شير افضل بئريسٽر گوهر سان ڀاڪر پائي شڪايتون ختم ڪري ڇڏيون، وڊيو وائرل

اسلام آباد(م ڊ)شير افضل مرورت شير افضل سان ملاقات ۾ ڀائر پائي سڀ شڪايتون ختم ڪري ڇڏيو، جيڪي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، تفصيل موجب هن  کان اڳ 24 فيبروري تي ڊان نيوز تي خبر سي خبر ۾ شير افضل مروت  پي  ٽي آءِ چيئرمين گوهر علي خان تي تنقيد ڪئي هئي، هن چيو ته بئريسٽر گوهر تي انٽرا پارٽي اليڪشن لاءِ چيئرمين شيپ تان ان لاءِ هٽايو ويو ڇو ته ان جي  ڪارڪردگي مطمئن  ڪندڙ نه هئي، هن چيو هو ته بئريسٽر گوهر عيل خان کي چيئرمين شپ عهدي تان هٽائڻ جي پٺيان سندس نااهلي ۽ خراب ڪارڪردگي آهي، پارٽي آفيس هلائڻ لاءِ هر وقت متحرڪ رهڻو هوندو آهي، پر ائين نه ٿيو شير افضل مروت پاران ان بيان تي تحريڪ انصاف کيس شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي 2 ڏينهن  ۾ معافي نامو جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي هئي، جواب نه ڏيڻ يا مطمئن نه ڪرڻ  جي جواب جي صورت ۾ پارٽي پاليسي مطابق ايڪشن کنيو ويندو، پارٽي پاران شوڪاز نوٽيس ڏيڻ کان پوءِ شير افضل مروت بئريسٽر گوهر سان پي ٽي آءِ آفيس ۾ ملاقات ڪئي ۽ ان سان ڀاڪر پائي مليو ۽ مٺي ورتي، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي، ان  موقعي تي شير افضل چيو ته بئريسٽر گوهر پارٽي جو اهم اڳواڻ آهي، ميڊيا تي اسان جي اختلافن جي بي بنياد خبرون هلي رهيون آهن اسان جي وچ ۾ ڪوئي اخلاف ناهي، هن چيوته بئريسٽر گوهر علي لاءِ  نااهل جو لفظ استعمال ناهي ڪيو، هن چيو ته هو پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ته ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ڪو به اختلاف ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.