رياست ٽريڊ يونينز جي ڪڏهن به مالڪي نه ڪئي: محمد احمد شاهه

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات، اقليتي معاملن ۽ سماجي تحفظ واري نگران وزير ۽ آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي صدر محمد احمد شاهه  پاڪستان ليبر اڪيڊمي پاران منعقد ڪيل ٽريننگ جي اختتامي تقريب ۾ خصوصي طور شرڪت ڪئي، پاڪستان ليبر اڪيڊمي پاران منعقد ڪيل ٽريننگ هڪ هفتي تي مشتمل هئي.اطلاعات، اقليتي معاملن، سماجي تحفظ واري نگران وزير ۽ آرٽس ڪائونسل ڪراچي  جي صدر محمد احمد شاهه پڄاڻي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسان سڄي ڄمار اهو ڪم ڪندا رهيا آهيون، اسان کي ڪاوڙ به ايندي آهي ۽ روئڻ به ايندو آهي ته هن ليبر يونين کي اسٽيٽ ڪڏهن به اوون نه ڪيو آهي ۽ حڪومتن جي وڌيڪ دلچسپي هميشه سيڙپڪارن ۾ رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سيڙپڪار جيڪي سياسي پارٽين جي حمايت ڪن ٿا، مزدورن لاءِ ڪير به ناهي سوچيندو، جڏهن ته مزدور هن ملڪ کي هلائيندا آهن ۽ اهي ئي اسٽيڪ هولڊر نه هوندا آهن. اڄ جي هي ٽريننگ تمام سٺي ڪوشش آهي. هن  چيو ته مزدورن کي پنهنجي حقن جي آگاهي هئڻ لازمي آهي.هن چيو ته اسان کي اميد رکڻي آهي، سماجي تحفظ جو بنيادي ڪم سماج ۾ پوئتي رهجي ويل ماڻهن کي برابري جي سطح تي آڻڻ آهي. هن چيو ته جن کي سماجي تحفظ حاصل ناهي انهن کي برابري جي سطح تي آڻڻ رياست جو ڪم آهي، اسان جي ڪوششن سان مزدورن لاءِ ڪيترائي قانون ٺاهيا ويا آهن، سنڌ جي صورتحال ڪجهه بهتر آهي. هن  چيو ته مون هميشه کليل ڳالهه ڪئي آهي، مزدور جو پگهر هن ملڪ کي اڳتي وڌڻ ۾ ڪردار ادا ڪري ٿو، پنهنجي محنت کان وڌيڪ ڪا به محنت ناهي هوندي. گهريلو عورتون جيڪي گهرن ۾ ڪم ڪن ٿيون اهي به مزدور آهن. هن چيو ته جيڪو حڪمران گهڻو وقت رهڻ چاهي ٿو ۽ جيڪو ووٽ حاصل ڪرڻ چاهي ٿو ان کي مزدورن لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. هن  وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ۽ سماجي تنظيمن جو شڪريو ادا ڪندس ته هو مزدورن جي حق جي ڳالهه ڪري رهيا آهن. ٽريڊ يونين ايڪٽيوسٽ کي پنهنجا حق معلوم هجڻ گهرجن. ٽريڊ يونين جي ڪارڪنن کي پنهنجي ذاتي فائدن کان پري رهي ڪري مزدورن لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. محمد احمد شاهه چيو ته سڄي سنڌ ۾ اهڙي قسم جي ٽريننگز جي ضرورت آهي ۽ محنت عظمت جي نشاني آهي، ان ۾ ڪا به شرم جي ڳالهه ناهي، هاڻي اسان کي تمام گهڻي جدوجهد جي ضرورت آهي ۽ اسان کي مايوس نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته جيستائين اسان کي اميد آهي ته اسان اهو ڪري سگهون ٿا، اسان واقعي محمد احمد شاهه چيو ته سڄي سنڌ ۾ اهڙي تربيت جي سخت ضرورت آهي ۽ محنت عظمت جي نشاني آهي، ان ۾ ڪو به شرم جي ڳالهه ناهي، هاڻي اسان کي تمام گهڻي جدوجهد جي ضرورت آهي، اسان کي مايوس نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته جيستائين اسان کي اميد آهي ته اسان اهو ڪري سگهون ٿا، اسان اهو ڪري سگهون ٿا، اسان کي شهر ۽ صوبائي سطح تي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. اهو ڪري سگهون ٿا، اسان کي شهر ۽ صوبائي سطح تي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.