ڌاڙيلن جو خاتمو پهرين ترجيح هوندي: مراد شاهه

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) سنڌ اسيمبلي مان مراد علي شاهه 112 ووٽ کڻي وڏو وزير چونڊجي ويو،متحده جو اميدوار علي خورشيدي هارائي ويو،  آزاد اميدوارن جو احتجاج، چونڊيل وڏي وزير مراد علي شاهه ٻين صوبن کي ڪارڪردگي ۾ چئلينج ڏيندي چيو آهي ته پ پ ڪارڪردگي جي بنياد تي ايندڙ عام چونڊن ۾ 100 جنرل سيٽون کڻندي، سنڌ کي بدنام ڪرڻ بند ڪري /ڏسو صفحو 7 ڪالم 1

صوبي توڙي ملڪ  جي ترقي لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي، خبر موجب  سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ 2 لڳي 40 منٽن تي 40 منٽ دير سان شروع ٿيو، تلاوت کانپوءِ نئين چونڊيل ميمبر نادر مگسي کي حلف کڻايو ويو، ان بعد اسپيڪر قائد اعوان جي چونڊ جو اعلان ڪيو ۽ ووٽنگ جو عمل شروع ڪيو ويو، جنهن ۾ پ پ جي مراد علي شاهه ۽ متحده جي علي خورشيدي وچ ۾ مقابلو ٿيو، ووٽنگ مڪمل ٿيڻ بعد اسپيڪر اويس قادر شاهه نتيجن جو اعلان ڪيو، جنهن تحت ڪل 148 ووٽن مان مراد علي شاهه 112 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي، سندس مخالف اميدوار علي خورشيدي 36 ووٽ کنيا، جڏهن ته  پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد چونڊيل ميمبرن چونڊ عمل دوران عام چونڊن ۾ ڌانڌلين خلاف اسپيڪر جي ڊائيس آڏو پهچي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي، ان دوران اسپيڪر کين هدايت ڪئي ته احتجاج نوٽ ٿي ويو هاڻي توهان وڃي سيٽن تي ويهي رهو، ووٽنگ دوران احتجاج نه ڪيووڃي، اعتراض آهي ته اليڪشن ڪميشن وڃو، ان بعد احتجاج ڪندڙ پنهنجي سيٽن تي ويهي رهيا.  ووٽنگ دوران پي ٽي  آءِ جي حمايت سان کٽڻ بعد پ پ ۾ شامل ٿيندڙ اعجاز خان جي ووٽ ڏيڻ دوران پي ٽي آءِ جي حمايت ڪندڙ آزاد ميمبرن لوٽا لوٽا جا نعرا هنيا، چونڊ عمل بعد اسپيڪر اويس شاهه نئين چونڊيل وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي مبارڪون ڏنيون، ان بعد ايوان ۾ خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته  پ پ چيئرمين 10 نقاطي ايجنڊا ڏني آهي، جنهن تي عمل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، تعليم، صحت، سوشل پروٽيڪشن، صاف پاڻي جي فراهمي، هاري ڪارڊ، مزدور ڪارڊ، 2 لک غريبن کي 300 يونٽ سولر تحت بجلي، هر ضلعي ۾ يوٿ سينٽر، منشيات جو خاتمو ۽ بي آءِ ايس پي پروگرام تي عمل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پ پ جي چونڊيل ميمبرن جي فارم 45 جي آئون ذميواري کڻان ٿو، حساب ڏيڻ لاءِ به تيار آهيون، اليڪشن جي نتيجن تي اسان کي به خدشا آهن پر اسان ملڪ کي نقصان پهچائڻ نه ٿا چاهيون، مينڊيٽ لاءِ قانون جو سهار وٺنداسين، هن چيوته پ پ اليڪشن جي ٻئي ڏينهن کان ئي چونڊن لاءِ تياري ڪري ٿي، عوام جي نبض جي خبر آهي، ناراض کي پرچائڻ به اچي ٿو، ان ڪري ايندڙ اليڪشن ۾ پ پ ڪارڪردگي جي بنياد تي 100 جنرل سيٽون کڻندي.هن چيو ته ڪراچي کي سنڌ کان ڌار سمجهندڙن کي هاڻي اهو ذهن مان ڪڍي ڇڏين، ملڪ جو مستقبل بلاول ڀٽو آهي، سنڌ جي عوام پهرين کان وڌيڪ سيٽون ڏنيون، هاڻي واقعي خدمت ڪرڻي پوندي هن چيو ته مون گهڻو ڀوڳيو آهي، اڳتي ايوان جي ڪارروائين ۾ ڪجهه ٿيو ته ٻه هٿ ڪري وٺنداسين، پر اسان سڀني کي گڏ کڻي هلڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري واضع ڪري ڇڏيو هو ته مراد علي شاهه کي گرفتار ڪيو ويو ته ان کي جيل مان به وڏو وزير بڻايو ويندو،گرفتارين کان نه ٿا ڊڄون، مثبت تنقيد کي ڀليڪار ڪنداسين پر رڳو برائي ڪئي وڃي ائين نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته بلاول جي صورت ۾ ملڪ جي حالت تبديل ڪرڻ وارو ليڊر موجود آهي، مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان مشڪل حالتن ۾ آهي، دهشتگردي 5 کان 6 مهينن ۾ وڌي آهي، اسٽريٽ ڪرائيم جو مسئلو آهي، ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ آپريشن تڪڙو ڪنداسين، سڀاڻي حلف کڻڻ بعد ٻئي ڏينهن صبح جو 9 وڳي آفيس هوندس، آفيسر به منهنجي ڪم کان آگاهه آهن. مراد علي شاهه چيو  ته ملڪ جو مستقبل اسانجو قائد بلاول ڀٽو زرداري آهي،  ملڪ جي سالميت ۽ استحڪام پهرين ترجيح آهي ان سان گڏ ڪچي جي ڌاڙيلن سميت اسٽريٽ ڪرائم جو خاتمو آڻيندس، ايٽمي قوت جو ڪريڊٽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ان کانپوءِ بينظير ڀٽو کي وڃي ٿو.  هن چيو ته هن اسيمبلي ۾ پنجون ڀيرو بطور عوامي نمائندو چونڊجي آيو آهيان ۽ اسيمبلي ٽيون ڀيرو وڏو وزير چونڊيو آهي. پنهنجي تقرير جي شروعات قرآن پاڪ جي هڪ آيت سان ڪئي جنهن ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي ته ”کين چئو! ته پنهنجي رب کان دعا گهرندا رهو ته سچائي ۽ رضامنديءَ سان اندر آڻيو ۽ سچائي ۽ رضا سان مونکي ٻاهر آڻجان ۽ مون لاءِ ڪا مدد ڪندڙ قوت موڪليو.“ مراد علي شاهه الله تعاليٰ کان دعا ڪئي ته جهڙي ريت الله تعاليٰ 2016ع ۾ مونکي هن اسمبلي ۾ داخل ڪيو اهڙي ريت منهنجو عزت سان وڃڻ به لکيو هجي. هن پنهنجي گهرڀاتين کي ياد ڪندي چيو ته منهنجي والدين جون دعائون ۽ تربيت هميشه مون سان گڏ رهنديون، منهنجو خاندان هميشه ڏکئي وقت ۾ منهنجو ساٿ ڏنو. هن چيو ته مان پنهنجي شهيد قائد محترمه بينظير ڀٽو کي گهڻو ياد ڪريان ٿو، اها ئي هئي جنهن مون کي سياست ۾ آندو. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جيل ۾ هوندي هئي، جڏهن هوءَ ٻاهر ايندي هئي ته مون کي ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو ملندو هو. هڪ ڀيري شهيد محترمه ڀٽو مون کي چيو ته مون کي سياست ۾ حصو وٺندي چونڊون وڙهڻ گهرجن ۽ اڄ مان هن جي مهربانيءَ سان هتي پهتو آهيان. هن چيو ته ادي فريال ٽالپر ڏکيو وقت ڏٺو آهي، کيس عيد جي رات جيل موڪليو ويو ان کانپوءِ صدر زرداري کي به گرفتار ڪيو ويو. هن چيو ته ساڳئي ايوان ۾ ٽن فٽن جي پنڌ تي ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪيون ويون، منهنجي لاءِ چيو ويو ته ڪنهن به وقت گرفتاري جو خطرو آهي پر منهنجي چيئرمين بلاول ڀٽو منهنجي لاءِ چيو ته جيڪڏهن مراد علي شاهه جيل ويندو ته منهنجو وڏو وزير جيل مان ڪم هلندو. هن چيو ته آغا سراج دراني هن اسيمبلي کي جيل مان هلايو ۽ ڪيسن کي منهن ڏيندو رهيو پر منهنجي قيادت ڪڏهن به مايوس نه ٿي ۽ دل نه هارائي. هن پنهنجي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هن ڏکئي وقت ۾ پارٽي کي متحد ڪيو آهي. هن چيو ته مان پنهنجي قيادت جو ٿورائتو آهيان ته مون تي ٻيهر اعتماد ڪيو. مراد علي شاهه چيو ته هي عهدو سنڀالڻ آسان ناهي، الله تعاليٰ کان دعا آهي ته مون کي طاقت ڏئي ته جيئن مان انهن ڏکائين کي منهن ڏئي سگهان. هن سمورن اسيمبلي ميمبرن جي اعتماد ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪندي چيو ته مخالف ڌر سياست ۾ جمهوري روايت کي برقرار رکندي عمل کي اڳتي وڌايو، ڪوشش ڪندس ته ڪم ٻنهي پاسائن کان چڱيءَ ريت سرانجام ڏئي سگهجي. مراد علي شاهه چيو ته ماڻهو اسان جي فتح تي حيران آهن. هڪ صحافي چيو ته توهان ايتريون سيٽون ڪيئن حاصل ڪيون؟ تڏهن مون چيو ته اسان ماڻهن کي چڱي ريت ڄاڻون ٿا، اسان کين نبض پڪڙي ورتي آهي. هن چيو ته اسان کي به اليڪشن تي اعتراض آهن پر اسان قانوني رستو اختيار ڪنداسين، ملڪي سالميت کي خطري ۾ نه وجهنداسين، ملڪ کي هن وقت استحڪام جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان پنهنجيون وڃايل سيٽون واپس وٺنداسين. مراد علي شاهه چيو ته 2024ع جي اليڪشن اسان جا اڳوڻا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، هاڻي اسان کي وڌيڪ خدمت ڪرڻي پوندي. مخالف ڌر مان اميد آهي ته توهان مثبت ڪردار ادا ڪندا، سنڌ اسيمبلي جو جيڪو فورم توهان کي مليو آهي اهو عوام جي خدمت لاءِ استعمال ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ صوبي کي ڪيترائي مسئلا درپيش آهن، سڀ کان پهرين دهشتگردي جو خاتمو اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي.  ڪچي وارا علائقن ۾ آپريشن اسان جي ترجيح هوندي، صوبي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جو مسئلو آهي ان کي حل ڪنداسين. ڊرگ مافيا جو خاتمو ۽ امن امان سميت هر قسم جي مسئلن جو خاتمو پهرين ترجيح هوندي. مراد علي شاهه، نگران وڏي وزير جسٽس مقبول باقر جو ٿورا مڃيندي چيو ته جسٽس باقر پنهنجي ڪابينا سان گڏ سنڌ اسيمبلي آيو آهي، اسان کي خوشي آهي ته اسان جي قيادت ۽ ان وقت جي اپوزيشن گڏجي هڪ بهترين چونڊ ڪئي. جسٽس باقر پنهنجو ڀلي ريت فرض نڀايو. هن چيو ته الله تعاليٰ هن صوبي کي وڏا امتحان ڏنا آهن. اسان ٻوڏ سميت ڪورونا وائرس جهڙين آفتن کي منهن ڏنو آهي. مخالف چون ٿا ته پيپلز پارٽي ڇو کٽي؟ هر هڪ پارٽي کي هڪ ليڊر جي ضرورت آهي ۽ اسان وٽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آهي. ٻوڏ دوران اسان جو چيئرمين هر هنڌ ويو ۽ ماڻهن کانئس گهرن جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته اسان پنهنجي عوام کي ڏکئي وقت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو آهي، اسان کين گهر ڏنا آهن ۽ وڌيڪ تعمير ڪري رهيا آهيون. مراد علي شاهه چيو ته آگسٽ-سيپٽمبر ۾ ٻوڏ آئي ۽ منهنجي ٽيم سميت بيوروڪريسي ڊسمبر ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو ۽ ورلڊ بئنڪ ۽ ٻين ادارن کان ٻه ارب ڊالر گڏ ڪيا. هن چيو ته منهنجي حلقي ۾ 32 هزار گهر آهن، هڪ گهر ۾ چار ڀاتين جي حساب سان هڪ لک 128 هزار ماڻهون ٿين ٿا پر مون کي رڳو 75 هزار ووٽ مليا آهن، رڳو انهن هنڌن وٽان جتي وڃڻ جي ضرورت نه هئي. مراد علي شاهه چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو آئين ڏنو جنهن جي مهرباني سان پاڪستان قائم آهي ۽ آصف علي زرداري هن آئين کي مضبوط ڪيو آهي. مراد علي شاهه هڪ پارٽي اڳواڻ جي تقرير جو حوالو ڏيندي چيو ته هن پنهنجي خطاب ۾ ايٽمي ٽيڪنالاجي جو ڪريڊٽ ورتو آهي ان تي آئون کيس ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اهو ڪريڊٽ اسان جي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ انکانپوءِ شهيد راڻي بينظير ڀٽو کي وڃي ٿو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جي دفاع کي ناقابل تسخير بڻايو تنهنڪري اهو ڪريڊٽ کيس وڃي ٿو. آصف زرداري جو نظريو هو ته جيڪڏهن هن ملڪ کي اڳتي وڌڻو آهي ته آئين کي مضبوط ڪرڻو پوندو ۽ اهوئي سبب آهي جو صدر زرداري پنهنجا سمورا اختيار پارليامينٽ کي منتقل ڪري ڇڏيا. انشاءَ الله ايندڙ مهيني آصف زرداري ٻيهر صدر جو حلف کڻندو، مراد علي شاهه سمورين پارٽين کي آصف زرداري کي ووٽ ڏيڻ جي درخواست ڪئي. هن چيو ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته چونڊيل سنڌ ڪابينا حلف کڻندي عوام جي خدمت ڪندي پنهنجي قيادت کي ڪم ڪري ڏيکاريندي ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ بلاول ڀٽو کي اڪثريت سان وزيراعظم بڻائينداسين. بلاول ڀٽو زرداري ملڪ کي مصيبت مان ڪڍڻ لاءِ 10 نقاطي ايجنڊا پيش ڪيو آهي. اسان کي بلاول ڀٽو کي ملڪ جي اڳواڻي ڪرڻ جو موقعو ڏيڻو پوندو. وڏي وزير چيو ته اسان جنهن 10 نقاطي ايجنڊا جو ذڪر ڪيو آهي ان جو آغاز سنڌ صوبي ۾ ٿي چڪو آهي.  هن چيو ته اسان جو ملڪ سخت مهانگائي ۽ بيروزگاري جو شڪار آهي جنهن تي بلاول ڀٽو چيو ته پنجن سالن ۾ پگهارون ٻيڻيون ڪيون وينديون. اسان 35000 بنيادي پگهار جو مطالبو ڪيو جنهن تي ٻين صوبن تمام گهڻو دٻاءُ وڌو ته اهو نه ٿي سگهندو پر اسان پنهنجي واعدي تان پوئتي نه هٽياسين ۽ ان وقت جي وزيراعظم سڄي ملڪ ۾ مطالبي جو اعلان ڪيو.  هن چيو ته هن سنڌ ۾ 2 لک گهرن لاءِ سولر انرجي پروجيڪٽ شروع ڪيو آهي ان کي اڳتي وڌائينداسين. سڄي پاڪستان ۾ اسان جو صوبو صحت جي حوالي سان اڳتي آهي جتي سڄي ملڪ مان ماڻهو علاج لاءِ اچن ٿا.  هن چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ 2 لک گهر ٺاهيا ويا آهن ۽ هاڻي اسان غريبن لاءِ به گهر ٺاهي رهيا آهيون. سنڌ ۾ هاري ڪارڊ شروع ڪيو ويو آهي، ٻوڏ دوران ٻج ۽ ڀاڻ لاءِ پيسن ڏيڻ لاءِ زميندارن ذريعي هاري پروگرام بڻايو. مراد علي شاهه پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسان سنڌ جي عوام کي اميدون ڏنيون آهن ۽ ڪارڪردگي ڏيکاري آهي جنهن لاءِ اسان کي ووٽ مليا آهن. ۽ انشاءَ الله پنهنجي ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ايندڙ ڀيري جنرل سيٽن جي سينچري ڪنداسين. هن چيو ته سماجي تحفظ کاتي پاران بک جي خاتمي واري پروگرام تي گهڻو ڪم ڪيو ويو آهي ۽ ان کي اڳتي وڌائينداسين. هن چيو ته بلاول ڀٽو سڄي سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جو منصوبو آڻڻ چاهي ٿو، انشاءَ الله ان تي ڪم ڪنداسين. مراد علي شاهه ڪراچي بابت مخالف ڌر کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن ڪراچي کي اوهان کان وڌيڪ نه ته گهٽ به نٿو ڄاڻان. ڪراچي شهر، پيپلز پارٽي جي ميئر کي چونڊيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن جي ذهن ۾ اها ڳالهه آهي ته هو ڪراچي کي سنڌ کان الڳ سمجهن ته ان کي ختم ڪري ڇڏي. اچو ته گڏجي هن شهر ۽ صوبي لاءِ ڪم ڪريون. هن چيو ته هن اسمبلي جو جيڪو به مخالف ڌر جو اڳواڻ ٿيندو ان کي پاڻ سان گڏ کڻي هلندس، جيڪڏهن مخالف ڌر غلط روايتون برقرار رکندي ڪم نه ڪري سگهنداسين.  پنهنجي خطاب جي آخر ۾ مراد علي شاهه فلسطين ۽ ڪشمير تي ٿيندڙ ظلم/ڏاڍ جي مذمت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.