ايڪھين صديءَ ۾ غزه ۾ جنگ سڀني کان وڌيڪ انسان موت جو بک بڻيا آھن. پنجين مهيني ۾ داخل ٿيل جنگ غزه جي پٽي جي بنيادي ڍانچي کي ناس ڪري ڇڏيو آھي.
اسرائيل پاران حماس آپريشن جي جواب ۾ 7 آڪٽوبر 2023 کان شروع ڪيل جنگ جاري آهي. اسرائيلي وزير اعظم بينجمن نيتن ياهو جو چوڻ آھي تھ انھن جو ھدف حماس کي ختم ڪرڻ، يرغمالين کي آزاد ڪرڻ آھي ۽ اھڙو بندوبست ڪرڻ چاھيون ٿا جو اسرائيل کي غزه مان خطرو نه هجي پر اسرائيل لاءِ مقرر هدف حاصل ڪرڻ ايترو آسان آهي؟
جنگ ۾ ٻارھن سئو کان وڌيڪ اسرائيلي ۽ 28 ھزار کان وڌيڪ فلسطيني مارجي ويا آھن.سڄي دنيا جنگ بند ڪرڻ جون اپيلون ڪري رھي آھي.پر جاري جنگ وچ اوڀر ۾ وڌي رهي آهي.
اسرائيل تي فوجي مهم سبب پريشر وڌي پيو ۽ آمريڪي پرڏيھي وزير انٿوني بلنڪن موجب ھو چاھين ٿا هڪ مستقل حل تي پھچجي جنھن ۾فلسطيني رياست جو رستو شامل هجي.ھاڻي تھ اسرائيل جو وزيراعظم نتن ياهو آمريڪا جي بھ نٿو پيو ٻڌي.
اسرائيل انصاف جي عالمي عدالت ۾ نسل ڪشي ۽ بين الاقوامي قانون جي ڀڃڪڙي جي الزامن کي منهن ڏيئي رھيوآھي.
اسرائيل تاحال حماس تحريڪ کي دٻائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.توڙي جو حماس وٽ مقابلي ۾ معمولي فوجي صلاحيت آهي.
هڪ اندازو آھي تھ حماس وٽ 30 ھزار ويڙھاڪ آھن، اسرائيل حماس جي ٽئين حصي کي ختم ڪرڻ جي دعويٰ ڪري رھيو آھي.
اسرائيل طرفان تھ سرنگن کي اڏائڻ ۽ ساز و سامان تي قبضي جي ڳالھھ ڪئي وڃي پئي پر آزاد ذريعا اھڙي دعويٰ تي شڪ ظاھر ڪري رھيا آھن.
گذريل سال جي ھڪ سروي موجب وڏي جاني نقصان باوجود حماس جي حمايت وڌي رھي آهي.اھڙي گڏ ڪيل راءِ ۾ 72 سيڪڙو شھرين حماس جي اڳرائي واري ڪارروائي کي درست قرار ڏنو.حماس جي هٿياربند تحريڪ جو مقصد اسرائيلي قبضي کي ختم ڪرڻ ۽ فلسطيني رياست قائم ڪرڻ آهي. اولهه ۾ ڪيترائي حماس کي دهشتگرد تنظيم سمجهن ٿا، پر عرب دنيا جو حصو ان کي مزاحمتي تحريڪ تصور ڪري ٿو.
اسرائيل لاءِ حماس کي ختم ڪرڻ ڏکيو ڇو آهي؟ اسرائيل پنهنجي ارادي کي ڳجهو نٿو رکي. پر ماضي جا تجربا ظاھر ڪن ٿا ته اهو ڏکيوڪم آھي.
ھڪ مبصر موجب حماس صرف هڪ فوجي تنظيم ناهي، ۽ نه ئي اهو صرف هڪ سياسي تحريڪ آهي. اهو هڪ نظريو آهي ۽ خاص ڪري اسرائيلي هٿيارن جي زور تي ان نظريي کي ختم ڪرڻ مشڪل آهي.
دنيا جي اڪثريتي ملڪن جو خيال آهي ته امن معاهدو ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي.پر اسرائيلي حڪومت فلسطيني رياست جي قيام کي روڪڻ لاءِ پرعزم آھي ۽ حماس جي خاتمي جي ڪنهن به رستي کي رد ڪري ٿي.
نتن ياهو اسرائيل ۾ سڀ کان ڊگهي مدمت حڪومت ڪندڙ ساڄي ڌر جو اڳواڻ آھي.کيس حڪومتي اتحاد جي وزيرن ۽ نمائندن جي پٺڀرائي حاصل آهي، ھنن جو ارادو تھ صاف ظاھر آھي پر اسرائيل جي وڏي حامي آمريڪا جي فلسطين بابت انھن جي ارادن تي حمايت مليل نھ آھي.
جنگ کانپوءِ غزه ۾ گورننس جي صورتحال ڇا هوندي؟ ان جو جواب ڪنھن مستقل امن معاهدي تائين پھچڻ کان اڳ ملڻ ڏکيو آھي. جيستائين موجوده صورتحال جو ڪو متبادل نھ نڪرندو، تيستائين اصل خطرو اهو آهي ته ڇا مستقبل ۾ وڌيڪ گهيرو ٿيندو۽ فوجي آپريشن جاري رھندي يا ان سان اھا جنگ ٻين ملڪن کي بھ لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيندي ؟