لاهور (ويب ڊيسڪ) وزير اعليٰ پنجاب جي چونڊ تي تحريڪ انصاف جو ردعمل سامهون آيو آهي.
تحريڪ انصاف ترجمان چيو آهي ته غير آئيني پنجاب اسيمبلي جي سيٽن تي ويهندڙ اڄ پنجاب جي هڪ جعلي وزير اعليٰ جي چونڊ ڪري رهيا آهن، ورهين کان ڦرلٽ ڪندڙ خاندان اڄ وري ڦرلٽ جي بازار گرم ڪرڻ لاءِ سرگرم آهي.
تحريڪ انصاف ترجمان موجب پوليس طرفان اسيمبلي ٻاهران ڪرفيو لاڳو ڪري تحريڪ انصاف جي نامزد اميدوار ۽ چونڊيل ميمبرن کي اجلاس ۾ شرڪت کان روڪڻ غير آئيني ۽ شرمناڪ آهي، هڪ شڪست کاڌل عورت کي اقتدار جي ڪرسي تائين پهچائڻ لاءِ عوام جو مينڊيٽ چورائڻ کانپوءِ هاڻ ايوان جو تقدس پامال ڪيو پيو وڃي.
ترجمان چيو ته مريم نواز کي عوام جي مرضي خلاف وزارت اعليٰ جي ڪرسي جي خواهش ڪندي شرم اچڻ گهرجي، عوام جعلي وزير اعليٰ جي صورت ۾ پنهنجي مينڊيٽ جي توهين ڪنهن به صورت برداشت نه ڪندو، ڌانڌلي سان آيل حڪومت گهڻي دير نه هلي سگهندي.
”عوام جي مرضي خلاف وزير اعليٰ جي ڪرسي جي خواهش ڪندي مريم نواز کي شرم اچڻ گهرجي“
You might also like