سياسي استحڪام جو  سوال

سياست ۾ وڌندڙ گرمي پد نھ گھٽائڻ سان خطرو پئدا ٿي پوندو تھ جڙندڙ حڪومت شايد ئي پنھنجو مدو پورو ڪري سگھي.8 فيبروري تي ٿيل عام چونڊن بعد آيل نتيجن تي مسلم ليگ ن کانسواءِ باقي سمورين جماعتن ڌانڌلين جي دانھن ڪئي آھي.انھن نتيجن تي اعتراض ھوندي بھ جماعتن پارليامينٽ ۾ ويھڻ جو اعلان ڪيو آھي ۽ ان جي ڀيٽ ۾ ڪي ڌريون اھي آھن،جيڪي  نتيجن کي نھ مڃڻ ۽ ڌانڌلين خلاف احتجاج جو رستو اختيار ڪري رھيون آھن. اھڙو مظاھرو ڇنڇر واري ڏينھن سموري سنڌ جي شھرن ۾ ۽ صوبي جي گادي واري شھر ڪراچي ۾ ڏسڻ ۾ آيو.جتي ،جي ڊي اي،پي ٽي آءِ،ايم ڪيو ايم حقيقي،جي يو آءِ (ف) ۽ ٻين جماعتن پاران احتجاج ڪيو ويو.ان کان اڳ پنجاب اسيمبلي ۾ پڻ صوبائي ميمبرن جي حلف کڻڻ واري پھرين ڏينھن مسلم ليگ ن ۽ ٻئي ڏينھن سني اتحاد ڪائونسل (پي ٽي آءِ) جي ميمبرن ھڪ ٻئي خلاف سخت نعريبازي ڪئي.سنڌ ۾ اھو سڀ ايوان جي اندر ۽ ايوان کان ٻاھر بھ ٿيو.

ٻئي پاسي بلوچستان ۽ خيبرپختونخواھ صوبن ۾ جيتوڻيڪ اڃان اسيمبلين جو اجلاس نھ ٿيوآھي،پر خاص ڪري ڪي پي ڪي، جتي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حمايت رکندڙ ميمبرن کي اڪثريت ملي آھي،جتي پي ٽي آءِ باني پاران نامزد ڪيل وڏي وزير جي اڳوڻي ۽ ھاڻوڪي رويي مان اھو محسوس ڪري سگھجي ٿو تھ ملڪ ۾ جڙندڙ حڪومت سان ڇڪتاڻ جي ابتدا ٿي رھي آھي.بلوچستان ۾ ڳچ عرصي کان مختلف سياسي ڌرين جو ڌانڌلين خلاف احتجاج جاري آھي.

ملڪ ۾ شايد ھي پھريون ڀيرو ھجي جو سمورين سياسي جماعتن چونڊ عمل ۾ ڌانڌلين جي دانھن ڪئي آھي،نھ رڳو ايترو پر ھي اھڙيون چونڊون ھيون جن جي شفافيت تي سموري دنيا ۾ تبصرا ٿيا آھن.جنھن ڪري ان ۾ ڪو شڪ ناھي تھ پاڪستان جي ان حوالي سان ساک خاصي متاثر ٿي آھي.ان مان ملڪ اندر سياسي سماجي آزادي ۽ جمھوريت جي حقيقت جو پتو پئجي رھيو آھي.

چونڊن بعد ملڪ ڪنھن بھ ھڪ جماعت کي سادي اڪثريت نھ ملڻ ڪري اڳي جيان مختلف سياسي ڌرين گڏجي ڪري حڪومت جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آھي،جنھن بابت پڻ اھو تاثر سامھو اچي رھيو آھي تھ انھن کي گڏ ڪرڻ ۾ ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ جو ھٿ آھي.جيتوڻيڪ اڃان حڪومت سازي جو عمل مڪمل نھ ٿيو آھي پر ملڪ ۾ ھن جڙندڙ حڪومت جي مدي ۽ ان جي ڪارڪردگيءَ تي تبصرا شروع ٿي ويا آھن.جنھن سان اھو تاثر وڌيڪ حاوي نظر اچي رھيو آھي تھ جڙندڙ حڪومت مدو پورو ڪري نھ سگھندي.ڪمزور اتحادي حڪومت کي سخت فيصلن ڪرڻ ۽ سڌارن آڻڻ ۾ ايتري آزادي نھ ھوندي.جنھن ڪري اھا ڪمزور فيصلا ٿيندا،جنھن جو مجموعي اثر عام ماڻھو ۽ سماج تي پوندو.

سياسي مبصرن جي جو خيال آھي تھ ملڪي معيشت جي لاءِ اھو لازمي ھوندو تھ گذريل حڪومت پاران عالمي مالياتي اداري سان ڪيل عبوري معاھدي کي جاري رکيو وڃي ۽ آءِ ايم ايف سان ڳالھيون ڪري ملڪ جي لاءِ وڌيڪ مالي قرض جي صورت ۾ مدد حاصل ڪجي ،جئين ملڪ جو ڪاروھنوار ھلائي سگھجي.ھن حڪومت جو وڏي ۾ وڏو مقصد اھو ئي نظر اچي رھيو آھي.

عالمي ادارو ھڪ اھڙي بئينڪ آھي جيڪو وياج سميت پنھنجي رقم واپس ڪرڻ جي لاءِ تڪڙين وصولين واسطي حڪومت کي قانون جوڙڻ ۽ سڌارا آڻڻ تي زور ڏيندو آھي،جنھن جو سمورو اثر يا مالي بار عوام جي مٿان وڌيڪ پوندو آھي.جنھن ۾ پڻ غريب ۽ وچولي طبقي تي اڃان پڻ وڌيڪ اثر پوندو آھي.

چونڊن سان  لاڳاپيل سوال اھي ھئا تھ ملڪ ۾ استحڪام اچي ۽ معاشي صورتحال بھتر ٿئي پر اسٽيبلشمينٽ جي نگرانن جي صورت ۾ ڪيل بندوبست ۽ ان بعد ٿيل چونڊن جي نتيجن مان اھو ظاھر ٿي ويو آھي تھ ملڪ ۾ جھڙي ريت نتيجا تڪراري ٿي ويا آھن.ان ڪري نھ رڳو حڪومت پائيدار نھ ھوندي بلڪھ ان جي حڪومت سازي جي مرحلي دوران ئي احتجاج جو سلسلو شروع ٿي ويو آھي،جنھن کي نھ رڳو ھڪ ھاڪاري علامت نھ پيو سمجھيو وڃي.ان سان گڏوگڏ اھو بھ سمجھيو پيو وڃي تھ ڪمزور اتحادي حڪو مت ۽ معاشي بحران حڪومت کي گھڻو وقت ڪڍڻ نھ ڏيندو.جنھن ڪري ھنن چونڊن سان اھي ٻئي مقصد حاصل ٿيندي نظر نھ پيا اچن.

اھو درست آھي تھ جن ڌرين کي چونڊ نتيجن تي اعتراض آھن اھي ڌانڌلين خلاف لاڳاپيل ادارن ۽ عدالتن سان رجوع ڪن پر ان تي احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ جو حق انھن کان ڪو بھ نٿو ڦري سگھي ۽ ھن وقت جڏھن اڃان نگران حڪومت موجود آھي ۽ اقتدار چونڊيل نمائندن کي منتقل نھ ٿيو آھي ان دوران سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ٿيل احتجاج کي جنھن طريقي سان منھن ڏنو ويو اھو انتھائي شرمناڪ عمل آھي،جنھن جو گھڻو منفي اثر پوندو ۽ سياسي ميدان ۾ نفرتن کي ھوا ڏيندو جنھن جو ڪنھن بھ طرح سان ڪو ھاڪاري نتيجو نھ نڪري سگھندو.عورتن ۽ ڪارڪنن تي وحشياڻو تشدد ڪرڻ ۽ انھن جي تذليل ڪرڻ وارو طريقو ڪنھن بھ طرح ھڪ جمھوري يا سڌريل سماج جو نقشو پيش نھ پيو ڪري.

تنھنڪري ماھرن جو اھو خيال آھي تھ حڪومت جي سخت فيصلن ڪرڻ سان عوام ۾ بيچيني پئدا ٿين لازمي امر ھوندو ۽ اڳي ئي ٽيڪ تي بيھاريل حڪومت جو ڊھي پوڻ جو خطرو وڌيڪ رھندو آھي.اھڙي خيال جي حامي حلقي جي مبصرن کي ملڪ ۾ وقت کان اڳ چونڊون نظر اچي رھيون آھن.پر اصل مسئلو وري ھي آھي تھ 2018 ۽ ان بعد 2024 جي چونڊن ۾ جنھن طريقي سان اسٽيبلشمينٽ مداخلت ڪئي آھي،ان سان جيڪو نتيجو نڪتو آھي.اھو خطرناڪ ڏس ڏئي رھيو آھي.جنھن ڪري اھو امڪان بھ موجود آھي تھ ملڪ جي طاقتور ڌرين تاريخ مان ڪجهھ بھ نھ سکڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آھي.جنھن جو ملڪ کي پورائي نھ ٿي سگھڻ جھڙي نقصان جو وڏو خطرو پئدا ٿي ويو آھي.

بھتر ھوندو تھ ملڪ جي سياسي قوتن جي دانھن ۽ شڪايتن جو مناسب تدارڪ ڪيو وڃي ۽ رڳو لفاظي ڪرڻ بدران حقيقي طور عوام جي راءِ جو احترام ڪندي، ملڪ ۾ جمھوريت ۽ جمھوري جي ٻوٽي کي اسرڻ نسرڻ جو موقعو ڏنو وڃي،ھڪ مستحڪم سياسي ماحول کي پئدا ٿيڻ کان نھ روڪيو وڃي. ڇاڪاڻ جو ان کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نظر نھ پيو اچي.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.