صدر اجلاس نه گهرائي آئيني بحران پيدا ڪرڻ چاهي ٿو: شيري رحمان

اسلام آباد ( م ڊ ) پ پ اڳواڻ ۽ سينٽر شيري رحمان چيو آهي ته  صدر اجلاس نه گهرائي آئيني بحران پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، ڊاڪٽر عارف علوي وارو سڄو دور تڪراري رهيو آهي، هن صدارتي عهدي جي پاسداري ناهي ڪئي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيري رحمان جو چوڻ هو ته  صدر کي قومي اسمبلي جو اجلاس گهرائڻ لاءِ سمري موڪلي وئي هئي، پر هن سمري تي صحيح ڪرڻ کان پهريان مخصوص سيٽن  جو نوٽيفڪشن جاري ڪرڻ وارو شرط رکي آئيني بحران پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ، سندس چوڻ هو ته صدر عارف علوي وڃڻ کان پهريان ڪنهن به غير آئيني قد م کڻڻ کان پاسو ڪري.

  1. علي امين گنڊاپور پاران آزاد حيثت ۾ وڏي وزير جي چونڊ ۾ بيهڻ جو اعلان

پشاور ( م ڊ ) تحريڪ انصاف جي  اڳواڻ علي امين گنڊه پور ڪي پي ڪي جي وڏي جي  چونڊن ۾ آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، علي امين گنڊه پوري سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت اختيار ناهي ڪئي،  هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي  پي ٽي آءِ اڳواڻ شوڪت يوسف زئي تصديق ڪندي چيو آهي ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ علي امين گنڊه پور سني اتحادڪائونسل ۾ شموليت ناهي ڪئي، ۽ هن آزاد اميدوار طور اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ وزيراعليٰ جي چونڊ ۾ به آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهندو، هن  ٻڌايو ته علي امين  پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن ۾ صوبائي صدر لاءِ به ڪاغذ  جمع ڪرايا آهن، سني اتحاد ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ هو پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن ۾ حصو نه وٺي سگهي ها.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.