ڀائو زلف صحافت لاءِ رول ماڊل قرار، ان دور جي صحافت تي تحقيق جي ضرورت آهي:ساڃاهه وند

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) صحافت ،ادب ۽ سول سوسائٽي سان لاڳاپيل شخصيتن روزاني عوامي آواز جي ڊپٽي ايڊيٽر امام بخش پيرزادو عرف ڀائو زلف جي صحافتي، سياسي ۽ ادبي ڪاوشن تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته زلف پيرزادو سنڌي صحافت ۾ باقي بچيل پروفيشنل، ايماندار، پڙهيل لکيل نسل جو هڪ وڻ هو، جنهن پنهنجي مسلسل سنجيده صحافتي ڪردار ڪري نئين نسل لاءِ اتساهه جو ذريعو هو. صحافي  زلف پيرزادي جي غم کي قوت ۾ تبديل ڪرڻ جو وچن ڪندي چيو آهي ته سچار صحافين جي کوٽ پيدا ٿيندي پئي وڃي، زلف پيرزادو انقلابي جدوجهد ڪندڙ سياسي ڪارڪن ۽ صحافي رهيو. هنن اهڙو اظهار ڪراچي پريس ڪلب طرفان سندس ياد ۾ ڪوٺايل تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي چيو ته زلف پيرزادو قلم سان پئسا ٺاهيندڙ صحافي نه هو، هن ڪڏهن به پريس ڪلب جي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جي خواهش ظاهر نه ڪئي پر هو متحرڪ هوندو هو، هن چيو ته زلف پيرزادو سنڌ ڌرتي جو عاشق هو، بلوچستان جي مسئلن تي به لکي ڳالهائيندو هو، مسنگ پرسنز تي به باقائده ڳالهائيندو هو ۽ چوندو هو ته انهن جو آواز اٿاريو وڃي نوڪرين جي پرواهه نه ڪرڻ گهرجي، نوڪريون وري به ملي وينديون آهن، هن چيو ته هو ڪامريڊ به رهيو. عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ چيو ته زلف پيرزادي جي غم کي قوت ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهڙو وچن سندس دوستن ۽ اولاد کي به ڪرڻو آهي، هن چيو ته زلف جي تربيت جي ڪري هاڻي زلف اسان کي سندس ٻآرن ۾ نظر ايندو، ذولف جي دوستن کي گهرجي ته هو به غم کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪن، هن چيو ته زلف سان شاگردي جي زماني کان واسطو ٿيو، عوامي آواز ۽ ٻلهڙيجي هڪ ڪيس اسٽڊي آهي، ان تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته اردو توڙي سنڌي پرنٽ ميڊيا ۾ ايم آر ڊي تحريڪ کي ڪوريج نه پئي ملي، ان ڪري عوامي آواز ڪڍي، سهيل سانگي، زلف پيرزادو ۽ ٻيا ڪيترائي صحافي عوامي آواز سان جڙي ويا، زلف ڊسيپلين وارو هو، صحافت جي جديد رجحانن تي ڪم ڪرڻ وارو هو ۽ آخر تائين جستجو ڪندو رهيو، زلف پيرزادو جي نياڻي ورثا پيرزادو چيو ته يقين آهي ته بابا سان ضرور ملاقات ٿيندي، هن اولاد جي تربيت جمهوري انداز ۾ ڪئي، گهر ۾ جمهوريت هئي، هن چيو ته بابا جا گهاٽا دوست رشيد راڄڙ، مهيش ڪمار، ڊاڪٽر جبار خٽڪ ۽ ٻيا هئا، گهر ۾ اڪثر جمهوريت سميت هر موضوع تي بحث ٿيندو هو، هن چيو ته بابا تربيت ڪندي چوندو هو ته صبح کان پوءِ شام ۽ وري رات به ٿيندي آهي، ان ڪري زندگي به ائين آهي، کانئس گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ مليو، سندس هدايت هئي ته ڪيتريون به مشڪلاتون اچن پر مقصدن تي سوديبازي ناهي ڪرڻي، ان تي عمل ڪنداسين. ان تي افسوس ناهي نه ئي کين اهو عمل هو ته هو ايترو تڪڙو هليو ويندو، هن چيو ته زلف پيرزادو شاگرد سياست کان ئي گهڻو متحرڪ هو، هميشه نواڻ جي ڳولا ۾ هوندوهو، بئريسٽر ضمير گهمرو چيو ته زلف سان پڪار اخبار کان ڳنڍيل دوستي ساهه جي آخري سڳي تائين رهي، زلف لٽل ماسڪو جي ٽرينڊ تي پورو لٿو. هن چيو ته زلف سياست کانپوءِ صحافت جو مورچو سنڀاليو، سنڌ ۾ ڪولڊ وار کي تعليم يافته عوام منهن ڏنو آهي، هن چيو ته سنڌ جي وسيلن تي قبضي لاءِ نوان طريقا اختيار ڪيا پيا وڃن، جيڪڏهن اسان جديد گهرجن کي نظر ۾ رکي جدوجهد ڪيون ته گهڻا مسئلا حل ڪري معاشري ۾ بهتري آڻي سگهون ٿا.صحافي مظهر عباس چيو ته 1983 واري دور جا پروگريسو صحافي پيدا  ڪرڻ جي ضرورت آهي، هاڻي صحافت تي پئسو حاوي ٿي ويو آهي، هن چيو ته ڪميونسٽ تربيت وارا صحافي ڪمپرومائيز ڪرڻ وارا نه آهن، اهڙن صحافين ۾ زلف جو شمار ٿئي ٿو، هو خبر جي خبريت کي ڄاڻندو هو، هن چيو ته صحافين جي خبرن کي اصل نکار ته ڊيسڪ وار ڏيندا آهن پر انهن کي ايتري مڃتا نه ملندي آهي، جيڪا کين ملڻ گهرجي. ڪراچي پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري شعيب احمد چيو ته زلف پيرزادو پريس ڪلب جو سرگرم ساٿي هو، شاگرد يونين جي دور جا ماڻهو سٺا صحافي ٿيا، هاڻي شاگرد يونينز تي پابندي لڳائي نئين نسل جي نظرياتي ترقي روڪي وئي آهي. ڊاڪٽر بخش علي جمالي چيو ته زلف معاشري جي خوشين ۽ غگمين ۾ شريڪ هوندو هو، صحافي امتياز فاران چيو ته ادب شاعري سميت هر معاملي تي زلف کي ادارڪ هوندو هو، کلي ڳالهائيندو هو. ڪراچي پريس ڪلب جي نائب صدر عبدالرشيد ميمڻ چيو ته گهڻي سچا صحافي گهٽجندا پيا وڃن، هن وقت ته سٺوصحافي ان کي ٿو سمجهيو وڃي جن وٽ پئسا وڌيڪ آهن.صحافي ارشاد کوکر چيو ته زلف لالچ نه رکندڙ ۽ واضع سوچ رکندڙ کلڻو  ملڻو سچار صحافي هو، صحافي مهيش ڪمار چيو ته زلف سياسي ورڪر کانپوءِ سچو صحافي هو ۽ زندگي ۾ مطمئن رهندڙ انسان هو،  هن اولاد کي اعتماد ڏنو، ان ڪري سندس اولاد اڳيان اڳيان آهي، تقريب کي عبدالله سروهي، ڊاڪٽرتوصيف احمد، ابوالحسن، رشيد ميمڻ، سهيل سانگي، امتياز فاران، الطاف پيرزادو، عنايت پيرزادو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. تعزيتي ميڙاڪي ۾ ڀائو زلف پيرزادي جي نياڻين ورکا پيرزادو ۽ وينگس پيرزادو کانسواءِ، صوفيا، ناشا ۽ سنڌو پيرزادو سميت عورتن پڻ شرڪت ڪئي. عوامي آواز جي ايڊيٽر زرار پيرزادو، جاويد مهر، زيد پيرزادو، جواد پنهور، سارنگ زين چانڊيو، فياض جوکيو، عبدالصمد سولنگي ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ڀائو زلف پيرزادي جي نياڻين ورکا پيرزادو ۽ وينگس پيرزادو کانسواءِ، صوفيا، ناشا ۽ سنڌو پيرزادو سميت عورتن پڻ شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.