ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي ( پي ٽِي اَي ) کي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ملڪ ۾ سماجي رابطن جي ويب سائيٽس ايڪس جي بندش بابت ٻڌڻي ڪئي، عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته ايڪس سروس بنا ڪنهن خلل ۽ بندش جي بحال ڪئي وڃي، سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ٽِي اَي ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کان ايندڙ ٻڌڻي تي تفصيلي جواب طلب ڪري ورتو ۽ پي ٽي اي کي بنا جواز انٽرنيٽ، ويب سائيٽس، ايڪس ٻيا سوشل ميڊيا پليٽ فارم بند ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، ٻڌڻي دوران درخواست گذار جي وڪيل چيو ته گهرو وزارت بيان ڏنو آهي ته ايڪس کي بند ڪرڻ جون هدايتون جاري ناهن ڪيون، آءِ ٽي واري نگران وزير بيان ڏنو ته هن آءِ ٽي سيڪٽر کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن، وزيراعظم، گهرو وزير، آءِ ٽي وارو وزير وي پي اين لڳائي ايڪس استعمال ڪري قوم کي ٻڌائي رهيا آهن ته ايڪس بند نه ٿيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي پڇاڻو ڪيو ته ڪير ويب سائيٽس بند ڪندو آهي يا بند ڪرڻ جو ڪير حڪم ڏيندو آهي؟ درخواست گذار جي وڪيل ٻڌايو ته ايڪس جي بندش يا سروس سلو رکڻ جو اختيار پي ٽي اي وٽ آهي، پي ٽي اي کان پڇاڻو ڪيو وڃي ته ايڪس کي بند ڪرڻ جو هدايتون ڪنهن جاري ڪيون؟ وڪيل وڌيڪ چيو ته صحافين ۽ جن جو روزگار ايڪس سان سلهاڙيل آهي اِهي ڏاڍو پريشان آهن، ميڊيا ۽ تحقيق جي شعبي سان لاڳاپايل لکين ماڻهو ايڪس جي بندش سبب ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، غزا، فلسطين کي امداد فراهم ڪرڻ ۽ اتان جي صورتحال ڄاڻڻ ۾ سخت مشڪل پيش اچي رهي آهي.