مقتدرا + اوليگارشي =ھائبرڊ رجيم II

تحرير: امتياز عالم

اٽل جمهوري نسخو آهي:  عوامي نمائندگي ناهي ته ڪو ٽيڪس ناهي ۽ عوامي نمائندگي کان سواءِ آءِ ايم ايف جو مالي ۽ مالياتي پروگرام بھ ناهي.آءِ ايم ايف پروگرام تھ آھي ئي ٽيڪسن، خرچن ۽ مالي ۽ مالياتي معاملن بابت. عمران خان  عالمي مالياتي فنڊن کي چونڊ ڌانڌلين جي جاچ ۽ نتيجن جي سڌاري جي لاءِ خط لکي ڇڏيو آھي.هر طرف کان حب الوطني جي سنگساري شروع ڪئي وئي آھي. ڀلا  اعليٰ ۽ عظيم حب وطنن کان ڪو پڇي ته  حب الوطني جي جسد خاڪي ۾ ڪڏهن کان وطن   آءِ ايم ايف جو استعماري روح  شامل ڪيو ويو آهي.

آءِ ايم ايف جي ٻن درجن کان وڌيڪ پروگرامن جي ڪشٽ ڪاٽڻ باوجود، ھٿ ڊگھيريندڙ ۽ قرضدار مسواڙي رياست هڪ ڀيرو ٻيهر  گدائي جي لاءِ آءِ ايم ايف جي در تي بيٺي خيرات گھري رھي آهي ۽ ويچاري قومي غيرت آھي جيڪا ڪڏھوڪو ڪٿي لڄ وڃائي چڪي آھي.ڀلا نيولبرل  اڪنامڪس جي ڪلرڪن کان ڪو پڇي تھ معاشي بحران جو سبب ڇا آھي ؟  مالي ۽ مالياتي بحران جو ويڳاڻو اظھار مسئلو آهي يا وري اصل معيشت جو بحران ان جو بنيادي سبب آهي. عالمي محقق ان نتيجي تي پهچي چڪا آهن ته آءِ ايم ايف جي  استحڪام پئدا ڪندڙ پروگرام جي نتيجي ۾ ڪڏھن بھ پائيدار معيشت پيدا نه ٿي آهي. دائمي قرضن، دائمي غربت  ۽ دائمي معاشي بحران جو شيطاني چڪر ٽين دنيا جي غريب معيشتن جي ڳچيءَ ۾ دائمي طوق بڻجي چڪو آهي. عمران خان جي خط تي ڪاوڙ ڪندڙ  حب الوطن جي طفيلي رجواڙن کي تڪليف اھا آھي تھ ووٽرن جي ووٽ جي حق جي چوري جي جاچ ۽ گورننس جي سڌاري جو لازمي حصو آهي، ان کي مالي ۽ مالي سڌارن جي پيڪيج سان ڳنڍيو نھ وڃي.

ڇا سڀئي عالمي مالياتي ادارا مالي سڌارن لاءِ گورننس جي سڌارن تي زور نٿا ڏين ۽ ائين ڪرڻ سان اھي معاشي خودمختياري ۽ اندروني معاملن ۾ مداخلت نٿا ڪن تھ پوءِ عمران خان اهڙو ڪهڙو نئون ڏوهه ڪيو آهي جنهن لاءِ کيس غداري جي ڏوھ جو ڏوھاري  قرار ڏنو پيو وڃي؟ وچ ۾ عوام جو واسطو تھ انتهائي کل جھڙو آھي.ته عمران جي ان مھم جوئي سان  نقصان حڪومت جو نه عوام جو ٿيندو. ڀلا ڪنھن بھ آءِ ايم ايف جي  پروگرام سان عوام جو ڪڏھن ڪو فائدو ٿيو هجي ته اسان جا دانشمند  ڪالم نگار اسان جي معلومات ۾ اضافو ڪن. بين الاقوامي مالياتي ادارا سامراجي ملڪن پاران هلندڙ بئنڪون آهن. جڏهن اهي قرض ڏين ته اهڙن شرطن سان جو انهن جي وياج سميت واپسي جو بندوبست ڪن. ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ هنن جو سڄو زور مالي ۽ مالياتي خساري گهٽائڻ تي لڳايو ويندو آھي.اڳتي مسواڙ کائيندڙ گماشتن حڪمرانن جو سياسي معيشت جو چڪر ھلندو آھي.

اميرن جي قبضي کي برقرار رکڻ لاءِ اھي  معاشي تنگي جو بار عوام تي وجھي ڇڏين ٿا ۽ خرچ جون عياشيون  برقرار رکن ٿا.جنھن سان عوام بنيادي انساني ضرورتن ۽ معاشي تحفظ کان محروم ٿيندو رھي ٿو. جيڪڏهن عوام جا حقيقي عوامي ۽ جمهوري نمائندا چونڊبا  ته انھن جي  سياسي معيشت جو رخ حقيقي پيداواري معيشت تي ھوندو ۽ اميرن جي بجاءِ غريبن جي خوشحالي ۽ ترقيءَ ڏانهن ھوندو. اها الڳ ڳالهه آهي ته سموريون وڏيون پارٽيون اشرافيه جي مفادن سان جڙيل آهن ۽ عوام جو ڪو حال پڇڻ وارو نھ آهي. پر ھتي بنيادي سوال ھي آهي ته عوام جا حقيقي ۽ جائز نمائندا ئي ان حوالي سان مالي ۽ مالياتي اپاءَ وٺي سگهن ٿا ۽ انھن کي ئي خيال ھوندو تھ آءِ ايم ايف جي شرطن جو بار اميرن تي وڌو وڃي يا غريبن تي وجهڻ گهرجي ۽ جڏهن عوامي نمائندگي ئي ناھي تھ ڪنهن کي به ٽيڪس لڳائڻ جو اختيار ناهي ۽ نه ئي وري آءِ ايم ايف کان قرض جي شرطن تي عوام تي بار وجهڻ جو اختيار آهي.

جڏهن رياست پنهنجي شهرين سان عمراني معاھدو ٽوڙيندي، آئين ۽ قانون جي پابندي نه ڪندي ته شهري شڪايت ۽ دانھن تھ ڪندا. حب الوطني تي ھڪ ھٽي رکندڙ رياست ناهي، نه ئي اها مقتدرا اعليٰ آھي.

صرف ئي صرف عوام آهي. اسان جي آئين جو پهريون باب ئي عوام جي حڪمرانيءَ جي وظيفي سان شروع ٿئي ٿو، باقي سڀ ان جي تابع آهن ۽ جيڪڏهن ناھي  ته ڪو به  مقتدرا اعليٰ  نه آهي ۽ جيڪڏهن عوام کي رياست مان ڪڍيو وڃي ته پوءِ نھ رياست رهي ٿي، نه ئي مقتدرا اعليٰ ،  رڳو زمين جو ٽڪرو بچي ٿو.مملڪت  جي  مقتدرا اعليٰ طاقت پڻ عوام پنھنجي راءِ جي عالمي حق جي استعمال سان آزاد نموني سان شفاف چونڊن ذريعي جائز طور تي چونڊيل نمائندن حوالي ڪري ٿو. جيڪڏهن ووٽر جي ووٽ ڏيڻ جو حق جبري چوري ڪيو وڃي،تھ  رياست ۽ شهرين جي وچ ۾ عمراني معاهدو ٽٽي ويندو آهي. پوءِ ڌرين وچ ۾ جنگ جو قانون ختم ٿي وڃي ٿو ۽ پوءِ ھر ڌر پنهنجي پنھنجي ويڙهه ۾ آزاد ھوندي آهي، نه ڪا بندش، نه ڪا روڪ ٽوڪ. ڇا ميانمار (برما) جي خونخوار فوجي جنتا خلاف بغاوت جو حق نھ آھي ۽ان جو  عالمي برادريءَ کان  انصاف جي گھر حب الوطني جو انت سڏبو ؟ ڇا عرب اسپرنگ جا مصري غدار هئا؟ يا برصغير جا آزادي پسند محب وطن نه هئا ؟

اليڪشن دوران تحريڪ انصاف سان جنهن قسم جون سختيون ۽ زيادتيون ٿيون، ائين پاڪستان جي تاريخ ۾ ان پئماني تي ڪڏهن به نه ٿيو ۽ 2018 جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا ويا. چونڊ مهم جي اجازت نه هئي ۽ نه وري بيٽ جو نشان رهيو. جيڪڏهن اليڪشن  شفاف ٿي ته پوءِ 8 فيبروري تي ڏينهن جي روشنيءَ ۾ ته جيئن سڀني کي روشن نظر آيو.پر جيئن رات ٿي کٽندڙ اڪثر اميدوار  پنھنجي هٿن ۾ پولنگ اسٽيشنن تان ورتل 45 فارم ڳڻيندا رھجي ويا.

انٽرنيٽ بند ڪيو ويو ۽ نتيجن جي ٽرانسميشن سسٽم معطل ڪيو ويو، جڏهن دير سان فارم 47 جاري ٿيا تھ لڳو تھ ڪيترن ئي هنڌن تي آر اوز ڳڻڻ وسري ويا. فارم 45  جا نتيجا ھڪڙا ۽ فارم 47 ۾ ڪجھھ اھڙي جادوگري واري ڳڻپ رڳو ريفرنڊم ۾ ڏسڻ ۾ آئي. هاڻي فارم 48 به اچي ويو آهي، جنهن ۾ هر پولنگ اسٽيشن جو نتيجو بھ شامل آهي. هاڻي اھي ڪامياب اميدوار جيڪي ناڪام قرار ڏنا ويا ھئا، اهي ڪڏهن فارم 45 ڏسن ٿا تھ ڪڏهن وري کٽندڙ جو فارم 48  نواز ليگ کان سواءِ سموريون کٽندڙ ۽ هارائيندڙ پارٽيون ڌانڌلين جي دانھن ڪن پيون. نتيجي ۾ سڄو چونڊ عمل ۽ خاص طور تي نتيجا تڪراري بڻجي ويا آهن. سچ ڪيترو آهي ۽ ڪيترو افسانو آهي، ان جو تعين ڪرڻ کان سواءِ جيڪي به حڪومتون ٺهي رهيون آهن، انهن جو اخلاقي جواز نه هوندو. مقتدار + اوليگارشي = ھاءِ برڊ رجيم ودئم،جي بدن مان اھڙا بحران  جنم پئدا ٿيندا جو مملڪت خداداد وڏين آفتن جي گرفت ۾ اچي سگهي ٿي. هن بحران مان نڪرڻ جو واحد رستو هڪ اعليٰ سطحي عدالتي ڪميشن آهي، جيڪا سمورن مبينه ڌانڌلين وارن تڪن جي جاچ ڪري ٽن مهينن اندر سچ سامهون آڻي. اهو ڪم ڪو ڏکيو ناهي، صرف فارم 45 جي بنياد تي فارم 46، 47 ۽ 48 جو  جائزو ورتو وڃي ۽ اصل نتيجن تي پھچڻو پوندو.ان لاءِ ڪجهه هفتا گھربل ھوندا. سمورين سياسي پارٽين کي ھڪ نئين ميثاق مفاهمت ۽ ميثاق شفاف جمهوريت تي اتفاق ڪرڻو پوندو ۽ رياست کي سياست کان پري رکي ان جي توقير  بحال ڪرڻي پوندي. سڀ کان وڌيڪ، عوام جي ووٽ جي حق جي فتح کي يقيني بڻائڻو پوندو. جيڪڏهن نه ھنگاما ئي ھنگاما ھوندا، پتو ناھي ھن گلستان جو انجام ڇا ٿئي ؟

 

اميرن جي قبضي کي برقرار رکڻ لاءِ اھي  معاشي تنگي جو بار عوام تي وجھي ڇڏين ٿا ۽ خرچ جون عياشيون  برقرار رکن ٿا.جنھن سان عوام بنيادي انساني ضرورتن ۽ معاشي تحفظ کان محروم ٿيندو رھي ٿو. جيڪڏهن عوام جا حقيقي عوامي ۽ جمهوري نمائندا چونڊبا  ته انھن جي  سياسي معيشت جو رخ حقيقي پيداواري معيشت تي ھوندو ۽ اميرن جي بجاءِ غريبن جي خوشحالي ۽ ترقيءَ ڏانهن ھوندو. اها الڳ ڳالهه آهي ته سموريون وڏيون پارٽيون اشرافيه جي مفادن سان جڙيل آهن ۽ عوام جو ڪو حال پڇڻ وارو نھ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.