گورنرشپ لاءِ ٽيسوري جي نالي تي ڪاٽو؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) اقتداري شهر ۾ ڏينهن رات اجلاسن ۾ نئين حڪومت ۾ عهدن ۽ وزارتن جي ورهاست تي بحث جاري آهي، هر ڪو پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪرڻ ۽ عهدا ماڻڻ ۾ مصروف آهي،صحافي محسن بيگ لکيو آهي ته ناڻي واري وزارت اسحاق ڊار کي ملندي نظر نه ٿي اچي، نئون چهرو نظر اچي سگهي ٿو، سنڌ ۾ گورنر شپ لاءِ به مقابلو آهي. سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم جو  گورنر ته هوندو، پر ڪامران ٽيسوري نه هوندو،نگران حڪومت ۾ رهندڙن کي به نئين حڪومت ۾ عهدن جي تلاش آهي، اڳوڻي نگران وڏي وزير کي وفاق جي گهرو صلاحڪار بڻجڻ جي خواهش آهي، هن وقت ڌانڌلي عروج تي آهي. ، بس وڃو ۽ ڏسو ته اڳتي ڇا ٿيندو.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اربع 28 فيبروري 2024 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.