سن ۾ اسان پنهنجي رپورٽنگ دوران هميشه عوام کي 2018 جي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيندڙ ايم اين اي ۽ ايم پي اي مٿان ڇتي تنقيد ڪندي انهن خلاف احتجاج ۽ ويلا ڪندي ڏٺو، اڪثر ڪري ڪجهھ ڳالهيون اسان هر روز ٻڌاندا هئاسون، جيڪي هن ريت آهن، مانجھند کي 2005 ۾ تعلقي جو درجو مليو، ان جي باوجود به پيپلزپارٽي جي چونڊيل نمائندن، ايم پي اي ۽ ايم اين اي تعلقي جي ڪنهن به شهر ۽ ڳوٺ جي رهواسين کي ڪا به بنيادي سهولت ناهي ڏني، سڄي ملڪ جيان اسان جي هن تعلقي جي ٻه لک آبادي حڪومتن جي ظالماڻي عوام دشمن رويي سبب مهانگائي، غريب ۽ پورهيت طبقو کي پريشانين جي گھاڻي ۾ پيڙهجندي رهي آهي، غريب مسڪين ماڻهن جي لاءِ ٻه ويلا ماني کائڻ به وڏي مشڪل بڻيل آهي. هتان جي صورتحال ان حد تائين خراب آهي جو سڄي مانجھند تعلقي جي عوام جي حالت ڏسي وڏو افسوس ٿي رهيو آهي.
2018 جي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي وڃڻ کانپوءِ پيپلزپارٽي جو اڳوڻي ايم اين اي سڪندر راهپوٽو هڪ ڏينهن به مانجھند تعلقي جي ماڻهن وٽ نه پهتو ۽ نه ئي ڪڏهن انهن جو حال احوال ورتو ويو آهي ۽ نه ئي ماڻهن جا مسئلا حل ٿي سگهيا آهن، قومي اسيمبلي ۾ عوام کي پنهنجا بنيادي حق ڏيارڻ جي لاءِ به هن ڪڏهن ڪو آواز نه اٿاريو آهي، ايئن لڳندو آهي ڄڻ قومي اسيمبلي ۾ موجود هجڻ دوران به اڳوڻي ايم اين اي جي وات ۾ هميشه منڱ پيل هوندا هئا، باقي هن ته اليڪشن کان اڳ ورڪ دوران عوام سان واعدا ته وڏا ڪيا، ووٽ وٺي ڪامياب ته ٿي ويو، پر پر هن هڪ به واعدو وفا نه ڪيو، اهڙي طرح پيپلز پارٽي جو اڳواڻ ضلعي ڄامشوري جو بادشاھ سڏائيندڙ ملڪ اسد سڪندر اڪثر ڪري سياسي جلسن جلوسن ۾ وڏي فخر سان اها ڳالهه ڪندي نظر ايندو آهي ته آئون 1985ع کان سياست ڪري رهيو آهيان، اڄ ڏينهن تائين هن ڪا به چونڊ ناهي هارائي، اها به حقيقت آهي ته بادشاھ سلامت ڪا به اليڪشن ناهي هارائي، نه ئي هن ڪڏهن عوام جي ڀلائي جي لاءِ ڪي به قدم کنيا آهن، جهڙي طرح هن ڪا به اليڪشن ناهي هارائي اهڙي طرح هن عوام جي ڀلائي واري به ڪا خاص اسڪيم علائقي ۾ ناهي آندي، بادشاهه سلامت ته سدائين عوام جي حقن تي ڌاڙا هنيا آهن.
چونڊيل نمائندن جي علائقي ڏانهن توجهه نه ڏيڻ ڪري 40 سال حڪومت ۾ رهڻ جي باوجود به مانجھند تعلقي جي سمورا شهر ۽ ڳوٺ کنڊرات ۾ تبديل ٿيل آهن، تعلقي جي 200 کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ اڄ به پيئڻ جي پاڻي جو وڏو مسئلو آهي، شهرن ۽ ڳوٺن جا روڊ رستا تباهه ٿيل آهن، هن تعلقي جي وڏي اسپتال ۾ سندس جي سياسي مداخلت هجڻ سبب ڪروڙن جي بجيٽ هجڻ جي باوجود تعلقه اسپتال عوام کي صحت جون سهولتون ڏيڻ کان لاچار آهي، ملڪ اسد سڪندر ايم اين اي ۽ ايم پي اي رهڻ جي باوجود به اسيمبلين ۾ هتان جي عوام جي حق جي ڪڏهن به ڳالهه ناهي ڪئي، هن اسپيڪر جي اڳيان سدائين نانگ سونگهي وڃڻ واري خاموشي اختيار ڪئي آهي، ضلعي جو بي تاج بادشاھ هجڻ جي ڪري هو سڄي ضلعي جي سمورن ادارن جي بجيٽ تي ٻه اکيون ۽ 12 هٿ رکيو ويٺو آهي، جنهن جي ڪري سمورا ادارا تباھ ۽ برباد آهن.
سن ۽ مانجهند واري علائقي جا ماڻهو سدائين دربدر ٿيندا رهيا آهن، بيروزگاري سبب نوجوان ڀٽڪندا رهن ٿا ته غريب مسڪين ماڻهن جي گھرن ۾ بک ۽ بدحالي واڪا ڪندي نظر اچي ٿي، سگهاري ڌر هجڻ ڪري بادشاھ سلامت جي خلاف نيب ۽ اينٽي ڪرپشن به ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي.
هتان جا چونڊيل نمائندن ٻيون ته سهولتون پري جي ڳالهه پر هن علائقي کي امن و امان به ناهن ڏياري سگهيا.اهو ساڳيو ئي ورتاءُ سنڌ جي اڳوڻو وڏو وزير سيد مراد علي شاھ به عوام سان ڪيو آهي، مراد شاهه 2018 جي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيو، حڪومت دوران وڏي وزير هجڻ جي باوجود هو پنهنجي تڪ جي ماڻهن جي لاءِ ڪجهھ ڪري نه سگهيو، تعليمي ايمرجنسي به کائڻ ۽ کارائڻ تائين محدود رهي، مانجھند تعلقي جا 139 اسڪول اڄ به سمورين بنيادي سهولتن کان محروم آهن، سندس اباڻي تڪ جا رهواسي پنهنجن بنيادي حقن کان وانجھيل آهن، پر سي ايم سنڌ جي ڪن تي ڪا جون نه سُري.
2024 جي اليڪشن ۾ ورڪ دوران اهو اندازو لڳي رهيو هو ته هن ڀيري پيپلز پارٽي جي اميدوار کي عوام رد ڪندو ۽ انهن جي رستا روڪ ٿيندي، جڏهن غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا سامهون آيا ته خبر پئي ته پيپلز پارٽي جا سمورا اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي ويا، جيڪو ظاهري طور تي هڪ وڏو سوال آهي، ڇا عوام واقعي به پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو آهي يا ڪنهن ٻئي طريقي سان اميدوار ڪامياب ٿيا آهن، جي عوام واقعي به پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي ڪامياب ڪيو آهي ته اسان اميد ڪريون ٿا ته 2024 جي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيل پيپلز پارٽي جا اميدوار هن ڀيري عوام کي مايوس نه ڪندا آهي، غريب مسڪين ماڻهن جي دردن جو درمان ٿيندا، پر جي ساڳي روش رهي ته اها اميد اجائي آهي، ساڳيا ئي سور رهندا ۽ عوام پيو روزگار، صحت ۽ تعليم جي سهولت لاءِ پريشان ٿيندو.