صادق فقير سنڌ جو الستي آواز 

تحرير: فقير منور ساگر 

سنڌ ڌرتي جي سيني جي سونهن سمجهيو ويندڙ آواز ٿر جي ڀٽن کان ٿيندو دنيا جي مختلف ملڪن تان پهتو ۽ ان آواز جي ڪشش ۾ سنڌ جي هر طبقي جو ماڻهو هُن جي آلاپ سان گڏ هُن فقير جي فقيري جو مداح ٿي پيو ، ڪنهن به نه ڄاتو هو ته هو ائين سڀني کي اڪيلو ڪري مَّڪي جي اُن مقام تي خالق حقيقي جي حضور ۾ حاضر ٿيندو ، جتي قيامت جي ڏينهن سڀني مُردن کي اٿاريو ويندو ،  هي اهو راڳي هو جنهن کي سنڌ جي ماڻهن صادق فقير جي نالي سان سڃاتو ٿي ، ٿر جي منڱڻهار خاندان جي تپيدار فيض محمد  جي گهر ۾  20 مارچ 1963 اربع جي ڏينهن  تي مٺي جي سونارا محله ۾  اک کوليندڙ ٻار( رڪارڊ ۾ 20 مارچ 1964 آهي پر ڏينهن اربع جو ناهي انڪري صحيح تاريخ 1963 واري آهي )  .صادق فقير شروعاتي تعليم مٺي ۽ ڏيپلو مان حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ جو امتحان 1981 ۾ ميرواهه گورچاڻي مان پاس ڪيو ڇاڪاڻ جو پيءُ تپييدار هجڻ ڪري جتي بدلي ٿيندي هئي اتي پنهنجا ٻار پڙهائيندو هو ، ان ڪري صادق پنهنجي ننڍپڻ جو  ڳچ حصو ڏيپلو ۽ مٺي ۽ ميراوه ۾ گذاريو، ميرواهه ۾ سندس ناناڻن جو گهر به هو ، صادق جو والد به شوق ۾ ڳائيندو هو ان ڪري اها ميراث صادق جي به حصي ۾ آئي ۽ ٻيو وري مڱڻهار گهراڻي سان تعلق هجڻ به ان فن کي هٿي ڏني، صادق فقيرجو مامو حسين بخش مڱڻهار به ٿر جي بهترين گائڪن ۾ شامل هو ۽ ٿر جو بهترين موسيقار (ڪمپوزر) به هو.صادق ننڍپڻ کان ئي  شرميلي ۽ سٻاجھي طبعيت وارو سلڇڻو  ٻار هو .

صادق موسيقي جي سکيا پنهنجي مامي حسين فقير کان ورتي جيڪو ڳچ حصو صادق فقير سان گڏ باجو پڻ وڄائيندو هو ، صادق پپو ڪوٽڪ ۽ ڪريم فقير جي گهڻي اسرار تي پهرين ڪيسٽ رڪارڊ ڪرائي جيڪا پپو ڪوٽڪ ڪئي ۽ ان ڪيسٽ تي صادق پنهنجو نالو صادق حيدري طور متعارف ڪرايو جيڪا ڪيسٽ پڻ ٿر ۾ سٺي هلي  مٺِي ۾ رهڻ دوران صادق پنهنجي  تعليم پڻ جاري رکي  ۽ پرائيوٽ طور مٺِي ڪاليج مان انٽر جو امتحان 1986 ۾ پاس ڪيو مٺِي ۾ تاج جويو ۽ پريم وسواڻي جي صحبت به صادق فقير کي ادبي ذوق طرف ڇڪيو جنهن جي ڪري هن جي شاعري  جي سليڪشن به ادبي ۽ بهترين رهي جنهن جو اثر صادق تي سڄي زندگي رهيو ، هن ڪڏهن به ولگر شاعري جي چونڊ نه ڪئي . جيڪا به شاعري هُن جي دل کي وڻي ويندي هئي اهو ڳائيندو هو .

صادق  ٿر پروڊيڪشن ۾ ان عرصي دوران هڪ ڪيسٽ پڻ رڪارڊ ڪرائي جيڪا صادق جي ڪنهن پروڊيڪشن جي پهرين ڪيسٽ هئي ان ڪيسٽ ۾ صادق حيدري بدران نالو صادق سنڌي لکرايو جنهن ۾ پنهنجي شاعري به ڳائي هئي پر ڪيسٽ جو مقبول ڪلام مٺِي جي شاعر امولک نائي جو ٿيو جنهن جا ٻول هئا “نصيبن وار نڪي ڏوهه تنهنجو ، مقدر ڦٽل آ سڄڻ يار منهنجو ”  ائين  صادق حيدري مان صادق سنڌي پنهنجي مقبوليت جي هڪ سيڙهي وڌيڪ چڙهي فن جي بلندي ڏانهن پرواز ڪرڻ لڳو صادق پنهنجي  فن جي فيلڊ ۾ محنت جاري رکي.

1986 ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پاران ٿر جي فنڪارن کي سليڪٽ ڪرڻ لاءِ هڪ پروگرام آرٽس ڪائونسل ۾ رکيو، جنهن ۾ صادق فقير بهترين گلو ڪار طور پهرين نمبر تي چونڊيو ويو.جنهن بعد صاد ق فقير کي ريڊيو تي انٽري ملي وئي ۽ پروڊيوسر نصير مرزا صادق فقير جو ريڊيو تي  پهريون لوڪ گيت “پايل موري باجي رمجهم رمجهم” ۽ ٻيو لوڪ گيت “رومال مارو رنگيو ”  رڪارڊ ڪيو. انهن لوڪ گيتن جو موسيقار ۽ شاعر صادق فقير جو مامو ۽ استاد حسين فقير هو .

1988 ۾ سمشير الحيدري معرفت پاڪستان ٽيليوزن ڪراچي جي پروگرام ڪچهري ۾ پنهجي آواز کي رڪارڊ ڪرايو ۽ 1988 ۾ لوڪ ورثه اسلام آباد  جي دعوت تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪرڻ جي لاٰءِ اسلام آباد ويو ، جتي به صادق فقير کي پهريون نمبر مليو ۽ ٻئي ڏينهن تي انعام ملڻو هو ته اسلام آباد ۾ اوجڙي ڪيمپ وارو واقعو پيش آيو صادق فقير ۽ ٿر جا ٻيا فنڪارن پنهجي حياتي بچائڻ لاءَ ڪيتروئي پنڌ ڪري ڪنهن پٺاڻن جي ڪيمپ ۾ وڃي پناهه ورتي ۽ اهو واقعو صادق جي زندگي جي خطرناڪ ترين واقعن ۾ شامل هو جنهن جو هن ذڪر پنهنجي ڪيترين ئي انٽرويوز ۾ پڻ ڪيو آهي ، جتي  هن موت کي پنهنجي اکين سان ڏٺو هو .

صادق 18 نومبر 1989 ۾ فضل ڀنڀرو جي هاءِ اسڪول ۾ پي اي ٽي طور نوڪري جوائن ڪئي .. نوڪري دوران ئي صادق 1990 ۾ گريجوئشن ڪئي .موسيقي جي ميدان ۾ صادق هاڻ پنهنجو پاڻ ملهائڻ لڳو هو. هو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ادبي توڙي سياسي  ٿيندڙ پروگرامن ۾ وڃڻ لڳو.

سنڌ جي  ڀلوڙ شاعر شيخ اياز کي ڳائڻ لڳو  ۽ اياز جو ڪلام “سخي پيا کي ملين ته چئجان چاندني توسوا نه ٿيندي ”پڻ ريڊيو تي رڪارڊ ڪرايو ته هر طرف واهه واهه ٿي وئي ، صادق سنڌ جي ادبي پروگرامن به اياز جي ڪيترن ئي ڪلامن کي بهتر انداز ۾ ڳائڻ لڳو ۽ هڪ پروگرام ۾ سيخ اياز هن کي ٻڌو ته هن پنهنجي ڪتاب ڪٿي ته ڀچبو ٿڪ مسافر جي چوٿي جلد ۾ صادق لاءِ لکيو آهي ته منهنجي شاعري کي جنهن آواز جي ضرورت هئي اهو صادق فقير جي روپ ۾ مونکي ملي ويو آهي ۽ پوءِ صادق کي  اياز جي ڳائڪ طور به سڃاڻپ ملي صادق جيترو اياز کي ڳايو آهي اوترو ڪنهن به فنڪار اياز کي نه ڳايو آهي ، انهي عرصي دوران صادق فقير ۽ ڪريم فقير شيخ اياز سان ملاقات ڪرڻ لاءِ ڪراچي ويا ۽ شيخ اياز سان ملاقات پڻ ڪئي ،

صادق فقير 1998 ۾ شيخ ايازجي الوداعي گيتن تي ٻڌل البم جاري ڪيو جنهن البم رڪارڊ ڪرائڻ ۾ بخشڻ مهراڻوي اهم ڪردار ادا ڪيو بخشڻ زور نه ڀري ها ته شايد هي البم رڪارڊ نه ٿي سگهي ها،

سنڌ جي هن مهان راڳي 2001 دوران سنڌ يونيورسٽي ۾ بي ايڇ پي اي ڊي جو ڪورس ڪرڻ لاءِ داخلا ورتي ۽ ٻن سالن تائين پنهنجي جگري يار اسحاق سميجي جو روم پارٽنر ٿي رهيو ۽ اهو امتحان 2002 ۾ پاس ڪيو سنڌ يونيورسٽي ۾ رهڻ دوران اتي ڪيترائي پروگرام پڻ ڪيا ۽ پنهنجي البيلي آواز جي گونج هر چوڏهين چاندوڪي تي علامه  آءِ آءِ قاضي جي مزار  اڳيان ويهي  پوري ورسٽي ۾ ڦهلائي ۽ انهي ڪورس ڪرڻ جي ڪري صادق فقير کي 16 گريڊ ۾ پروموشن مليو ۽ آخري سفر تي وڃڻ کان چند مهينا اڳ هو ڊائريڪٽر فزيڪل ٽريننگ مٺي  مقرر ٿيو هو ، اها پوسٽ تعليم کاتي جي ڊي اي او اسپورٽس جي هيٺ اچي ٿي ۽ آخر تائين انهي پوسٽ تي رهيو ۽ هو سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن مٺِي جو صدر هو ، دوستن سان هو مذاق ۾ چوندو هو پاڻ هن تنظيم جا  تاحيات صدر آهيون ۽ اهو ئي جملو هن جو سچ ثابت ٿي پيو . صادق مٺِي جي سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري  به رهيو ۽ سنڌ فنڪار ٽرسٽ جو به عهديدار به هو . هو غريبن جو انتهائي گهڻو هڏ ڏوکي هوندو هو، هو پنهنجي ڪنهن به دوست کي ڏکيو ڏسندو هو ته انهي جي مالي مدد ڪندو هو ۽ ڪيترن ئي ويجھن دوستن کي هن ڪاروبار ڪرڻ ۾ پڻ  پئسي جي مدد ڪئي .  هن پاڻ ڏک ڏٺا هئا ان ڪري هو هر ڪنهن کي خوش ڏسڻ چاهنيدو هو .

صادق فقير سنڌي موسيقي جو اهو بهترين راڳي هو جنهن جي شاعري جي سليڪشن سڀني کان بهترين ۽ منفرد هئڻ سان گڏ ادبي پڻ هئي هو غير معياري شاعري ڳائڻ کان پاسو  ڪندو باقي شاعر ننڍو هجي يا وڏو هجي ان جو ان تي ڪو به فرق نه پوندو هو مون کي چٽي طرح ياد آهي جڏهن  اسان 2001 ۾ هڪ ادبي پروگرام ڪيو هو ان ۾ مشاعرو به هو صادق ان مشاعري ۾ شريڪ هو اتي اسان جي دوست گلاب هڪ بهترين نظم پڙهيو هو ۽ اهو نظم صادق کي پسند آيو هن گلاب کي چيو هو ته اهو نظم مون کي ڏي آئون ڳائيندس پر گلاب اهو نظم شايد   نه ڏيئي سگهيو . ڏي ها ته ضرور ڳائي ها . سنڌ  جو هي سريلو ۽ صوفي منش ڳائڪ نه صرف فنڪار هو پر هو هڪ مڪمل انسان به هو ، هن موسيقي جي ميدان ۾ ڪٿي به وڏو جمپ هڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي استاد سلامت علي خان کي انتهائي گھڻو پسند ڪندو ۽ ان سان ملڻ لاءِ لاهور به ويو ۽ ان سان مليو ۽ انڊيا وڃڻ دوران هن وڏي ڪوشش ڪئي ته لتا منگيشڪر سان ملان ، لتا جي گهر به ويو پر لتا گهر کان ٻاهر ويل هئي ان جي ڪري مايوس ٿي موٽي آيو.هن شاهه لطيف ، شيخ اياز. اياز گل ، سچل سرمست ، ايوب کوسي ،اسحاق سميجي ، امداد حسيني ، استاد بخاري ،ممتاز نهڙي، فيضو فراقي ، سائينداد ساند ، آڪاش انصاري ، اقبال رند . امين لاکي ، خليل ڪنڀار ، بابا بلي شاهه ، خواجه غلام فريد، مرزاغالب ، فيض احمد فيض ، احمد فراز  ٻين کوڙ سارن اردو توڙي سنڌي شاعرن کي ڳايو آهي . اڄ سنڌ جي الستي راڳي صادق فقير جي 9 ورسي آهي جنهن جي تقريب مٺي ۾ رکي وئي جتي صادق فقير جاچاهيبدڙ ان کي  لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندا جڏهن ته راڳي صادق فقير کي سرن جي ڀيٽا پيش ڪندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.