اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) عالمي سطح خاص ڪري سعودي عرب جي اعتراض بعد پي ٽي آءِ ، مجلس وحدت المسلمين سان اتحاد ڪرڻ کان ڦري وئي.ايم ڊبليو ايم جو اڳواڻ علامھ راجا ناصر عباس حزب الله اڳواڻ حسن نصرالله جو ڪلاس فيلو رھيو آھي.سينئر صحافي اسد طور موجب پاڪستان تحريڪ جي آزاد ميمبرن جي مجلس وحدت المسلمين ۾ شامل ٿيڻ جي واري اڳڀرائي تي دنيا ۾ ڳڻتي جو اظھار ڪيو ويو، خاص ڪري آمريڪا ۽ سعودي عرب کي ان تي پريشاني ھئي.ان سلسلي ۾ خاص طور تي سعودي عرب جي ڳجھي اداري جا عملدار پاڪستان پھتا،جن اسٽيبلشمينٽ ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف سان رابطو ڪري کين پنھنجي ڳڻتي کان آگاھ ڪيو.جنھن بعد پي ٽي آءِ، ان سان اتحاد نھ ڪيو.ٻئي پاسي اسد طور جو چوڻ آھي تھ پاڪستان تحريڪ انصاف سني اتحاد ڪائونسل ۾ پنھنجي ڪل 89 آزاد ميمبرن جا حلف ناما جمع ڪرائي ڇڏيا آھن.وي لاگ ۾ چيو ويو آھي تھ پي ٽي آءِ، جي حامي آزاد ميمبرن ان ڪري پي ٽي آءِ سان جڙيل رھيا، ڇاڪاڻ جو ھاڻي اھو سمجھه ۾ اچي ويو آھي تھ جرندڙ حڪومت ڪو گھڻو وقت نھ ھلي سگھندي، ان بعد سال ٻن ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ وري پي ٽي آءِ، ڪاميابي حاصل ڪري سگھي ٿي.اھڙي طرح پي ٽي آءِ جا چونڊيل ميمبر پارٽي جو ووٽ بئنڪ ۽ مينڊيٽ بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آھن.وي لاگ ۾ ڄاڻايو ويو آھي تھ پي ٽي آءِ جا باقي ٽي ميمبر رھن ٿا جن حلف نامو جمع نھ ڪرايو آھي،انھن جو نوٽيفڪشن بھ اڃا جاري نھ ٿيو آھي.پ پ پ ۽ ن ليگ کي گڏ ويھاري حڪومت جوڙائڻ جو اصل سبب ملڪ جي ڊيفالٽ وارو خطرو ھو.”فچ “جي ھڪ تازي رپورٽ تي سموري ملڪ جي مالي ادارن،واپارين ۽ سيڙپ ڪندڙن جي ڳڻتي ظاھر ڪرڻ بعد اسٽيبلشمنيٽ ڌرين کي گڏ ويھاري ڪري فارمولي کي حتمي شڪل ڏياري.اسد طور موجب ملڪ جي مالي صورتحال بابت رپورٽ ۾ چيو ويو ھو تھ حڪومت جڙڻ ۾ دير ٿي رھي آھي ۽ اھڙو اتحاد ڪمزور ھوندو جيڪو غيرمقبول فيصلا ۽ ڏکيا سڌارا نھ ڪري سگھندو.اھڙي رپورٽ بعد ملڪ جي مالياتي ادارن ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ پريشاني جي لھر پکڙجي وئي، ڇاڪاڻ جو ھن وقت ملڪ ۾ مالي ذخيرا 8 ارب ڊالر مس رھيا آھن،جيڪي ٻن ٽن مھينن جا آھن. جنھن ڪري عالمي مالياتي اداري وٽ نھ وڃڻ جي صورت ۾ ملڪ جي ڊيفالٽ ٿيڻ جو خطرو ٿي پيو آھي.عالمي رپورٽ بعد اسٽيبلشمينٽ جي ھڪ اھم شخصيت ن ليگ سان رابطو ڪيو،جنھن ۾ شھبازشريف کين نوازشريف سان ڳالھائڻ لاءِ اسحاق ڊار معرفت رابطي ڪرڻ جي صلاح ڏني.اھڙي ريت اسٽيبلشمنيٽ آصف علي زرداري سان پڻ رابطو ڪري، ڌرين کي گڏ ويھاري حڪومت لاءِ فارمولي کي فائنل ڪيو.جنھن ۾ وزارت اعظميٰ ۽ ان سان گڏ اسپيڪر ن ليگ جا ھوندا.صدر ۽ سينٽ چيئرمين پ پ جا ھوندا ۽ پ پ کي ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي گورنرشپ ڏني وئي. پنجاب ۽ سنڌ ۾ ن ليگ گورنر مقرر ڪندي. آڌي رات جو معجزو ڪيئن ٿيو ؟ حڪومت جوڙڻ بابت سينئر صحافي نصرت جاويد جو چوڻ آھي تھ 21 فيبروري واري رات دير سان ملڪ جي طاقتور حلقن ھڪ شخصيت کي حڪومت جي جوڙجڪ جو ڪم سونپيو. سندس چوڻ موجب اھو سڀ ڪجهھ عالمي ريٽنگ اداري فچ جي ان رپورٽ بعد ٿيو. ان اداري پاڪستاني وقت موجب 19 فيبروي ري رات دير سان اھا خبر ڏني ھئي.جنھن ۾ ملڪ جي مالي پوزيشن ۽ چونڊن بعد نئين سر چونڊن طرف وڃڻ ۽ پيدا ٿيل تعطل جي ڪري ملڪ ۾ ٿيل سيڙپ ۽ آءِ ايم ايف جو جيڪو معاھدو ممڪن ھو اھو خراب ٿي سگھي ٿو.جنھن تي پاڪستان گھڻو پريشان ٿي ويو.جنھن بعد سرگرميون شروع ٿيون.طاقتور ڌرين جي اھم شخصيت پھرين ايبٽ آباد وئي.جتان نڪرندي شھباز شريف ۽ اسحاق ڊار سان رابطو ڪيو.اھو رابطو اسلام آباد ٿيو.جنھن بعد شھبازشريف لاھور ھليو ويو.ان دوران اھاشخصيت اسحاق ڊار سان ملي،هو نوازشريف سان 12 وڳي رابطو ڪري کيس راضي ڪري ھن کي مري لڳ شانگلھ ڀرسان وٺي ويو.جتي باقي تفصيل طئي ٿيا ويا.ان بعد ذڪر ڪيل شخصيت نوازشريف سان ملاقات ڪئي ۽ شھبازشريف سان رابطو ڪيو، ان دوران ئي ان شخصيت آصف علي زرداري سان رابطو ڪري کيس حڪومت جوڙڻ تي راضي ڪيو.اھڙي ريت 20 ۽ 21 رات دير سان حڪومت جوڙڻ جو اعلان ٿيو. نصرت جاويد موجب حڪومت سازي جي مرحلي مڪمل ٿيڻ سان دنيا کي اھو پيغام ويو آھي تھ ملڪ ۾ حڪومت جڙي رھي آھي.