مورو (رپورٽ: جاني مورائي) موري ۾ قومي شاھراھ ٽيون ميل قلندري پيٽرول پمپ وٽ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڊرائيور جاويد اعواڻ قتل ٿي ويو، مقتول جو لاش مورو اسپتال آندو ويو، جتي ٽرالر سان گڏ ھيلپر ٻڌايو ته اسان ڪراچي کان لاھور طرف وڃي رھيا ھئاسين گاڏي مورو نيشنل ھاءِ وي ٽي ميل وٽ خراب ٿي بيھاري ته ڦورن اچي ڦر جي ڪوشش ڪئي ڦورن جي فائرنگ ۾ استاد جاويد علي اعواڻ قتل ٿي ويو، مورو پوليس چيو ته اسان واقعي جي جاچ ڪري رھيا آھيون، ڪنھن کي بخش نه ڪيو ويندو، جلد قاتلن کي گرفتار ڪنداسين.