غيرمستحڪم سياسي ۽ معاشي صورتحال

تحرير؛ رياض ابڙو 

ملڪ جي خارجي ۽ معاشي پوزيشن تمام گهڻي غير مستحڪم ٿي وئي آهي، غيرملڪي ايجنسين ۽ رياستن جو اعتبار کڄي ويو آ، ڪير ان ڳالھه تي به يقين نه ٿو ڪري ته ڪير پنهنجي گهر ۾ به چوري ڪري سگهي ٿو يا غيرملڪي ان ڳالھه تي يقين ٿا ڪن ته هيءَ رياست پنهنجو مال پاڻ چوري ٿي ڪري. اها ٻي ڳالھه آ ته هن ڀيري بجيٽ جا خسارا تمام وڏا هوندا. حڪومت جي ويهندي ويهندي جون جي بجيٽ به اچي ويندي ۽ بجيٽ ڊيفيسٽ هن ملڪ جا ترا ڪڍي ڇڏيندي. وزير اڃان قسم ناما به نه کڻندا جو هن ڀيري شديد معاشي بحرانن کي منهن ڏيندا.

هن ڀيري سياسي بحران ڀلي اڳ کان به وڌي وڃن، پر اها ڳالھه به سمجهون ۽ مڃون ٿا ته عسڪري ادارن جا سافٽ اسڪلز تمام گهڻا بهتر آهن، جيڪي هن ملڪ جا ٿنڪ ٽينڪ آهن، اهي سياسي پارٽين کي ويهاري ڪنهن ننڍي ٻار وانگي سبق پڙهائي سمجهائي سگهن ٿا، ڇو ته 13 ئي پارٽيون هاڻي به پي ڊي ايم جي شڪل ۾ ويهڻ لاءِ تيار آهن. پر ڳالھه اها به آهي ته هن ڀيري هنن کي ان ڳالھه جي يقين ڪير ڏياري، ڪير ان ڳالھه جي وارنٽي ۽ گارنٽي هنن کي ڏئي ته هيل جيڪو به ويهندو اهو سياست کان ويهي نه ويندو ته پوءِ سڀ سياسي پارٽيون ان صورت هڪ ٿيڻ لاءِ تيار آهن، اهي هڪ ميز تي ويهي ڳالهيون به ڪري سگهن ٿيون، اهي سياسي بحران به حل ڪري سگهن ٿا، پر هيل به ڪير انهن کي ان ڳالھه جي پڪ ڏياري ته اپريل 2022 جي تاريخ ورجائي نه ويندي، جيڪي هاڻي ريل ۾ آهن اهي جيل ۾ نه ويندا ۽ جيڪي جيل ۾ آهن اهي هاڻي ڪرسيءَ تي نه ويهندا، ته پوءِ سڀ سياسي ڌريون پاڻ ۾ ڀائرن وانگي هڪ ٿالهي ۾ ويهي کائي (ڪرپشن) ڪري سگهن ٿيون.  اهي سڀ روئي ڌوئي پنهنجو عرصو پورو ڪري وينديون ۽ عسڪري ادارا به سڪون سان ڪم هلائي سگهن ٿا.

اها به ڳالھه آهي ته هيل اليڪشن کي صاف شفاف ثابت ڪرائڻ جي لاءِ هڪ اڌ سيٽ جي وري ڳڻپ ڪرائيندا ۽ معاملو ٺاري ويندا. آءِ ايم ايف جا پريشر پنهنجي جاءِ تي، جنهن ۾ ڪنهن به پارٽيءَ جي ڪا ڳالھه ساڀيان نه ٿيندي، ڪير به مفت ۾ بجلي نه ڏئي سگهندو، ڪير به روزگار جا دروازا نه کولي سگهندو، ڪير به سرحدن جا ٽيشن گهٽائي نه سگهندو، ڪير به گهرن جي رجسٽريشن نه ڪرائي سگهندو، ڪير به ماڻهن جي بي چيني ختم نه ڪري سگهندو، ڪير به ادارن جي ساک بحال نه ڪري سگهندو، پر ادارن کي وري به استعمال ڪري ويندا.

پر هيل ڪرسيءَ کي باھ لڳي وئي آ، سياسي پارٽيون شديد پريشانيءَ جو شڪار آهن، اهي ايتريون ته ڳڻتيءَ ۾ ورتل آهن جو هيل انهن کي ”اليڪشن ليڪس“ به پريشان ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن وٽ ڀلي اهي نتيجا صحيح ۽ سالم پڳا هجن، پر انهن عوام جي اعتماد کي نقصان پڃايو آهي.

هيل واري اليڪشن عوام جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هئي، ڇو ته ملڪي ڪاسميٽڪ پوليٽڪس هاڻي ڪنهن ڪم جي ناهي رهي. ماڻهن ۾ بي چيني وڌي وئي آهي. سياستدان ڀلي لکين ماڻهو گڏ ڪري عوامي جلسا ڪن، پر عوام (اڳواڻ) اڃان تائين انتها درجي جا ڊنل آهن. سمجهن ٿا ته جي انهن ڪجھ به چيو ته عسڪري ادارا ناراض ٿي ويندا.

اليڪشن جي شفافيت کان انڪار آ، ان ڪري ووٽن جي آڊٽ ڪئي وڃي، ڇو ته ملڪ سڄو ٻري ويو آ، سوال اهو به آهي ته ملڪ ڪڏهن اڳتي وڌندو، ۽ سوال اهو به آهي ته ملڪ خطرناڪ موڙ تان ڪڏهن اڳتي نڪرندو، سنڌي سياست جا فوڪل پرسن ڪڏهن پيدا ٿيندا، هر ڀيري وانگي انترمنتر جادو جنتر، بس اليڪشن ٿي وئي ۽ هاڻي اها سزا ڀوڳيو. پر هيل ائين نه چئجو ته نگران ڀلا هيا يا اها ڳالھه به وسعت واري ناهي ته ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ٿيندي يا ٿي به سگهي ٿي. مغربي دنيا جي هن اليڪشن تي وڏي اک هئي ته هي رياست ادارن کي ڪيئن استعمال ٿا ڪري. ڀارتي ايجنسيون به سرگرم هيون، اهي چاهن ٿيون ته هي ملڪ ڏيوالو ڪري وڃي ۽ سياسي، سماجي ۽ معاشي بحرانن جي ڌٻڻ مان نه ڪري سگهي. ٻاهرين ايجنسين کي هن ملڪ جي خواري ڀلي ٿي لڳي، مڃون ٿا ته ماڻهن جا ۽ کوهن جا وات ڪنهن بند ناهن جو هيل ٿيندا، پر سدائين وانگي هيل به زبردست ڌانڌلي ٿي. يا جيڪڏهن شفاف اليڪشن جي ڳالھه ڪجي ته اها هڪ دفعو ئي ٿي هئي، جنهن ۾ ملڪ ٽٽي ويو، ان کانپوءِ اليڪشن ڪڏهن به شفاف ناهي ٿي (۽ نه ٿي سگهي ٿي). ان ڪري جيڪي نتيجا مالڪن کي کپن، اهي ان طريقي سان ملائي جُلائي اچي ٿا وڃن.

ملڪي ڪرپٽ ادارا ڀلي انهن ڪرپٽ سياستدانن تي اعتبار ٿا ڪن، جيڪي ماڻهن جي اڳواڻيءَ جي لائق ناهن، پر ان لائق آهن ته ملڪي بي اعتماد ادارا جن تي عوام جو ٽڪي جو اعتبار ناهي رهيو ۽ اهي شارح به جيڪي هيل الزامن هيٺ آهن. اتي ان ڪري غلام عوام ناهي پر اهي ادارا پاڻ غلام آهن جيڪي اندروني ۽ بيروني پريشرن جي زد ۾ اچي هڪ ٽنگ تي بيهي ٿا نچن ۽ انهن انٽرنيشنل ادارن جي لاءِ ڪم ٿا ڪن جيڪي هن رياست کي ڪرائي جو قاتل سمجهي ٿا هلائن ۽ ان اميد تي آهن هڪ به هڪ ڏينهن هيءَ رياست ڏيوالو ڪري ويندي ۽ سڀ هٿ ڇنڊي بيهندا ته هاڻي ڇا ڪيون؟.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.