سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۽ ميرٽ جي لتاڙ

تحرير؛ مدثر بيدار چانڊيو

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تازو ئي ٽائون آفيسرز بي پي ايس 16 جي رزلٽ پڌري ڪئي ته  ان ۾ ڪيترن ئي ساڃاھ وندن سوشل ميڊيا تي اعتراض ڪيو ته  هن ڀيري به  ميرٽ جي لتاڙ ٿي آهي ۽ سفارشي، پيسا ڀريندڙ اميدوار هڪ ڀيرو ٻيهر گوءِ کڻي ويا. وري هاڻي جڏهن مختلف پوسٽن جي لاءِ ٽيسٽ ورتي وڃي ٿي ته  ان جو ته  سرعام واڪ هلي رهيو آهي. افسوس جي ڳالھه اها آهي ته  جڏهن مان 16 فيبروري تي لاڙڪاڻي ۾ ٽيسٽ ڏئي رهيو هيس ان دوران جڏهن سواليا پيپر آيو ته  ان ۾ جوابن تي ٽٻڪا  لڳل هئا. البته  جيڪو سواليه  پرچو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو، اهو (ايA) ڪيٽگري جو هو، ۽ جيڪو بي سي ڊي هو انهن ۾ به  ڪافي حد تائين ائين ئي هو. ڳالھه صرف اها ناهي ته  ائين ڇو ٿيو، ۽ اها ڳالھه سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ ڪو به  اهڙو عمل يا ڪارروائي ڪونه  ٿي سگهي آهي ۽ نه  ئي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ڪا ان ڳالھه جي تصديق ڪئي آهي. ٻيو ته  کوڙ ساريون ڳالهيون آهن جيئن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران 50 سوالن تي ٽيسٽ ورتي وڃي ٿي، ۽ ٽيسٽ کانپوءِ ڪي (Key) تقريبن مهيني کان پوءِ ڏني وڃي ٿي جڏهن ته  ٻين صوبن ۾ جيئن پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ 100 سوالن جو پيپر ورتو ويندو آهي ۽ انهن جي ڪي رات جو ئي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ٿي ويندي آهي. ڳالھه اها آهي ته  آخر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ايترو ليٽ سان ڪي اپلوڊ ڪرڻ، ۽ ڪوسچن پيپر ۾ سوال (آؤٽ آف سيليبس) جيڪو سبجيڪٽ جي ابتڙ اچي ٿو، ۽ 50 سوالن ۾  0.25 مارڪس نيگيٽوِ هونديون آهن. ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سوالي پرچي ۾ ڪافي غلطيون به  هونديون آهن.

بهرحال سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جيڪڏهن هن ڀيري به  ساڳي ريت نتيجو پڌرو ڪيو ته  ڪافي حد تائين پنهنجي ساک وڃائي ويهندي ۽ هينئر هر ماڻهو جي وات ۾ اها ڳالھه هلي رهي آهي ته  پئسا ڀريو ۽ سيٽ وٺو، باقي ميرٽ آهي مشڪل: صاحبان! ان ڳالھه ۾ ڪو به  اعتراض نٿو ڪري سگهجي ته  ٻين ادارن ۾ ڪرپشن ناهي هوندي، جيئن هاڻي هڪ فيڊرل اداري جي هڪ رپورٽ سوشل ميڊيا توڙي مين اسٽريم ميڊيا تي وائرل ٿي جنهن ۾ سي ايس ايس جو نتيجو بدلائيندڙ شخص جنهن 10 کان 20 لک ورتا، جڏهن اهي اميدوار انٽرويو ۾ آيا ته  انهن کي ڪجھه  به  نه  پيو اچي. اها ڳالھه پاڻ اداري طرفان به  واضح ڪئي. خير ڪيس ته  ٻيا کوڙ ٿي سگهن ٿا، پر ان ۾ صرف ٻه  ڪيس ظاهر ٿيا جنهن تي ڪارروائي ڪئي وئي، جيڪي شخص ملوث هئا انهن کي جيل ڀيڙو ڪيو ويو. اهڙي ريت سنڌ پبلڪ کي به  ڪارروائي ڪرڻ گهرجي ڪو به  ماڻهو جيڪڏهن ملوث آهي ته  ان کي سخت سزا ڏني وڃي. اسان ايئن نٿا چئون ته  سڄو ادارو خراب آهي پر، جيڪي ماڻهو ڪرپشن ۾ ملوث آهن جيڪي ميرٽ جي لتاڙ ڪن ٿا انهن کي سخت سزا ۽ نوڪريءَ تان برطرف ڪيو وڃي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن سنڌ جي هڪ اميد آهي لکين شاگرد محنت ۽ جفاڪشي ڪري ٽيسٽ ۾ ڏين ٿا ان اميد سان ته  پنهنجي محنت جو ڦل ضرور ملندو، پر جڏهن صاف شفاف نتيجو نه  نڪري، ميرٽ جي لتاڙ هجي، سفارشي پرچي توڙي پئسن وارا اڳيان هجن ۽ اهل نوجوان جيڪي محنت ڪري ٽيسٽ ڏين ٿا اهي پوئتي هجن، اها هڪ وڏي ناانصافي چئبي. ڀلي نتيجو دير سان اچي پر حقيقي ۽ ميرٽ تي هجي. سوال اهو آهي ڇا هن ڀيري به  نتيجي ۾ هير ڦار  ڪئي ويندي ائين ئي ٿيندو جيئن اڳ ٿي چڪو آهي؟

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.