نگران حڪومت جون ڪهڙيون ڳالهيون ياد ڪجن

تحرير: غلام حسين جوڻو

نگران حڪومت ، جيئن ئي وجود ۾ آئي. عوام ۾ ڪجهه اميدون پيدا ٿي پيون ته ، اها مهانگائي ، بدامني ، رشوت خوري ۽ ڪرپشن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺندي. پر، عوام جون اميدون خاڪ ۾ ملي ويون. ماڻهن جا خواب اڻپورا رهجي ويا. حالتون اڳئين کان به وڌيڪ خراب ٿي ويون. حڪومت جيڪي به قدم کنيا. تن مان ڪو به ماڻهو راضي ڪونه رهيو. سڀ ماڻهو تنقيد ڪندا رهيا. بدترين حڪمراني جي دور ۾ ، عوامي سور وڌندا ويا. نتيجي ۾ عوام سراپا احتجاج بنجي ويو. ملڪ مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي ويو. معاشي حالت خراب ٿيندي ويئي. رياست جو ڪاروهنوار ٻاهرين قرضن تي هلڻ لڳو. ڄاڻايل دور ۾ وڌ ۾ وڌ عوامي احتجاج رڪارڊ ڪيا ويا. اها ڳالهه پرڏيهي ملڪ به مڃي چڪا آهن. جنهن کان هر مشاهدو ڪندڙ اک به انڪار ڪونه ڪري سگهندي.

مٿيون سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي هڪ حقيقت آهن. پر، نگران حڪومت اهو وڏو احسان ڪيو آهي جو ، عام چونڊون ڪرائي عوام کي روڊن ، رستن ۽ پريس ڪلبن ڏانهن آڻڻ تي مجبور ڪيو. چونڊن ۾ شفافيت ڏسڻ ۾ ڪونه آئي. حد کان وڌيڪ بي قاعدگيون ڪيون ويون. رڪارڊ ٽوڙ ڌانڌلي ڪرائي ويئي. جنهن جو مثال دنيا ۾ ڪٿي به ڪونه ٿو ملي. فارم 45 ۽ 47 ۾ نتيجن کي ڦيرايو ويو. هارائيندڙ اميدوار ڪامياب قرار ڏنا ويا ۽ ڪاميابي ماڻيندڙ اميدوار ناڪامياب اميدوارن ۾ شامل ٿي ويا. نتيجن کي اهڙو ته ٽيڪنڪ سان ڦيرايو ويو جو عوام کي ڏيندين آڱريون اچي ويون. ماڻهو حيران ٿي ويا. ڪيترن هارائيندڙ اميدوارن ته عدالت جو دروازو کڙڪايو آهي. پوءِ کيس انصاف ملي يا نه ملي. انهن لاءِ اهو آخري سهارو آهي. عدالت جي فيصلي کان پوءِ کين خاموشي اختيار ڪرڻي پوندي. چپ ڪري ويهڻو پوندو. هاڻ ، عدالت کي ئي اهڙن ميمبرن جي قسمت جو فيصلو ڪرڻو آهي. باقي نگران حڪومت ۽ ان جي ماتحت اليڪشن ڪميشن ، پنهنجا ڪرتب ڏيکاري ڇڏيا آهن. سندن اهڙي ڪارنامي کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. پر، هميشه ياد رکيو ويندو.

ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن چئي رهي آهي ته ، ڄاڻايل سموريون چونڊون صاف ۽ شفاف ٿيون آهن. ان تي شڪ ڪرڻ نه گهرجي. پنهنجي ناقص ڪارڪردگي کي لڪائڻ ۽ جان ڇڏائڻ لاءِ اهڙو بيان جاري ڪيو ويو آهي. تنهن هوندي به اليڪشن ڪميشن جي جند بلڪل به آجي ٿي نه ٿي سگهي. اها ، تنقيد جي نشاني تي آهي. جڏهن ته نگران حڪومت به اهو موقف اختيار ڪيو آهي ته چونڊون مڪمل طرح صاف ۽ شفاف ٿيون آهن. نگران حڪومت جو به اليڪشن ڪميشن وارو ساڳيو موقف آهي. جنهن کي ملڪ جا رهواسي رد ڪري چڪا آهن ۽ ان جي خلاف احتجاج ڪيا پيا وڃن. پر، حڪومت ۽ ڄاڻايل ڪميشن تي عوامي رد عمل جو ذرو به اثر ڪونه ٿيو آهي. جنهن ڪري انهن احتجاجن ۽ ڌرڻن ڏانهن ڪو به توجهه ۽ ڌيان ڪونه ڏنو پيو وڃي.

اهڙي اليڪشن ڪرائڻ کان پوءِ جمهوري حڪومت قائم ته ٿيندي. پر، سمجهه ۾ اچي ٿو ته اها ايتري پائيدار ڪونه هوندي ۽ مضبوط حڪومت قائم ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. اها لولي ۽ لنگڙي حڪومت هوندي. باقي ان کان اڳتي ڪجهه به ڪونه هوندو.

نگران حڪومت ، پنهنجي دور ۾ وقفي ، وقفي سان شين جا اگهه وڌائيندي رهي. خاص ڪري تيل ، پيٽرول ، گئس ۽ بجلي جي قيمتن ۾ اضافو ڪندي رهي. جنهن ڪري هر شيءِ جو اگهه به وڌندو رهيو. روزانه استعمال ٿيندڙ شيون جهڙوڪ اٽو ، چانور ، کير ، چانهه ، گيهه ، گوشت ، مڇي ، ڀاڄيون ، کنڊ ، صابڻ ، دوائن وغيره جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳيون آهن. اهي شيون غريب جي خريد ڪرڻ جي وس کان گهڻيون مٿي ٿي ويون آهن. مذڪوره دور ۾ غربت ۾ گهڻو اضافو ٿيو آهي. عام ماڻهو لاءِ ڪيتريون ئي ڏکيائيون پيدا ٿي پيون. جن کي منهن ڏيڻ به ڏاڍو مشڪل هو. ملڪ ۾ ڪا به اهڙي شيءِ ڪانه آهي. جنهن جو اگهه گهٽيو هجي يا عوام کي ڪا رعايت ۽ ڇوٽ ملي هجي. عوام مهانگائي جي چڪي ۾ پيسبو رهيو. پر، حڪومت کي ان ڳالهه جو ڪو به احساس ڪونه ٿيو. غريب ۽ مسڪينن تي رحم ڪونه آيو. غريبن ۽ مفلس ماڻهن لاءِ ڪنهن به قسم جي رليف پيڪيج جو اعلان ڪونه ڪيو ويو. انهن جي واهر ۽ مدد نه ڪرڻ ڪري عوام وڌيڪ پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويو. ٻه ويلا ماني کائڻ لاءِ پريشان ۽ ملول ٿي ويو. حڪومت ڪمري ۾ ويهي عوام دشمن پاليسيون ٺاهيندي رهي. پر، پاليسين ٺاهڻ مهل عوام جي حالت تي غور ڪونه ڪيو ويو. عوام جي مسئلن ۽ مشڪلاتن کي مڪمل طرح نظرانداز ڪيو ويو. عوام رڙيون ڪندو رهيو. پر، حڪومت ٻوڙن ۽ انڌن وارو ڪردار ادا ڪندي رهي.

بجلي ۽ گئس جا اگهه وڌائڻ ڪري صارفين وٽ ڳرا بل اچڻ لڳا. اهڙا ڳرا بل جاري ڪيا ويا جو غريب ويچارا بلن جي رقم ادا ڪرڻ لاءِ پريشان ٿي ويا. ڳرن بلن ڏيڻ جي باوجود به گئس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ وڌائي ويئي. گئس اڪثر ڪري رڌ پچاءَ جي وقت غائب رهي. جنهن ڪري کاڌو تيار ڪرڻ مهل وڏي دقت ۽ تڪليف ٿيندي رهي. گئس ڪلاڪن جا ڪلاڪ غائب آهي. اوچتو مهمان مڙا اچڻ سان ، سندن لاءِ ماني تيار ڪرڻ لاءِ وڌيڪ پريشاني پيدا ٿيو پوي. هن وقت ٻيلا وڍجي چڪا آهن. جنهن ڪري جلائو ڪاٺ به ڪونه ٿو ملي. گئس جا سلينڊر به مهانگا آهن. ڪوبه غريب هن مهانگائي جي دور ۾ اهو اضافي خرچ برداشت ڪري ڪونه ٿو سگهي. غرض ته ، نگران حڪومت ۾ گئس جا ڳرا بل اچڻ لڳا ۽ لوڊشيڊنگ ۾ اضافو ڪيو ويو. اها حڪومت جي ڪا چڱي ڪارڪردگي ڪونه رهي. بلڪل اهڙي طرح بجلي جا ڳرا بل اچڻ ته مهيني جو معمول آهي. پر، نگران حڪومت ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو وقت به وڌايو ويو. منهنجو تعلق ٻهراڙي سان آهي. مون ڏٺو ته ڳوٺن ۾ بجلي ڪلاڪن جا ڪلاڪ غائب رهي. ڪن ڳوٺن ۾ ته پندرهن کان ويهن ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ڪئي ويئي. جيڪا اڄ به جاري آهي. هلندڙ مشينون بيهي ويون. جهڙوڪ اٽي مشينون ، ٽيوب ويل ۽ پاڻي جا موٽر وغيره ڪونه هلي سگهيا. ڪارخانيدار ۽ صنعت ڪار به ٻئي هٿ مٿي تي ڏيئي ويٺا رهيا ۽ انتظار ڪندا رهيا ته ڪنهن مهل ٿي بجلي اچي جو ، هو پنهنجو ڪارخانو هلائين ۽ ڪاروبار شروع ڪن. بجلي ۽ گئس جي فراهمي بنيادي سهولتن ۾ اچي ٿي. جيڪا عوام کي ترجيحي بنيادن تي ڏيڻ گهرجي. وقت جي حڪمرانن جي اها ذميواري آهي ته ، بجلي ۽ گئس ڏيئي عوام لاءِ آسانيون پيدا ڪري. پر، مذڪوره حڪومت ان ڏس ۾ مڪمل طرح فعل ۽ ناڪامياب ٿي آهي.

ملڪ ۾ ، امن و امان جي صورتحال انتهائي خراب رهي. خاص ڪري سنڌ صوبي ۾ بدامني وڌي ويئي. چوريون ، ڌاڙا ، ڦرون ، اغوائون ، قتل و غارتگري جي بازار گرم رهي. ايتري قدر جو سنڌ جي اترئين علائقن ۾ ڌاڙيل آزادي سان قهري ڪارروايون ڪري رهيا هئا. پر انهن تي ضابطو ڪونه آندو ويو. ڌاڙيل پڪڙجي يا مارجي ڪونه سگهيا. نگران حڪومت صرف آفيسن ، دفترن ۽ ڪمرن تائين محدود ٿي ويئي. جنهن ڪري ايئن محسوس ٿي رهيو هو ته ، حڪومت نالي ڪا به شيءِ ڪونه آهي. حڪمران رڳو روزانه پنهنجا نوان بيان جاري عوام کي اعتماد وٺڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا. مطلب ته نگران حڪومت به ڪو ٻوٽو ڪونه ٻاريو. ان حڪومت جي اچڻ سان جيڪي اميدون پيدا ٿيون سي آهستي ، آهستي ختم ٿينديون ويون. عوام جو اعتماد بحال ڪونه ٿيو. سنڌ ۾ تعليم ۽ صحت سان گڏو گڏ هر، کاتو ۽ ادارو تباهي جي طرف ويندو رهيو. انهن ۾ ڪو به سڌارو ڪونه آندو ويو. سنڌ جون اڳ ۾ ئي حالتون خراب هيون. ويتر نگران حڪومت اڳيون نور به چٽ ڪري ڇڏيو.

ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ، نگران حڪومت سنڌ جي هزارين ايڪڙ زرعي زمين حساس ادارن جي حوالي ڪري ڇڏي آهي. اهو، فيصلو نگران حڪومت کان اڳ واري حڪومت ڪيو هو. صرف ان جو اعلان نگران حڪومت کان ڪرايو ويو. اها، سنڌ سان وڏي دشمني آهي. جڏهن ته ڄاڻايل زمين سنڌ جي هارين ۽ آبادگارن کي ڏني وڃي ها ته بهتر ٿي پوي. ها، تنهن کان علاوه منشيات جوڪاروبار به وڌيل رهو. نشي آور شيون سرعام وڪرو ٿيڻ لڳيون. جنهن ڪري معاشري تي ناڪاري ۽ منفي اثر پيا. نوجوان طبقو گهڻو متاثر ٿيو ۽ اهو نشي آور شيون استعمال ڪري موالي ٿي پيو آهي. اڳ ۾ اهڙو لاڙو گهڻو رهيو. ويتر نگران حڪومت ۾، اهو تيز ٿي ويو. هاڻ زيڊ 21 ، چرس ، ڀنگ ، آفيم ۽ شراب وغيره جو نشو عام ٿي ويو آهي. جنهن جي روڪٿام ڏاڍي ڏکي آهي. ان کانسواءِ غير قانوني هٿيارن ۾ به وڏي پئماني تي واڌ آئي جنهن ڪري باهمي جهيڙا ٿيندا رهيا. مطلب ته نگران حڪومت عوام جي ڀلائي لاءِ ڪو به خاطر خواهه قدم ڪونه کنيو. عوام مشڪلاتن ۾ ڦاسندو ويو. هاڻ ڏسجي ته جمهوري حڪومت عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ دلچسپي وٺي ٿي يا ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه جي چوڻي موجب ڪم ڪرڻ کي اوليت ڏيئي ٿي. اهو به سڀ ڪجهه چند ڏينهن اندر معلوم ٿي ويندو.

 

 

نگران حڪومت ، پنهنجي دور ۾ وقفي ، وقفي سان شين جا اگهه وڌائيندي رهي. خاص ڪري تيل ، پيٽرول ، گئس ۽ بجلي جي قيمتن ۾ اضافو ڪندي رهي. جنهن ڪري هر شيءِ جو اگهه به وڌندو رهيو. روزانه استعمال ٿيندڙ شيون جهڙوڪ اٽو ، چانور ، کير ، چانهه ، گيهه ، گوشت ، مڇي ، ڀاڄيون ، کنڊ ، صابڻ ، دوائن وغيره جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳيون آهن. اهي شيون غريب جي خريد ڪرڻ جي وس کان گهڻيون مٿي ٿي ويون آهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.