جنرل باجوا ۽ فيض حميد بدران اسد طور کي هٿڪڙيون لڳيون:حامد مير

اسلام آباد(م ڊ) سينئر صحافي حامد مير چيو آهي ته آئين جي ڀڃڪڙي ڪندڙ باجوا کي هٿڪڙيون لڳيون نه فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ فيض حميد کي  پر اسد طور کي هٿڪڙيون لڳرائي ڪنهن جو سينو ٺريو آهي ته اهو بيوقوف آهي، وڌيڪ ڪيترائي صحافي گرفتارين لاءِ تيار آهن,ڇا آئين اسان کي جج تي تنقيد ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي،هوڏانهن اسلام آباد ۾احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي حامد مير چيو ته بهتر اهو ٿيندو ته  سپريم ڪورٽ شهيد ارشد شريف جي وارثن کي انصاف ڏئي،اسان ارشد شريف جي قاتلن کي سزا ته نٿا ڏئي سگهون پر اسان سندس قاتلن کي سڃاڻون ٿا،ائين نه ٿئي انهن قاتلن جا نالا کڻون ۽ کين پاڪستان ڇڏڻو پوي،اسان پاڪستان نه ڇڏينداسين،هوڏانهن راولپنڊي اسلام آباد يونين آف جرنلسٽس (آر آءِ يو جي) صحافي اسد علي طور جي گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي پيڪا ايڪٽ تحت اظهار جي آزادي جي خلاف ڪارو قانون قرار ڏيندي کيس فوري طور آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.