ڇا يورپ ۾ امن جو دور پڄاڻي تي پھتو ؟

يوڪرين جي پرڏيھي وزير چيو آھي تھ يورپ ۾ امن جو دور ختم ٿي ويو آهي.ڇا واقعي ائين ٿي ويو آھي ؟ روس هفتو اڳ اوڀر جي ھڪ شھر آئوديفيڪا تي قبصو ڪري ورتو آھي.جنھن کي  9 مھينن ۾ وڏي زميني فتح  قرار ڏنو پيووڃي.يوڪرين ان سوڀ کي ’يورپ ۾ امن جي دور جي پڄاڻي‘ قرار ڏنو آھي.آديفيڪا 30 ھزار آبادي تي ٻڌل ھڪ وسندڙ شھر آھي.جيڪو  هاڻي روسين جي قبضي ۾ آهي. ان کي اتحادين جي يوڪرين کي هٿيارن جي فراهمي جي ناڪامي سان بھ ڀيٽيو پيو وڃي.ان فتح سان  روسي صدر ولاديمير پوٽن کي مارچ ۾ ٿيندڙ چونڊن کان اڳ سياسي برتري ضرور ملندي.

آئوديفيڪا شھر تي قبضي جي خبر ميونخ ۾ هڪ سيڪيورٽي ڪانفرنس ھلندي سامھون آئي هئي ۽ ڪانفرنس ۾ شامل ڌرين لاءِ ھڪ  ڌماڪي کان گھٽ نھ ھئي. جيڪي يوڪرين جي خلاف 2024 جي جنگ دوران امڪاني منظر تي غور ڪري رهيا هئا.

ڪانفرنس ۾ شامل يوڪرين جي پرڏيھي وزير چيو تھ ھاڻي يورپ ۾ امن جو دور ختم ٿي چڪو آهي.هن چيو ته  يوڪرين جي فوج گولا بارود جي کوٽ سبب يوڪرين جي ڪنهن شهر مان نڪري ٿي تھ ان وقت  توهان کي نھ رڳو جمهوريت ۽ عالمي نظام جي بچاءَ جي حوالي سان سوچڻ گهرجي، پر اهو به سوچڻ گهرجي ته روسي فوج ڪجهه ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي موجود آهي.يوڪرين جي صدر زيلنسڪي پڻ آئوديفيڪا شھر تي قبضي جو ذڪر ڪندي اتحادين کان وڌيڪ هٿيارن جو مطالبو ڪيو. زيلنسڪي ڪانفرنس کي ٻڌايو ته بدقسمتي سان يوڪرين هٿيارن جي مصنوعي کوٽ جو شڪار آهي. خاص طور تي توپ خاني ۽ ڊگھي رينج جي هٿيارن جي کوٽ روس کي اڳتي وڌڻ جو موقعو ڏئي رهي آهي.

يوڪرين جا شھري  روس پاران حملي ۾ شدت لاءِ آمريڪا کي ذميوار قرار ڏئي رھيا آھن.ڇاڪاڻ ته آمريڪا  يوڪرين جي فوجي امداد  60.6 بلين ڊالر جي منظوري روڪي ڇڏي آهي.

يوڪرين خلاف جنگ ٽئين سال ۾ داخل ٿيڻ تي آمريڪا روس خلاف نئين پابندين جو اعلان ڪيو آهي.آمريڪا تازو اٽڪل 500 فردن ۽ ادارن جي خلاف پابندين جو اعلان ڪري رھيو آهي جيڪي روس جي ”جنگي مشين“ جو حصو آهن.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.