شينهن ۽ تير جي شادي ٽين قوت زبردستي ڪرائي آهي: حافظ حمد الله

اسلام آباد(م ڊ) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي مرڪزي اڳواڻ حافظ حمدالله چيو آهي ته شينهن ۽ شينهن جي اها شادي ٽين قوت طرفان  زبردستي ڪرائي وئي آهي. خانگي ٽي وي جي پروگرام  ۾ ڳالهائيندي حافظ حمدالله چيو ته بلاول ڀٽو زرداري کان پڇو، هو هن سياسي شادي تي خوش نه آهي، هو ان سياسي شادي تي راضي نه آهي . جي يو آءِ جو پيغام واضح آهي، هاڻ هو پارليامينٽ ۾ ويندا، پارليامينٽ ۾ اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪندا ۽ نظام کان ٻاهر به نظام خلاف تحريڪ هلائيندا. هن چيو ته معاهدو بيروزگاري ۽ مهانگائي کي ختم ڪرڻ بابت ٿيڻو هو، بدقسمتي سان اقتدار ۽ سيٽون شيئرنگ جون ڳالهيون ٿيون، پيپلز پارٽي ۽ (ن) ليگ پاور شيئرنگ ڪئي ۽ عوام لاءِ هڪ لفظ به نه هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.