ڪراچي (م ڊ) 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين غزه ۾ جاري اسرائيلي فوج جي انسانيت سوز ڪاررواين ۾ جتي 29 هزار 600 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ 70 هزار جي ويجهو زخمي ٿيا ته اُتي ڪيترائي بي گهر ۽ بي سرو ساماني فلسطيني بک بدحالي واري صورتحال ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، ان دوران غزهجي علائقي جباليه جي پناهگير ڪيمپ ۾ بک سبب تڙپندڙ ٻارن جي والد ٻارن خاطر پنهنجو گهوڙو ذبح ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو، العربيهجي هڪ رپورٽ موجب ابو جبريل نالي فلسطيني پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي چيو ته مون وٽ ڪو به رستو نه هو ته بک سبب تڙپندڙ ٻارن کي خوراڪ ڏئي سگهان، ان جي لاءِ مون پنهنجو گهوڙو ذبح ڪري پنهنجي ٻارن کي ان جو گوشت کارايو ته جيئن زنده رهي سگهون.