اسلام آباد (م ڊ) نيشنل پارٽي جي سينيئر اڳواڻ سينيٽر طاهر بزنجو ۽ پارٽي ترجمان چيو آهي ته ماضي ۾ ڪروڙين رپين جي مدد سان غيرجمهوري ماڻهو سينيٽر بڻجندا رهيا، پوءِ پئسي جي زور تي رات پيٽ ۾ نام نهاد سياسي جماعت بڻائي وئي ۽ ان کي عوام تي مڙهي وزارتن لاءِ ٻيهر ڳريون رقمون حاصل ڪيون ويون، هن چيو ته ويجهي ماضي ۾ وڏي وزير ۽ ڪابينا جو سودو اربين رپين ۾ ٿيو ۽ تازين چونڊن ۾ اربين رپيا وٺي عوام جي حقيقي مينڊيٽ کي چوري پيراشوٽرز کي اسيمبلي ميمبر بڻايو ويو، هنن چيو ته بلوچستان ۾ حقيقي اميدوارن ۽ نمائندن کي شرمناڪ ڌانڌلي ذريعي شڪست ڏني وئي،شفاف چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري هئي. ان ۾ هو مڪمل طور ناڪام ٿي وئي چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف آئين جي ڀڃڪڙي جو ڪيس داخل ڪيو وڃي. سينيٽر طاهر بزنجو چيو ته تازين چونڊن ۾ اسان جي پارٽي جي اميدوارن کي ڌانڌلي ذريعي شڪست ڏني وئي، اسان جي پارٽي جي سربراهه ۽ ٻين سياسي اڳواڻن کي به ڌانڌلي ذريعي هارايو ويو،هن چيو ته ملڪ هن وقت اڳ ئي سياسي ۽ معاشي بحران جو شڪار آهي، عوام جي قوت خريد ختم ٿي چڪي آهي، آءِ ايم ايف ٽيڪسن مٿان ٽيڪسن جو مطالبو ڪري رهي آهي ۽ حڪمران ان تي عملدرآمد ڪرڻ لڳاآهن،طاهر بزنجو چيو ته بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال اڳ ئي خراب آهي، منشيات فروش ڌانڌلي ذريعي ڪامياب ڪرايا ويا آهن، 8 فيبروري کان سموريون پارٽيون ڌرڻا ۽ احتجاج ڪري رهيون آهن، ڌانڌلي وارين چونڊن کي مڪمل طور رد ڪريون ٿا.