سنڌ اسيمبلي ۾جماعت اسلامي جي هڪ ۽ پي ٽي آءِ حامي 9 ميمبرن حلف کڻي ورتو

ڪراچي(رپورٽر) تحريڪ انصاف جي حمايتي 9 آزاد ميمبرن ۽ جماعت اسلامي جي هڪ سنڌ اسيمبلي ميمبرن حلف کڻي ورتو، آچر تي اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت ۾ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس 19 منٽ دير سان  شروع ٿيو، تحريڪ انصاف جي حمايت 9 آزاد ميمبرن ۽ جماعت اسلامي جي ميمبر محمد فاروق سميت 10 ميمبرن سنڌ اسيمبلي جي ميمبر جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو، حلف کندڙن ۾ سني اتحاد ڪائونسل جو شبير قريشي، محمد ايوس، بلال جدون، سجاد سومرو، ريحان اڪرم، واجد حسين، سر بلند خان ۽ ساجد حسين شامل آهن، جماعت اسلامي جي سنڌ اسيمبلي ميمبر محمد فاروق به حلف کڻي ورتو، اسپيڪر آغا سراج دراني نون چونڊيل ميمبرن کي حلف کڻايو، آچر تي اسپيڪر ۽   ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ کان اڳ  انهن کي حلف کڻايو ويو، پيپلزپارٽي ۽ جي ڊي اي جي ٽن ٽن ميمبرن حلف نه کنيو، سني اتحاد ڪائونسل جي سنڌ اسيمبلي ميمبر سجاد  علي سومرو چيو ته اسان پي ٽي آءِ جا چونڊيل ايم پي ايز آهيون ، سني اتحاد ڪائونسل سان الحاق ڪيو آهي. هن چيوته اسان سڄي ڪراچي ۾ کٽي چڪا آهيون، نتيجا تبديل ڪيا ويا، لياري مسئلن جو ڳڙ آهي، گٽرن جي مسئلن مان نڪري ناهيون سگهيا، اسان پوري ڪراچي جي حقن جي ڳالهه ڪنداسين، تحريڪ انصاف جي ميمبرن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوته اڄ اسان اسيمبلي پهتا آهيون، اسان جي ميمبرن وڏي محنت سان سوڀ ماڻي، اسان گذريل ڏينهن انهي ڪري حلف نه کنيو ڇو ته جيڪي به حلف کڻي رهيا هئا اهي ڪوڙ تي کڻي رهيا هئا. هن چيوته  اڄ اسيمبلي ۾ اسان جي حلف جو آواز ٻڌو ويندو، اسان عوامي حمايت سان اليڪشن ۾ کٽي آيا آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.