ايم ڪيو ايم حلف برداري کان اڳ وزارتن جا معاملا طئي ٿيڻ جي خواهشمند

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ ن ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان وچ ۾ اقتدار جي حصيداري واري معاملي تي ڳالهين ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي.ذريعن موجب ن ليگ چاهي ٿي ته وزيراعظم جي حلف برداري کانپوءِ معاملا طئي  ٿي وڃن، ن ليگ اڃا وزارتن لاءِ نالا فائنل نه ڪيا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم حڪومت ۾ 5 کان 6 وزارتون چاهي ٿي، ايم ڪيو ايم پاڪستان کي اهڙيون وزارتون گهرجن جنهن سان شهرين جا مسئلا حل ڪري سگهي.ايم ڪيو ايم ذريعن موجب ايم ڪيو ايم جو ميمبرن جي تناسب سان وڌيڪ حق بڻجي ٿو، ايم ڪيو ايم شروع ۾ ئي وزارتن جا نالا ڏنا هئا.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم ميري ٽائم، توانائي يا پيٽروليم، مواصلات واري وزارتن ۾ دلچسپي رکي ٿي، ان کان علاوه ايم ڪيو ايم ليبر، اوور سيز ۽ هائوسنگ جون وزارتون به چاهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.