جي ڊي اي جي سڏ تي سنڌ ۾ چونڊ ڌانڌلين ۽ نتيجا تبديل ڪرڻ خلاف مظاهرا

ڪراچي/ حيدرآباد / سکر (نمائندن وٽان) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس (جي ڊي اي) جماعت اسلامي ۽ جي يو آءِ ٻيھر چونڊن جو مطالبو ڪندي چيو آھي ته چوري  ڪيل عوامي مينڊيٽ واپس ڪيو وڃي، ٻي صورت م احتجاجي تحريڪ جو دائرو وڌايو ويندو، جي ڊي اي، جماعت اسلامي ۽ جي يو آءِ طرفان ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ ٻين شهرن ۾ ڪارو ڏهاڙو ملهائي مظاهرا ڪيا ويا، ڪراچي پريس ڪلب اڳيان جي ڊي اي جنرل سيڪريٽري صفدر عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ت 8 فيبروري تي ٿيل چونڊن سبب ملڪ ۾ تاءُ پکڙيل آھي، فراڊ چونڊن کي ڪنھن به صورت ۾ قبول نٿا ڪيون، جيڪڏهن زبردستي ھن نظام کي ھلايو ويو ته ملڪ وڌيڪ نه ھلي سگھندو، پوري ڪراچي کي بند ڪري چورن وانگر حلف کڻايو ويو پرامن قافلن کي روڪي انھن کي تشدد جو نشانو بڻايو، ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم چيو ته اسان جو احتجاج ڀرپور طريقي سان جاري آھي، حر جماعت جون ملڪ لاءِ قربانيون آھن، سپريم ڪورٽ ملڪ دشمن چونڊن جو نوٽيس وٺي، سيد صدرالدين شاھ راشدي چيو ته سپريم ڪورٽ ملڪ دشمن چونڊن جو نوٽيس وٺي پر ڪنھن جي ڪن تي جونءَ نه سُري، جماعت اسلامي جي اڳواڻ اسامه رضي چيو ته رڪارڊ ڌانڌليون ڪري چند ماڻھن کي خوش ڪيو ويو آهي ،8 فيبروري تي عوام جن کي مينڊيٽ ڏنو ويو انھن کان مينڊيٽ کسيو ويو آهي، دهشتگردن کي مڙهيو ويو آهي، حيدرآباد ۾ عام چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلين خلاف جي يو آءِ جي ضلعي اڳواڻ مولانا تاج محمد ناھيون، قومي عوامي تحريڪ جي الطاف خاصخيلي، فنڪشنل ليگ جي جنرل سيڪريٽري رفيق مگسي، ايس يو پي جي جنرل سيڪريٽري روشن ٻرڙو، جماعت اسلامي جي عقيل احمد خان، قومي عوامي تحريڪ جي خادم سمون، پي ٽي آءِ جي ڊويزنل جنرل سيڪريٽري فيصل مغل، محبوب ابڙو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، ھنجراج ڀٽي، اعظم جھانگيري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو، جوهي، دادو ۽ ڀرپاسي وارن شهرن ۾ مبينا ڌانڌلين  خلاف جي ڊي اي جي سڏ تي پڻ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ڪارڪنن ۽ اڳواڻن ڪاريون پٽيون ٻڌي ڪارو ڏينهن ملهايو، جمعيت علماءِ اسلام دوست محمد جمالي، سيڪٽري جنرل غازي  عبدالله،  عبدالحڪيم ٻٻر حاجي صادق لنڊ حافظ غلام حيدر لنڊ، مولانا مير محمد بروهي، حافظ احمد جمالي، قاري ياسين ٻٻر  مولاجا سراج  ٻٻر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نيشنل پريس ڪلب جوهي اڳيان ڌرڻو هنيو هنيو ويو، مٺي ۾ به اليڪشن ۾ ڌانڌلين ۽ ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙ نياڻين تي تشدد خلاف فنڪشنل ليگ جي ضلعي صدر سلطان راڄڙ،جمعيت علماءِ اسلام عزيز الله ساند ۽ ربڏنو ساند جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ٽنڊو محمد خان ۾ جي ڊي اي طرفان ڏنل احتجاجي سڏ جي موٽ ۾ ايس يو پي ، تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن شهر جي مين بس اسٽاپ کان احتجاجي جلوس ڪڍي پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري ڦليلي روڊ تي ڌرڻو هنيو ، احتجاج دوران ايس يو پي جي عمران لغاري ، جمن ملاح ، امتياز نوناري ، تحريڪ انصاف جي لالا حسن پٺاڻ ، سعود فاروقي ، جماعت اسلامي جي پير مسلم جان سرهندي ۽ ٻين خطاب ڪيو، شھدادڪوٽ ۾ آصف مگسي، الله داد خشڪ، امداد سومرو، امداد لوهر، مولانا محمد جان عابد، امتياز شيخ، مجاھد اعواڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، جي ڊي اي مرڪز پاران سموري سنڌ ۾ ڏنل احتجاجن جي سڏ تي عمرڪوٽ ۾ به جناع پارڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب عمرڪوٽ آڏو سخت احتجاج مظاھرو ڪيو ويو، فقير غلام نبي منگريو، فقير حاجي علي بخش منگريو، ليکراج مل مالھي، فقير محب منگريو، ڪامريڊ ميھار بنگلاڻي، ڪامريڊ گل بجير، اعجاز خان، ڪريم منگريو ۽ ٻين خطاب ڪيو، نوابشاهه ۾ به جي يو آ ءِ جي ذاڪر حسين جمالي، ايس يو پي جي گل حسن رند،  مجيب ماڇي، جماعت اسلامي جي سُرور احمد قريشي، ظفر اقبال، فنڪشنل ليگ جي غلام مصطفيٰ جمالي، عبدالستار ڏاھري پي ٽي آئي جي غلام مصطفا رند اي اين پي جي ڪامريڊ علي جان رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ميرپورماٿيلي ۾ به جي ڊي اي اڳواڻن مٺل مهر، اعجاز نائچ، محبوب بوزدار ۽ اربيلو مڱريو جي اڳواڻي ۾ ڌانڌلين خلاف احتجاج ڪيو ويو، پوري سنڌ جيان جيڪب آباد ضلعي ۾ اليڪشن ۾ فراڊ ۽ ڪراچي ۾ پوليس گردي خلاف ڪارو ڏينهن ملهايو ويو، مظاهرا ڪيا ويا، جيڪب آباد جي ٺل، ڳڙھي خيرو، جيڪب آباد ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ جعلي مينڊيٽ، فراڊ اليڪشن، مھا ڌانڌلي ۽ پوليس گردي خلاف يوم سياھ ملھايو ويو، بازوون تي ڪاريون پٽيون ۽ گھرن تي ڪارا جھنڊا ڦڙڪايا ويا ۽ مظاھرا ڪڍيا ويا، بدين ۾ به  يوم سياھ جي ڊي اي سميت مختلف جماعتن پاران ايوان صحافت اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، دلبر سنڌي واحد چانڊيو، يونائيٽيڊ پارٽي جي امير آزاد پنهور، جي يو آءِ جي مولانا محمد اسماعيل خاصخيلي  پي ٽي آئي غلام رسول ميمڻ عزيز بڪاري جماعت اسلامي جي امير سيد مردان علي شاھ ۽ ٻين خطاب ڪيو، نوشهروفيروز ۾ جي ڊي اي جي سڏ تي مولانا عبدالرحمان ڏنگراچ، فقير غلام جان ڏاهري، ارشاد ساند، مولانا رمضان خاصخيلي، خادم سيال، مهر وسطڙو، اڪرم علي پيرزادو، اڪبر راڄپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، جڏهن ته خيرپور، لاڙڪاڻو، نصير آباد، سکر، روهڙي، ٺٽو ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ مظاهرا ڪيا ويا، مظاهرن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پ پ کي ڌانڌلي ذريعي چوٿون ڀيرو اقتدار ڏنو ويو آهي، پ پ وارن سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، عورتن جي تشدد جي مذمت ڪيون ٿا، ملڪ ۾ ٻيهر چونڊون ڪرايون وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.