آءِ ايم ايف پاڪستان جي نئين حڪومت سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ راضي

عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان جي نئين چونڊيل حڪومت سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ راضپو ظاهر ڪيو آهي.
آءِ ايم ايف جي ڪميونيڪيشن ڊائريڪٽر جولي ڪوزيڪ صحافين کي بريفنگ ۾ معاشي استحڪام بابت نگران حڪومت جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته نگران حڪومت جي دور ۾ اختيارين معاشي استحڪام کي برقرار رکيو، مهانگائي ضابطي ۾ رکڻ، ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا وڌائڻ لاءِ اختيارين سخت مانيٽري پاليسي تي عمل ڪيو.
جولي ڪوزيڪ ٻڌايو ته 11 جنوري تي آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ جي پهرئين ريويو جي منظوري ڏني، جنهن تحت پاڪستان کي 1.9 ارب ڊالر جاري ٿيا، قرض پروگرام سان پاڪستان کي معاشي استحڪام جي ڪوششن ۾ مدد ملي رهي آهي.
هن چيو ته قرض پروگرام ۾ مضبوط فوڪس ڪمزور طبقي جو تحفظ آهي، پاڪستان ۾ ميڪرو اڪنامڪ استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ نئين حڪومت سان پاليسي تي ڪم ڪرڻ جا منتظر آهيون ته جيئن اقتصادي استحڪام ۽ پاڪستاني شهرين جي خوشحالي يقيني بڻائي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.