ڪراچي (رپورٽر) رمضان شريف جي اچڻ کان اڳ ئي ناجائز منافعي خورن صحت جي اصولن کي پاسي تي رکندي ڪروڙين روپين جا صحت لاءِ هاڃيڪار چڻا ٻاهران گهرا ورتا آهن، رمضان البارڪ جي آمد ويجهو آهي، هن مبارڪ مهيني ۾ چڻي جو استعمال وڌي وڃي ٿو، جنهن سبب لاڳاپيل ڪاروباري ماڻهو رمضان شروع ٿيڻ کان اڳ ئي اسٽاڪ ڪن ٿا، جڏهن ته اطلاعن آهن ته ناجائز منعافي خورن هن سال رمضان کان اڳ ڪروڙين روپين جا صحت لاءِ هاڃيڪار چڻا ٻاهران گهرائي ورتا آهن. پروٽيڪشن ڊپارٽمينٽ ملازمن جي گڏيل صلاح سان چڻي جا 5 ڪنٽينر ڪليئر ڪرايا ويا هئا ۽ ڄاڻ ملي آهي ته انهن مان4 ڪنٽينر وڪرو ٿي چڪا آهن، ان حوالي سان ڊي جي پلانٽ پروڊيڪشن الله ڏني ٻڌايو ته مان موڪل تي آهيان ان معاملي بابت ڪا به ڄاڻ ناهي، جڏهن ته ڪليئرنس ۾ ملوث3 آفيسرن کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ، هن چيو ته ايف آءِ آر جي ڪاپي ملي وئي آهي، ڄاڻايل ٽنهي آفيسرن جي خلاف ڪارروائي به ڪئي ويندي، ٻئي پاسي امپورٽرز ٻڌايو ته 5 مان 4 ڪنيٽنر وڪرو ٿي ويا آهن ۽ هڪ ڪنٽينر ۾ 24 ٽن ڪارا چڻا لوڊ آهن، هن ٻڌايو ته اسان جو مال سٺي ڪوالٽي جو آهي ۽ اسان وٽ ان جي ٽيسٽ رپورٽ به آهي، جنهن سان ثابت ڪري سگهون ٿا ته اسان جي مال ۾ شڪايت ناهي.