ملڪ ۾ عام چونڊن جي نتيجي ۾ پنجاب ۽ سنڌ جون نيون حڪومتون اڄ ٺهڻ وڃي رهيون آهن، جنهن ۾ قائد ايوان يعني وڏن وزيرن جي چونڊ ٿيندي.بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جون حڪومتون به ڏينهن ٻن ۾ ٺهي وينديون.وفاق ۾ ڪجهه سياسي گهوٽالي جا اطلاع آهن جو ٻڌڻ ۾ پيو اچي ته صدر مملڪت جنهن جو لاڳاپو پي ٽي آءِ سان آهي تنهن قومي اسيمبلي جي اجلاس سڏائڻ واري سمري تي اڃا تائين صحيح ناهي ڪئي جنهنڪري قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ دير ٿي آهي.صدر مملڪت جو اهو سبب ٻڌايو پيو وڃي ته اسيمبلي مڪمل ناهي ٿي جو اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ ( پاڪستان سني اتحاد ڪائونسل ) سان لاڳاپيل عورتن ۽ اقليتن جي مخصوص سيٽن جا نوٽيفڪيشن جاري ناهن ڪيا جيڪي قانون ۽ آئين پٽاندڙ اجلاس کان اڳ جاري ڪرڻا آهن.
پنجاب ۽ سنڌ جا نوان چونڊيل اسيمبلي ميمبر قسم کڻي چڪا آهن ۽ اتي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪرن جي چونڊ به ٿي چڪي آهي جن ۾ ن ليگ ۽ پ پ جي اسپيڪرن ڊپٽي اسپيڪرن جي سرسي رهي آهي ۽ امڪان نه پر يقينن هنن جا ئي وڏا وزير چونڊبا.پنجاب ۾ مريم نواز پهريون ڀيرو اقتدار جي منصب تي ويهندي جڏهن ته سائين مراد علي شاهه جيڪو پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو کي ويجهو ۽ پيارو آهي اهو ٽيون ڀيرو وزارت ماڻيندو جنهن کي چونڊجڻ کان اڳ ئي پروٽوڪول مليل آهي.بلوچستان ۾ به حڪومت سازي تي ڪو به ظاهري ڦڏو ناهي پ پ پ ن ليگ سان گڏجي اتحادي حڪومت ٺاهڻ وڃي رهي آهي جڏهن ته ڪي پي ڪي ۾ پي ٽي آءِ پاڪستان سني اتحاد ڪائونسل جي برقعي ۾ حڪومت ٺاهڻ وڃي رهي آهي جيڪا پڻ ڏينهن اڌ ۾ ٺهي ويندي.وفاق ۾ پ پ پ وزارتن جا عهدا نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي پر صدارت سميت آئيني عهدا وٺڻ لاءِ ن ليگ کان حمايت گهري آهي.اهو تاثر پئدا ٿيل آهي ته ملڪ ۾ خانداني حڪمراني جو وجود ختم ٿي ناهي سگهيو.
پنجاب ۾ ته پي ٽي آءِ حمايت يافته ميمبرن قسم کنيو آهي ۽ اسپيڪر جي چونڊ ۾ حصو ورتو آهي پر سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ حمايت يافته سني اتحاد ڪائونسل سان لاڳاپيل ميمبر قسم کڻڻ لاءِ تيار آهن پر جي ڊي اي، جماعت اسلامي ۽ جي يو آءِ جي ميمبرن قسم نه کڻڻ ۽ سيٽون ڇڏڻ جو اعلان ڪري چڪيون آهن ۽ سنڌ اسيمبلي آڏو احتجاج ڪري رهيون آهن پر سندن اعلان وارو خواب پورو ٿي نه سگهيو جو پ پ پ ۽ متحده جي ميمبرن بنا ڪنهن رڪاوٽ جي قسم کنيو آهي اها الڳ ڳالهه آهي ته ڪراچي جون حالتون ڪنهن حد تائين ڇڪتاڻ واريون نظر پيون اچن.جيئن ئي اڄ نيون حڪومتون ٺهنديون ۽ وڏا وزير قسم کڻندا ته ڪنهن حد تائين سياسي سختين ۾ اضافو ٿيندو جنهن جا امڪان آهن. ڪراچي ۾ مخالف ڌر جيڪي ڌرڻو هنيو ۽ احتجاج ڪيو پوليس جي سختي سبب عورتن سميت وڏي انگ ۾ مظاهرين مٿان تشدد ٿيو ۽ کين گرفتار به ڪيو ويو آهي.جيڪڏهن سنڌ جي اندرين حصن ۾ مظاهرن جو سلسلو وڌي ٿو ته ان سان ملڪي معاشي تباهي اچي سگهي ٿي. سياسي ڇڪتاڻ ۽ سياسي سختيون ملڪ ۽ صوبن جي لاءِ ڪو سٺو سنئوڻ ثابت نه ٿينديون.هن ڳالهه کي ڌريون سنجيدگي سان ڏسن ۽ ملڪي مفاد وٽان فيصلا ڪن جنهن سان جمهوريت ۽ جمهوري عمل کي ڪو راتاهو نه اچي سگهي.
وفاق ۾ حڪومت سازي ۾ دير ٿيڻ ۽ صدر مملڪت پاران قومي اسيمبلي جو اجلاس وقت سر نه ڪوٺائڻ سمري تي صحيح نه ڪرڻ به وڏي معني رکي ٿو.صدر مملڪت جو ڌر ٿيڻ به ملڪ جي مفاد ۾ ناهي.ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته وفاق ۾ پي ٽي آءِ وڏي اڪثريتي پارٽي طور سامهون آئي آهي پر حڪومت سازي لاءِ هن ڪنهن به سياسي پارٽي سان رابطو ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيو، خاص طور ن ليگ،پ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم سان ڪنهن به رابطي کان ۽ گڏجي حڪومت ٺاهڻ کان صاف انڪار ڪيو ۽ مخالفن کي گڏيل حڪومت ٺاهڻ جو موقعو فراهم ڪيو جنهن سان ن ليگ پ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي وفاق ۾ حڪومت ٺهڻ وڃي رهي آهي ۽ اهي ٽئي پارٽيون وڏي عرصي کان صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي جون به سخت مخالف رهيون آهن سندس خلاف آئين جي غداري جا الزام مڙهينديون رهيون آهن.اهي به افواهه آهن ته ڀلي وفاق ۾ حڪومت ٺهي پر هن ڀيري به صدر عارف علوي چونڊيل وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف کي حلف نه کڻائيندو ۽ پي ٽي آءِ سان پنهنجي وفاداري نڀائيندو.جيڪڏهن ايئن ٿيو ته نئين حڪومت صدر ڊاڪٽر عارف علوي خلاف غداري جو ڪيس داخل ڪرائيندي جنهن جا هو سخت نتيجا به ڀوڳي سگهي ٿو .
موجوده سياسي گهوٽالي ۾ جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي جيڪو ماضي ۾ شريف ڀائرن خاص ڪري ميان محمد نوازشريف جي تمام ويجهو رهيو آهي ۽ پي ٽي آءِ حڪومت کي مختلف هٿڪنڊن سان ڪيرائڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪري چڪو آهي ۽ سندس تازا بيان به نظرانداز نٿا ڪري سگهجن جن ۾ هن پي ٽي آءِ جي حڪومت ڪيرائڻ ۾ سگهارن قوتن جي سربراهن سان گڏ پ پ پ ۽ ن ليگ قيادت کي سازش جو حصو قرار ڏنو، هي ٻيو ڀيرو آهي جو مولانا صاحب پنهنجي گهر واري تڪ مان هارائي ويو آهي جنهن کي هو سازش سمجهي ٿو ۽ سندس چوڻ آهي ته کيس ڄاڻي واڻي هارايو پيو وڃي جڏهن ته مولانا هن ڀيري به پي ٽي آءِ اميدوار هٿان شڪست کاڌي آهي.پ پ پ ۽ ن ليگ مولانا کي پرچائڻ ۽ قائل ڪرڻ ۾ هن ڀيري ناڪام ويا آهن نه وري کيس پرچائڻ جو ڪو ارادو رکن ٿامولانا صاحب هن ڀيري پي ٽي آءِ سان ويجهڙائپ ڪئي آهي.مولانا صاحب کي اسيمبلين ۾ ته ڪا طاقت ناهي ملي پر هو روڊن رستن ۽ ميدانن واري سياست جي سگهه رکي ٿو جنهن لاءِ چونڊن ۾ ڌانڌلين خلاف سندس جماعت جا ملڪ جي مختلف حصن ۾ ڌرڻا ۽ احتجاج جاري آهن.احتجاج جا نتيجا ڪهڙا ٿا نڪرن ايندڙ ڏينهن ۾ خبر پئجي ويندي.
اليڪشن ڪميشن جي غلط پلاننگ ۽ روين سبب ڌانڌلين جا الزامن سامهون آيا آهن ۽ موجوده سياسي گهوٽالي جي پوري ريت ذميوار اليڪشن ڪميشن کي سمجهيو وڃي ٿو جنهن جي پلاننگ مثبت ثابت نه ٿي سگهي ۽ نتيجا هفتن تائين ظاهر نه ٿيڻ ڪري به سياسي پارٽين خدشا ظاهر ڪيا.فارم پنجين بدران فارم ستين کي بنياد بڻائي نتيجا ظاهر ڪيا ويا جنهن سان به سياسي محاذ آرائي ۾ تيزي آئي.هن وقت صرف اهو مطالبو آهي ته عدالتي ڪميشن قائم ڪئي وڃي جيڪا چونڊ نتيجن ۽ ڌانڌلي بابت شڪايتن کي ڏسي ۽ پنهنجو فيصلو ڪري.جيڪڏهن ڌانڌلي ناهي ٿي ته پوءِ اليڪشن ڪميشن کي عدالتي ڪميشن قائم ڪرڻ تي ڪو به اعتراض نه هجڻ گهرجي جنهن سان هر ڳالهه پڌري پٽ ٿي سگهي ٿي.هونئن به هي پهريون ڀيرو ناهي 1970 کانپوءِ هن وقت تائين جيڪي به عام چونڊون يا مڪاني چونڊون ٿينديون رهيون آهن تن کان پوءِ ڌانڌلي جا الزام لڳندا رهيا آهن،ڌانڌلي پاڪستان جي رت ۾ شامل ٿي چڪي آهي جنهن کي مستقبل ۾ روڪڻ جي ضرورت آهي.بهرحال ن ليگ جي قائد ميان محمد نوازشريف جو چوٿون ڀيرو وزارت اعظميٰ نه ماڻڻ ۽ آصف علي زرداري جو ٻيهر ايوان صدر ۾ پهچڻ به غور طلب ڳجهارت آهي جنهن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي.پ پ پ ۽ ن ليگ اتحاد ڪيستائين جٽاءُ ڪندو ان جي به ايندڙ وقت ۾ خبر پئجي ويندي.
جيڪڏهن سنڌ جي اندرين حصن ۾ مظاهرن جو سلسلو وڌي ٿو ته ان سان ملڪي معاشي تباهي اچي سگهي ٿي. سياسي ڇڪتاڻ ۽ سياسي سختيون ملڪ ۽ صوبن جي لاءِ ڪو سٺو سنئوڻ ثابت نه ٿينديون.هن ڳالهه کي ڌريون سنجيدگي سان ڏسن ۽ ملڪي مفاد وٽان فيصلا ڪن جنهن سان جمهوريت ۽ جمهوري عمل کي ڪو راتاهو نه اچي سگهي.