مراد علي شاهه معيشت جو ماهر ۽ انجنيئرنگ ڊگري هولڊر

ڪراچي (رپورٽر )پاڪستان پيپلز پارٽي جو اڳواڻ مراد علي  شاهه لاڳيتو ٽيون ڀيرو سنڌ جو وڏو وزير چونڊجي ويو. سيد مراد علي شاهه جو تعلق سيوھڻ تعلقي سان آهي ۽ هو پيپلز پارٽي جي مرحوم اڳواڻ ۽ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله علي شاهه جو فرزند آهي، جيڪو 1993ع کان 1996ع تائين سنڌ جو وڏو وزير پڻ رهيو. مراد علي شاهه پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو،  سندس جنم 1962ع ۾ ڪراچي ۾ ٿيو. مراد علي شاهه 1986ع ۾ واپڊا کاتي ۾جونيئر انجنيئر جي حيثيت سان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ 2002ع جي عام چونڊن ۾ پهريون ڀيرو ڄامشورو جي تڪ پي ايس 73 تان سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو، اهڙي طرح سندس سياسي ڪيريئر جي شروعات ٿي. پيپلزپارٽي جي قيادت اڳيان اعتماد بحال ڪرائيندي ٽيون ڀيرو وڏ وزارت واري اھم منصب حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آھي،سياست ۾ قدم رکڻ کان اڳ هو انجنيئرنگ ۽ بئنڪنگ جي شعبي جو وسيع تجربو رکي ٿو،مراد علي شاهه کي وفاقي،صوبائي حڪومت ۾ نوڪرين سان گڏوگڏ نجي شعبي جو به تجربو رهيو آهي، هو واپڊا، پورٽ قاسم اٿارٽي،حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي ۾ انجنيئرنگ جي شعبن سان جڙيل رهيو، بعد ۾ سٽي بئنڪ ۾ ڪراچي،لنڊن ۽ گلف انويسٽمينٽ ڪارپوريشن(ڪويت) سان به ڳنڍيل رهيو،والد جي بزرگي ۽ بيماري جي ڪري سياست مراد علي شاهه کي وراثت ۾ ملي، انجنيئرنگ ۽ ماليات جو پس منظر هئڻ ڪري هو سنڌ جي صوبائي کاتن جي معلومات به سٺي ريت رکندو آهي جڏهن ته وفاق ۽ پنجاب سان سنڌ حڪومت جي وسيلن ۽ پاڻي جي ورڇ جي معاملي ۾ به کيس مهارت حاصل آهي،وفاق ۾ ن ليگ جي حڪومت هجي يا تحريڪ انصاف جي انهن ٻنهي سان ئي هن جو ورڪنگ لاڳاپو بهتر رهيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.