آمريڪا ۾ نئين پاڪستاني حڪومت خلاف مبينه مهم؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پنهنجي ويجهن ساٿين کي چيو آهي ته پاڪستان جي سسٽم ٽن ماڻهن کي آئوٽ ڪري ڇڏيو آهي، هڪ مان، ٻيو نوازشريف ۽ ٽيون آرمي چيف  کي ٻاهر ڪڍيو ويو آهي،اها دعويٰ صحافي عمران شفقت ڪئي آهي، هن جو چوڻ آهي ته پاڪستان مان فرار ٿيل هڪ صحافي معيد پيرزاده سمنڊ پار پاڪستانين کي عمران خان جي حمايت ۾ هڪ وڏي مهم هلائڻ لاءِ تيار ڪري رهيو آهي،هن اها دعويٰ ڪئي آهي ته ٻن آمريڪي سينيٽرن صدر بائيڊن کي خط لکيو آهي ته توهان پاڪستان جي نئين حڪومت کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪريو،پي ٽي آءِ حامي صحافي اها به دعويٰ  ڪري رهيو آهي ته يورپي يونين جا ڪجهه ملڪ،برطانيا ۽ قطر به زرداري ۽ شهبازشريف جي حڪومت تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندا،نئين حڪومت ڊهي پوندي،اهو خط ڪانگريس جي اي ڊيز تيار ڪيو آهي،

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اربع 28 فيبروري 2024 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.