وفاقي ڪابينا ۾ نوازشريف جا ويجها ساٿي آئوٽ

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) طاقتور حلقن جي زور باوجود پ پ سينيٽ چيئرمين لاءِ يوسف رضا گيلاني کي ميدان ۾ لاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي،نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جو نالو ان ڪري اڳتي آندو ويو ته جيئن ان کي بحث هيٺ آڻي سگهجي،چار مارچ تي نئون وزيراعظم شهبازشريف حلف کڻندو،پهرين مرحلي ۾ ڪابينا مختصر رکي ويندي،نوازشريف جا ويجها ساٿي مرڪز ۾ نظر نه ايندا،جڏهن ته  ٻه ڏينهن اڳ آرمي چيف نگران وزيراعظم ۽ ڪابينا کي ڊنر ڏنو ۽ سندن ٿورو مڃيو، نگران ڪابينا ۾ شامل ڪجهه نالا ايندڙ وقت ۾ به اهم عهدن تي نظر ايندا، صحافي آصف بشير چوڌري چيو ته ايف آءِ اي 8  ڪلاڪ اسد طور کي ويهاري رکيو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان سندس ضمانت منظور نه ٿي، هو ٻيهر ايف آءِ اي ويو ته کيس گرفتار ڪيو ويو، پيڪا ايڪٽ تحت گرفتاري جو چيف جسٽس کي نوٽيس وٺڻ گهرجي،اعزاز سيد چيو ته اسد طور جي گرفتاري چيف جسٽس پاران نه ”ڪنهن “ ٻئي هنڌان ڪرائي وئي آهي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اربع 28 فيبروري 2024 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.