صدر عارف علوي اجلاس نه گهرائي صحيح ڪم ڪيو: عمران خان

راولپنڊي(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان چيو آهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي اسيمبلي جو پهريون اجلاس نه گهرائي صحيح ڪم ڪيو، اسان جي پارٽي کٽي، خاص سيٽون نٿيون ڏنيون وڃن. اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته پارٽي ظلم سان تباهه ٿيڻ بدران مضبوط پارٽي بڻجي وئي. هن چيو ته 20 سيٽون رکندڙ کي وزيراعظم بڻايو پيو وڃي، چيف اليڪشن ڪمشنر کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. عمران خان چيو ته مشاورت کانپوءِ اڄ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کي خط اماڻيو ويندو، خط ۾ لکندس ته سياسي استحڪام کانسواءِ معاشي استحڪام ممڪن ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.