نياڻين تي ٿيل تشدد ۽ سنڌ حڪومت جو ڪردار..!

تحرير: ناشاد شوڪت شنباڻي.

سنڌ جيڪا مارئي جي ڪردار کان وٺي سسئي جي صحبت تائين ۽ مومل جي مجاز کان وٺي سهڻيءَ جي پيار تائين جي لازوال ڪردارن کي جيڪڏهن اڄوڪي سنڌ جي صورتحالن سان ڀيٽائجي ته اکيون پُسي وڃن ٿيون. عورت هر روپ هر رنگ هر احساس ۾ ٻاجهھ ڀري آھي جيڪا انقلاب به ڄاڻيندي آھي ته انتقام به هڪ مرد جيان هڪ عورت به پنهنجي ديس پنهنجي ساڻيهھ جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻيندي آھي. ٻين ملڪن ۾ جتي سڀني کي احتجاج ۽ ڳالهائڻ جو حق ڏنو ويو آھي، اُتي پاڪستان جي ملڪ ۾ احتجاج يا ڳالهائڻ ته ڇا پر هڪ نعري هڻڻ سان به ڪيس داخل ٿي ويندو آھي. نياڻيون جتي ست قرآن سمجهيون وينديون آھن اُتي سنڌ حڪومت ست قرآن نياڻين جي توهين هن ڀيري نه پر هر ڀيري ڪئي آھي توڙي اُهي استاد هجن توڙي ڊاڪٽر هجن يا سنڌ جون سڄاڻ نياڻيون هجن سنڌ حڪومت پيپلزپارٽي انهن کي سدائين عبرت جو نشانو بڻايو آھي.

شهيد بينظير ڀٽي جي منشور کي وقت جي زردارن هر ڀيري روڙي رکيو آھي، جيڪا مظلومن جي ڳالھه ڪندي هئي اڄ اُن ئي مظلومن جي ڳالھه ڪندڙ جي پٽ ۽ ور سنڌ جي نياڻين تي لٺيون وسايون آھن. ڀٽائي جي ڀونءَ سچل جي سنڌڙي، سرمد جي سونهن بلاول جي بهادري سورھيه جي شهادت ۽ هوشوءَ جي جنگ پنهنجي مفادن لاءِ نه هئي پر هر عورت هر نياڻي جي عزت کي بلند رکڻ جي جنگ هئي جيڪا جنگ ڪالھه جي منظرن ۾ ائين لڳي رهي هئي ڄڻ سورھيه ۽ هوشوءَ اُها جنگ هاڻوڪي سنڌ حڪومت ۽ حلف کڻندڙ سنڌ جي وڏيرن ڪامورن کان  هارائي هجي.

سنڌ ۾ هن وقت تائين جيڪا ترقي ٿي آھي اُهو ته ٺهيو پر جيڪي ڪلور سنڌ واسين سان ٿيا آهن اُنهن تي سوچيون ٿا ته ظلمن جي هڪ وڏي لسٽ اسان جي سامهون اچي وڃي ٿي، حق گهرندڙ استادن کان وٺي ليڊي هيلٿ ورڪرن تائين ۽ سڄاڻ سنڌ جي نياڻين جي دانهن تائين سنڌ حڪومت جي ڪلورن جي پت وائکي نظر اچي ٿي. سنڌ جي کليل رستن تي نياڻين جي معصوم دانهن تي ۽ وارن کان وٺي سخت چماٽن تائين جا منظر هڪ احساس ۽ شرم رکندڙ ماڻهوءَ لاءِ مرڻ جا مقام آهن پر سنڌ جي پوليس کان وٺي سنڌ حڪومت تائين انهن ٻنهي شين جو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي عورتن جي حق تي ڪانفرنسون ڪرڻ کان پهريان انهن جي عزتن تي وار ڪندڙ ۽ ظلم ڪندڙ هر پوليس واري کي سخت سزا ڏني وڃي ته سمجهيو اوهان گهڻو ڪجھه ڪيو. باقي رڳو ٻن عورتن کي وٺي ماني کارائي فوٽون سيشن ڪري حق وٺڻ چاهيو ٿا ته هيءَ صورتحال هڪ ڏينهن اوهان سان به ضرور برپا ٿيندي.

سنڌ جيڪا مارئي جي ڪردار کان وٺي سسئي جي صحبت تائين ۽ مومل جي مجاز کان وٺي سهڻيءَ جي پيار تائين جي لازوال ڪردارن کي جيڪڏهن اڄوڪي سنڌ جي صورتحالن سان ڀيٽائجي ته اکيون پُسي وڃن ٿيون. عورت هر روپ هر رنگ هر احساس ۾ ٻاجهھ ڀري آھي جيڪا انقلاب به ڄاڻيندي آھي ته انتقام به هڪ مرد جيان هڪ عورت به پنهنجي ديس پنهنجي ساڻيهھ جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻيندي آھي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.