اسپيڪر،ڊپٽي اسپيڪر لاءِ پ پ ۽ متحده اميدوارن جا فارم بحال

جي ڊپٽي ڪنوينر وسيم ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسپيڪر لاءِ ايڊوڪيٽ صوفيه سيد شاھ ڊپٽي اسپيڪرلاءِ  راشد قائمخاني اسان جا اميدوار آهن، اسان سنڌ صوبي ۾ تبديلي چاهيون ٿا، هن چيو ته صوبي ۾ اهڙي تبديلي چاهيون ٿا جيڪا عام عوام کي نظر به اچي، ان ڪري  پرعزم آهيون، هن چيو ته ايم ڪيو ايم عوام لاءِ اسيمبلي ۾ آواز اٿاريندي، خاموش نه وينداسين، تعصب واري سياست کي رد ڪيون ٿا.

  1. اپوزيشن وارا ڌرڻا هڻي پنهنجو وقت ضايع نه ڪن: نثار کهڙو

ڪراچي: پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته جي ڊي اي، جي يو آءِ، پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي ڌرڻا هڻي پنهنجو وقت ضايع نه ڪن ۽ ايندڙ چونڊن جو انتظار ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن  سنڌ اسيمبليءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ڌرڻن جي سياست ملڪ کي پهريان ئي نقصان پهچايو آهي ان لاءِ ڌرڻا هڻي عوام جي بي عزتي نه ڪئي وڃي. هن چيو ته پيپلز پارٽيءَ جو مينڊيٽ فارم 45 تي ٻڌل آهي ان لاءِ پيپلز پارٽيءَ جي مينڊيٽ تي اعتراض ڪندڙ ۽ ڌانڌليءَ جا الزام هڻندڙ عدالتن ۾ پنهنجا ثبوت پيش ڪن. هن چيو ته احتجاج ڪندڙ عوام جي بيعزتي ڪري رهيا آهن ان لاءِ جن جماعتن کي عوام رد ڪيو آهي ته اُهي ڌرڻا هڻي عوام جي بيعزتي نه ڪن. هن وڌيڪ چيو ته پارليامينٽ ۽ جمهوري حڪومت کي وجود ۾ آڻڻ لاءِ پيپلز پارٽي وفاق ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي جيڪڏهن اسان ڪردار ادا نه ڪيون ها ته وفاق ۾ ڪا به جماعت حڪومت نه ٺاهي سگهي ها ان لاءِ اسان جمهوري ڪردار ادا ڪيو ته جيئن ٻيهر چونڊون نه ٿي سگهن. هن چيو ته ملڪ ۾ جمهوري حڪومتون پنهنجو آئيني مدو پوريون ڪنديون.

  1. مراد علي شاهه سرگرم، مخالف ڌر ميمبرن سان ڳالهيون

ڪراچي:  اڳوڻو وڏو وزير مراد علي شاهه سرگرم رهيو، هن سرڪاري توڙي مخالف ڌر جي بئنچن تي ويٺل ميمبرن وٽ سيٽن تي هلي وڃي هٿ ملايو، فريال ٽالپر اڳئين سيٽن تي ويٺل هئي، جتي هڪ پاسي محمد  بخش مهر ۽ ٻئي پاسي قائم علي شاهه ۽  مراد علي شاهه ويٺل هئا، پ پ جي ڪيترن ئي ميمبرن سيٽن تان اٿي اچي فريال ٽالپر کي واري واري سان کيڪاريو، محمد بخش مهر وڏي وزير لاءِ مختص ٿيندڙ سيٽ تي ويٺل هو، جڏهن ته ناصر حسين شاهه مخالف ڌر اڳواڻ لاءِ مختص ٿيندڙ سيٽ تي ويٺو هو.

  1. عورتن تي تشدد جي مذمت، عوامي مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو ويو: پي ٽي آءِ سنڌ

ڪراچي( پ ر) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي اڳواڻ ايڊوڪيٽ علي پلهه چيو آهي ته عام چونڊن ۾ عوامي مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو ويو آهي، اڱاري تي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي حمايت ڪندي هن چيو ته سنڌ اسيمبليءَ  ۾ جعلي ماڻهن کي ويهاريو ويو آهي. اسان جي ٽيڪس جو پئسو چونڊن جي نالي تي فراڊ ۾ استعمال ٿيندو آهي، مافيا ڪرپشن ۽ ڦرلٽ ڪندي آهي. جعلي حڪومتن کان ٽيڪس جو پئسو واپس وٺڻ لاءِ پرامن احتجاج ۽ مزاحمت جاري رکنداسين.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.