بلوچستان جي ڪوهلو واري علائقي ۾ فائرنگ، 3 ڄڻا مارجي ويا

بلوچستان ( م ڊ) بلوچستان جي علائقي ڪوهلو ۾ نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا.ليويز موجب فائرنگ جو واقعو ڪوهلو جي تعلقي ڪاهان ۾ پيش آيو.ليويز ذريعن جو چوڻ آهي ته نامعلوم ماڻهن جي  فائرنگ ۾ مارجي ويل ماڻهن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم بي ايل اي سان آهي.ليويز موجب علائقي کي ڪڙو چاڙهي وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.