگران وفاقي حڪومت سمري تي صدر جي اعتراضن جو جواب ڏيندي چيو آهي ته صدر جي صوابديد ۽ استحقاق آهي ئي نه هو آرٽيڪل 91 تحت اجلاس روڪي سگهي، خبر موجب وفاقي حڪومت چيو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 91 ۾ ڪٿي ناهي لکيل ايوان اڻ پورو هجي ته اجلاس نٿو سڏائي سگهجي، صدر صرف آرٽيڪل 56 تحت معمول جي اجلاس کي روڪي سگهي ٿو، نگران حڪومت صدر کي جواب ۾ چيو آهي ته هي معمولي نه غير معمولي جو اجلاس آهي، وفاقي حڪومت صدر جي فيصلي تي نظر ثاني جي درخواست ڪندي چيو ته عارف علوي قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪري، جواب ۾ چيو ويو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 91 جي شق ٻه تحت اليڪشن جي 21هين ڏينهن اجلاس سڏائڻ ضروري آهي، صدر29 فيبروري تي اجلاس نه گهرايو تڏهن به اجلاس انهي ڏينهن ٿيندو،نگران وزيراعطم صدر کي ٻيهر ايڊوائس موڪلي ڇڏي،گڏ ئي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي اجلاس گهرائڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد ( م ڊ) پ پ چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عدالت ۾  وڪيلن ثبوتن جا پهاڙ پيش ڪيا آهن ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جج صاحبن جي سامهون تيزي سان ثبوت پيش ڪيا پيا وڃن، قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، اسان کي ۽ عوام کي انصاف ملندو. سندس چوڻ هوته ذوالفقار علي ڀٽو جو ٽرائل نه عدالتي قتل ٿيو هوسپريم ڪورٽ، آئين، قانون ۽ حقيقتن جي ڳالهه ڪري ٿي، هن ڪيس جي پارٽين کي اڃا تائين پنهنجي خيالن جي اظهار جو موقعو ناهي مليو.هن چيو ته وڪيل ثابت ڪرڻ وارا آهن ته شهيد ڀٽو جو ٽرائل نه جڊيشل قتل ٿيو هو، تاريخ درست ڪرڻ لاءِ پهريون قدم ڀٽو ريفرنس جو فيصلو هوندو. پ پ چيئرمين چيو ته صدر چونڊجي آصف علي زرداري چار ئي گورنر پاڻ فائنل ڪندو، چاهيون ٿا پاڪستان جا سڀ ادارا آئيني حدن ۾ رهندي ڪم ڪن. هن چيو ته سياستدانن کي هڪ ٻئي جي عزت ۽ احترام ڪرڻ گهرجي، سياستدانن کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته هڪ ٻئي جي عزت ڪن، هڪ ٻئي جي عزت نه ڪندا ته اميد نه رکو ته ٻيو ادارو اوهان جي عزت ڪري. سندس چوڻ هوته پيپلزپارٽي پنهنجو سوچي ها ته خبر ناهي ڇا ڇا ڪري ڇڏي ها. مرڪز ۾ حڪومت ٺاهڻ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ بلاول چيو ته مان حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ نه آهيان، منهنجا نمبر اهڙا ناهن، مان چئي سگهان پيو ته اسيمبلي عمل کان لاتعلقي ڪريان ٿو، مون چيو هو ته وزيراعظم بڻيس ته سياسي قيدين کي آزاد ڪنداسين، افسوس پاڪستان جي عوام مون کي اهو مينڊيٽ نه ڏنو. هن چيو ته سني اتحاد منهنجو ووٽ گهريو ئي نه ته ڪنهن ٻئي جي حڪومت ٺهڻ جو اعتراض ڇو؟ سني اتحاد جا ٿورائتا آهيون جن مريم نواز ۽ مراد علي شاهه جي مخالفت نه ڪئي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ دير واري معاملي تي ڳالهائيندي پ پ چيئرمين چيو ته عارف علوي آئين ٽوڙيندي پنهنجو فرض ناهي نڀائي رهيو، صدر آئيني ذميواري پوري نٿو ڪري ته اسپيڪر پوري ڪري ڇڏي. هن چيو ته آئين ۾ لکيل آهي ته هر حال ۾ 29 فيبروري تي اسيمبلي اجلاس گهرائڻو آهي، چونڊ عمل ذريعي عارف علوي جي جاءِ تي ٻيو صدر آڻينداسين. سندس وڌيڪ چوڻ هوته صدر عارف علوي تي آئين ٽوڙڻ جا ٻه ڪيس ٿيندا، عارف علوي تي هڪ ڪيس بي اعتمادي جي وقت اسيمبلي ٽوڙڻ جو ٿيندو، عارف علوي تي ٻيو ڪيس آئين موجب قومي اسيمبلي اجلاس نه گهرائڻ تي ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.