سائفر ڪيس: عمران خان۽ شاهه محمود جي اپيل تي ايف آءِ اي کي نوٽيس

اسلام آباد(م ڊ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائفر ڪيس ۾  تحريڪ انصاف جي باني عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي سزائن  جي خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ڪندي ايف  آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ٻڌڻي ڪئي، باني چيئرمين تحريڪ انصاف جي وڪيل بئريسٽر سلمان صفدر ۽ بئريسٽر تيمور عدالت ۾ پيش ٿيا، ان دوران  پي ٽي آءِ باني جون ڀاڻيجو ۽ ٻئي ڀينرون به عدالت جي ڪمري موجود هيون، عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي ۽ سائفر اپيل ۾ ايف  آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، عدالت شاهه محمود قريشي جي اپيل تي ايف  آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

  1. زمان ٽائون ۾ شهري  هٿان مارجي ويل  2 ڦورن جي سڃاڻپ

ڪراچي(رپورٽر) اورنگي زمان ٽائون ۾ شهرين جي فائرنگ سان ٻن ڦورن جي قتل جي معامري ۾ اڳڀرائي ٿي آهي،  ٻنهي  مارجي  ويلن جي سڄاڻپ ٿي وئي آهي، تفصيل موجب واقعو ڪورنگي زمان ٽائون ۾ پيش آيو، جتي ڦر دوران ٻن ڦورن کي  شهرين پڪڙي ورتو، شهري جي تشدد ۽ فائرنگ سان  ٻه ڦورو سخت زخمي ٿي پيا، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو ويو جتي ٻئي  فوت ٿي ويا، ان حوالي سان زمان ٽائون پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ٻنهي ڦورن جي سڄاڻپ ٿي وئي آهي، جن نالا عبدالرحمان  ۽ عبدالخالق آهن، مارجي ويل ڦورو ڪورنگي سيڪٽر 51 ڊي جمع ڳوٺ جا  رهواسي ۽ پاڻ ۾ گهاٽا دوست هئا، ڦورو پنهنجي گهر ڀاتين کي قبرستان جو وڃڻُ جو چئي نڪتا هئا، وارڌاتن جو شهري موقعي تي کين پڪڙي ورتو ته کين پريشاني وچان فائرنگ ڪري ڏني، ڦورن جي فائرنگ سان هڪ شهري حفاظت علي زخمي ٿيو موقعي تي موجود حفاظت علي شهري پنهنجي ذاتي هٿيار سان جوابي  فائرنگ ڪئي، مارجي ويل مبينا ڦورن تان  کسيل موبائل فون، پرس ۽ هٿيار  به  هٿ آيو،  جوابدار فائرنگ کان پوءِ فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا پر رستو نه مليو شهرين جي تشدد ۽ فائرنگ  سان ٻئي ڦورو فوت ٿي ويا پوليس جو چوڻ آهي ته فوتي هڪ ڦورو کي ايندڙ مهيني سعودي وڃڻو هو، جوابدار جي گهر ڀاتين مطابق ٻئي دوست گارمينٽس فيڪٽري ۾ ڪم  به ڪندا هئا، مارجي ويل ڦورن وٽان هٿيار ۽ ڦر ڪيل سامان به هٿ ڪيو ويو آهي،  جن شهرين کان ڦر ڪئي وئي انهن به ڦورن جي سڃاڻپ ڪئي آهي.

  1. چونڊ نتيجن کان پوءِ عمران لاءِ رليف وارو دروازو سندس رويي سبب بند

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)چونڊ نتيجن ۾ توقع جي ابتڙ عمران خان کي وڌيڪ ووٽ پيا ھئا.ان بعد اھو سمجھيو پئي ويو تھ عمران خان کي رليف جي لاءِ ھڪ کڙڪي کلي آهي پر سندس روئي جي ڪري ھاڻي اھا بھ بند ٿي وئي آھي،صحافي جاويد چوڌري جو خيال ھو تھ سندس مينڊيٽ جو احترام ڪندي جتي انھن جون وڌيڪ سيٽون آھن اتي حڪومت جوڙڻ جو موقعو ڏنو وڃي.پ پ پڻ پاڪستان تحريڪ انصاف جي مينڊيٽ جو احترام ڪيو ھو سمجھيو پئي ويو تھ شايد پ پ پ ھن سان گڏجڻ لاءِ اڳتي وڌي رھي آھي. ڪي پي ڪي ۾ علي احمد گنڊاپور کي وڏو وزير نامزد ڪرڻ سان پڪ ٿي تھ عمران خان ھن سسٽم سان گڏ ھلڻ نٿو چاھي. عمران خان رياست کي ڳاڙھي جھنڊي ڏيکارڻ شروع ڪري ڏني آھي.جيڪڏھن ھو سسٽم اندر رھندي تبديلي آڻڻ چاھي ھا تھ اھو بھتر ھو،پر ھو جنھن رستي تي ھلي پيو ان سان پنھنجي پارٽي ۽ پاڻ لاءِ سياسي قبر کوٽڻ شروع ڪري ڏني آھي،هن چيو ته عمران خان کي اسٽيبلشمينٽ سان سرچاءَ وارو ماحول پئدا ڪرڻ گھرجي،پر جيڪڏھن ھن ائين نھ ڪيو تھ سندس جيل ڊگھي ٿي ويندي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.