چونڊ ڌانڌليون: جي ڊي اي پاران اڄ ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو

ڪراچي ( رپورٽر ) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس (جي ڊي اي) جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم چيو آھي تھ پاڪستان جي تاريخ ۾ بدترين ۽  فراڊ واري چونڊ خلاف جي ڊي اي تحريڪ وڌيڪ تيز ڪري ڇڏي آھي، سموري  سنڌ ۾ اڄ 27 فيبروري تي ڪارو ڏينھن ملھايو ويندو. سردار عبدالرحيم ڪارڪنن کي ھدايت ڪئي آھي تھ اھي پنھنجو احتجاج روايتي انداز ۾ پرامن ڪرڻ کي يقيني بڻائين، پر ڪير بنا سبب رڪاوٽون وجھي تھ اتي ئي ڌرڻو ھنيو وڃي،هن چيو تھ اسان ڪنھن بھ صورت ۾پوليس گردي برداشت نھ ڪنداسين، جيڪڏھن اسان جي پرامن مظاهرين خاص طور عورتن کي پريشان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي تھ پوءِ گذريل ڏينھن تھ رڳو احتجاج ڪندي ڪراچي جا روڊ بند ڪيا ويا ھئا،  ھاڻي سموري سنڌ بند ٿي ويندي. ھن چيو تھ اسان پنھنجي ھڪ بھ ڪارڪن کي گرفتار ٿيڻ نھ ڏينداسين،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.