لاهور( م ڊ) سني اتحاد ڪائونسل طرفان پنجاب جي وڏي وزير جي اميدوار راڻا آفتاب چيو آهي ته هو اڄ ٿيندڙ پنجاب جي وڏ وزارت جي چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيندا، هن چيو ته اسان جي ميمبرن کي اسيمبلي ۾ اچڻ نه پيو ڏنو وڃي، وڏي وزير جي چونڊ لاءِ ايوان مڪمل ناهي، ايوان کي مڪمل ڪرڻ لاءِ اسانجي جي ميمبرن کي اچڻ ڏنو وڃي، هن چيو ته اسان کي عهدن کان وڌيڪ اسان جي ڪارڪنن جون جانيون پياريون آهن، ياد رهي ته پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ اڄ ٿيندي، جنهن ۾ مسلم ليگ (ن) جي اميدوار مريم نواز ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي راڻا آفتاب احمد ۾ مقابلو ٿيندو، مسلم ليگ ن جي ميمبرن مريم نواز جا ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن ، جيڪي پنجاب اسيمبلي جي سيڪريٽري چوڌري عامر حبيب جا ڪاغذ وصول ڪيا.سني اتحاد ڪائونسل جي نامزد اميدوار راڻا آفتاب حمد جا نامزدگي ڪاغذ به جمع ڪرايا ويا، جنهن بعد پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ۽ ڇنڊڇاڻ بعد ٻنهي اميدوارن جا ڪاغذ ضابطا اخلاق موجب درست قرار ڏنا ويا. پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان چيو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ اڄ صبح 11 وڳي ٿيندي.