لاهور( م ڊ) اينٽي ڪرپشن کاتي پاران گرفتار ڪيل صحافي عمران رياض کي لاهور جي ضلعي ڪچهري جسماني رمانڊ واري درخواست رد ڪندي صحافي عمران رياض کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو آهي، گذريل ڏينهن گرفتار ڪيل گرفتار صحافي عمران رياض جي درخواست تي ڪچهري ضلعي ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ عمران عابد جسماني رمانڊ تي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران عمران رياض کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت ٻڌڻي دوران جسماني رمانڊ رد ڪندي عمران رياض کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيوآهي، عمران رياض جي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته عمران رياض کي لاهور جي ڊفينس روڊ وٽ واقعي سوسائٽي مان اڻڄاتل ماڻهن حراست ۾ وٺي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ، ياد رهي ته عمران رياض ۽ سندس والد تي ٿهرابي ندي جو ٺيڪو ڀڪڙن مٺ وٺڻ جو الزام آهي، ٻئي پاسي عمران رياض جوڊيشل مئجسٽريٽ آڏو بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته هو مونکي گهر مان گرفتار ڪرڻ آيا ۽ مان پاڻ گرفتاري پيش ڪئي آهي.