صدر هڪ ڀيرو ٻيهر آئين ٽوڙڻ چاهي ٿو: اسحاق ڊار

اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ ن جي سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته صدر عارف علوي چونڊن کي 21 ڏينهن گذرڻ بعد قومي اسيمبلي جو اجلاس سڏائڻ جو اختيار وڃائي ويٺو آهي. هن چيو ته صدر هڪ ڀيرو ٻيهر آئين ٽوڙڻ چاهي ٿو، 21 ڏينهن گذرڻ بعد صدر وٽ اجلاس سڏائڻ جو اختيار نه رهيو آهي . اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته ايوان تڏهن مڪمل ٿيندو آهي جڏهن ميمبرن  جو نوٽيفڪيشن ٿي چڪو هجي . هن چيو ته ايوان ۾ جيڪي ميمبر  موجود هوندا اسپيڪر انهن کي حلف کڻائيندو، صدر کي باعزت طريقي سان اجلاس سڏائڻ گهرجي ها .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.