يونس شاد ترقي پسند قومپرست ۽ سامراج مخالف شخص هو: ساڃاهه وند

ڪراچي (رپورٽر) يونس شاد ايڊووڪيٽ جي لاڏاڻي تي ڪراچي پريس ڪلب ۾ تعزيتي ريفرنس ٿي گذريو، جنهن جي صدارت لالا حسين  بلوچ ڪئي، جڏهن ته پروفيسر ڊاڪٽر توصيف احمد خان، يونس شاد جي پٽ منيب، عبدالخالق زدران، جمال ناصر بلوچ ايڊووڪيٽ موجود هئا. ڊاڪٽر جبار خٽڪ، مجيد ساجدي، ضياءَ اعواڻ، ايڊووڪيٽ، رمضان ميمڻ، مظهر عباس، وحيد بلوچ ايڊووڪيٽ وغيره پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو، جڏهن ته نظامت جا فرائض ڊاڪٽر زين سر انجام ڏنا. مقررين چيو ته يونس شاد ايڊووڪيٽ ترقي پسند قومپرست سامراج مخالف شخص هو.  جنهن بي ايس او کان شاگرد جدوجهد جي شروعات ڪئي، جڏهن 12 سيپٽمبر 1979ع تي ڪراچي يونيورسٽي ۾ ترقي پسند شاگرد محاذ پاران ريلي ڪڍي وئي ته جمعيت جي ٿنڊر اسڪواڊ جي هٿياربندن يونس شاد، فضل بخش ۽ ضياءَ اعواڻ کي جديد هٿيارن سان گوليون هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو. يونس شاد صحتياب ٿيڻ کان پوءِ وري سرگرم ٿيو، وڪيلن جي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. هو مير غوث بخش بزنجو جي نظريي تي قائم رهندي آخري دم تائين نيشنل پارٽي جو اڳواڻ رهيو. هن کي سرخ سلام پيش ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.