ايم ڪيو ايم پاران پارٽي موقف نه مڃڻ جي صورت ۾ اپوزيشن ۾ ويهڻ جو فيصلو

ڪراچي( رپورٽر)متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پارٽي جو اصولي موقف نه مڃڻ جي صورت ۾ اپوزيشن ۾ ويهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ن ليگ سان ڳالهين جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. رابطا ڪميٽي جي ميمبرن جي راءِ هئي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جو اصولي موقف قبول ناهي ته پوءِ ان کي اپوزيشن ۾ ويهڻ گهرجي.پارٽي اجلاس دوران ڏنل بريفنگ ۾ چيو ويو ته ايم ڪيو ايم جو اصولي موقف آهي ته سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري کي مقرر ڪيو وڃي. ذريعن موجب بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جو آئيني ترميم تي ان جو اصولي موقف آهي، ذريعن موجب رابطا ڪميٽي ايندڙ ڏينهن ۾ مسلم ليگ ن سان ڳالهين کانپوءِ حتمي فيصلو ڪندي .  ٻئي پاسي ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال جو چوڻ آهي ته بهتر اهو آهي ته حڪومت جو حصو نه بڻجون، ملڪ کي ڏکي مرحلي مان ڪڍڻو آهي ته برائي سر تي کڻڻو پوندو، هن چيو ته ن ليگ سان ڳالهائين ۾ ڪو به ڊيڊ لاڪ ناهي،  ڳالهيون بهتر انداز ۾ هلي رهيون آهن،مصطفيٰ ڪمال وڌيڪ چيو ته اسان اهڙي ذميواري وٺڻ چاهيون ٿا ته جئين پنهنجن ماڻهن جا مسئلا حل ڪري سگهون،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.