قومي ڪارڪن هدايت لوهار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ نصيرآباد ۾ ڌار ڌار ريليون

نصيرآباد (رپورٽ:بشيراحمد بروهي) نصيرآباد جي مقتول قومي ڪارڪن ۽ استاد هدايت لوهار جو قتل ڪيس داخل نه ڪرڻ ۽ قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڪالھه جسٽس  فار هدايت لوهار ايڪشن ڪميٽي ۽ پ ٽ الف طرفان ٻارهين ڏينھن به نوناري محلي ۽ مين پرائمري اسڪول کان احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون، ريلي ۾ شھر توڙي ڀرپاسي واري علائقن جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، ڪارڪنن، استادن، عورتن، ٻارڙن، سول سوسائٽي، شھرين ڀرپور شرڪت ڪئي، ريلي ۾ شريڪ ماڻھن کي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جيڪي شھر جي مختلف رستن کان ٿيندا آرٿر پل وٽ پھتا جتي سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي اڳواڻن سورٺ لوهار، سرتاج چانڊئي، ڊاڪٽر محب ڦلپوٽو، اشفاق مسڻ، احمد علي واهوچو، وحيد سيھڙ، عبدالوهاب شيخ خطاب ڪندي چيو ته شھيد هدايت لوهار جو قتل هڪ سوچي سمجھي پلانگ تحت ڪيو ويو آهي جنھن کي قاتل پنھنجي ڊيوٽي تي ويندي سر عام شھيد ڪري فرار ٿي ويا هنن چيو ته پوليس هن وقت تائين نه ايف آءِ آر داخل ٿي ڪري نه ئي قاتلن کي وائکو پئي ڪري پر افسوس ۽ شرم جھڙي ڳالھه اها آهي ته ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ پڻ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي قاتلن کي گرفتار ڪري ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي.02

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.