پشاور(م ڊ)اي اين پي اڳواڻ ايمل ولي خان چيو آهي ته اهو فيصلو هاڻي ٿيندو ته اسيمبلي ميمبر چونڊڻ جو حق عوام کي آهي يا ڪنهن ٻئي کي،پشاور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڌانڌلي ذريعي ڪامياب ڪرايل ميمبرن کان ڪروڙين رپيا ورتا ويا، اهو اختيار اسٽيبلشمينٽ کي ڪنهن ڏنو آهي،اهي ويهي فيصلا ڪن، اربين رپيا وصول ڪن ۽ نمائندا چونڊين،جن به عوام جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو آهي انهن کي سزا ڏني وڃي،هن چيو ته اسان کي اسٽيبلشمينٽ جا پٺو نه کپن، انداز مختلف آهي پر شڪايت هڪ ئي آهي،ڳاڙهي ٽوپي (اي اين پي) وارا ڪنڌ جهڪائڻ وارا ناهن، اسان ڪنڌ ڪپرائي ته سگهون ٿا پر اصولن تي سوديبازي نٿا ڪري سگهون،هتي ته هڪ هڪ ٿڦ تي ماڻهو وفاداريون تبديل ڪرڻ وارا به آهن،ٽي ٽي ڪلاڪ گهرن ۾ ويهارڻ تي ماڻهو پنهنجي نئين پارٽي ٺاهي ڇڏين ٿا،هن چيو ته 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان آزاد ٿئي ٿو ٺيڪ ٻن هفتن کانپوءِ خدائي خدمتگارن جي حڪومت ڪيرائي وڃي ٿي،کين جيلن ۾ بند ڪيو وڃي ٿو، مسلم ليگ ۽ قيوم خان کي حڪومت ڏني وڃي، اهو نئين ٺهيل ملڪ ۾ ووٽ جي حق تي پهريون ڌاڙو هو،بابڙه سانحي ۾ هڪ ئي ڏينهن 600 خدائي خدمتگارن کي شهيد ڪيو ويو،هن چيو ته پاڪستان ۾ پهرين چونڊن ۾ شيخ مجيب اڪثريت ماڻي پر پنجاب پاڪستان آهي ۽ پاڪستان پنجاب آهي ان ڪري اسان حڪمراني تي قبضو ڪرڻ خاطر اڌ پاڪستان وڃائي ڇڏيو پر اسٽيبلشمينٽ کي مينڊيٽ چوري جو ايترو شوق هو جو بنگال ۾ ظلم جي انتها ڪئي وئي، پنجاب وري به سردار ئي رهيو، هن چيو ته آئين ٽوڙڻ جي سزا ڦاهي آهي،ڀٽو کانپوءِ ضيا الحق آيو،هن ڀٽي کي ڦاهي پيغام ڏنو ته بندوق آڏو جمهوريت جي ڪا به حيثيت ناهي، پاڪستان ۾ جنگ اختيار ۽ وسيلن تي آهي، بندوق وارا چون ٿا ته طاقت جو سرچشمو آهن، اهي سنڌين،پختونن، سرائيڪين،هزاره، گلگت بلتستان،آزاد ڪشمير وارن کي غلام سمجهن ٿا ۽ آقا رڳو سينٽرل پنجاب آهي،هن چيو ته اسيمبلي چونڊڻ جو حق عوام کي آهي، 10 ۽ 12 ڪروڙ رپيا وٺي اسيمبلي ۾ ماڻهو آڻڻ اسان کي قبول ناهي، چيف جسٽس ڌانڌلي تي عدالتي ڪميشن جوڙي، بدقسمتي سان توهان به بااختيار ناهيو، مون وٽ ثبوت آهن ته جن کان پئسا ورتا ويا، جن کان پئسا گهريا ويا انهن کي عدالت ۾ پيش ڪندس