نديم چن کان چونڊن ۾ ڪاميابي لاءِ 5 ڪروڙ رشوت گهرڻ جو انڪشاف

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) پ پ اڳواڻ نديم افضل چن چيو آھي تھ کيس ڪامياب ڪرڻ لاءِ 5 ڪروڙ رپيا رشوت گھري وئي ھئي.نديم افضل  چن پ پ پ جي ٽڪيٽ تان اين اي 82 سرگواڌا مان چونڊ وڙھيو آھي.ھو پ پ پ ڇڏي پي ٽي آءِ ۾ ويو ھو وري گذريل سال پ پ ۾ واپس آيو آھي.ھڪ ٽي وي شو ۾ ھن اھڙي ڳالھ ڪئي آھي.نديم چن موجب ھن کي چيو ويو تھ ھن کي آصف زرداري 10 ڪروڙ ڏنا آھن،جنھن مان اڌ يعني 5 ڪروڙ کين ڏيان تھ ان سان کيس ليول پليئنگ فيلڊ ملي ويندي.سينئر صحافي جاويد چوڌري موجب ھن جو اشارو چيف سيڪريٽري ڏانھن آھي.ھي پھريون آواز آھي جنھن ۾ ھڪ ميمبر  اھا ڳالھھ ڪئي آھي، ان ڪري ھن کان پڇيو وڃي تھ ھن کان اھا رقم ڪنھن گھري ھئي ۽ ان بنياد تي تحقيق لاءِ ڪميشن بھ جڙڻ گھرجي.ڇاڪاڻ جواھڙيون ٻيون دانھون پڻ ٿينديون رھيون آھن. جاويد چوڌري موجب پاڪستان ۾ ھر چونڊ ۾ ڌانڌلي ٿئي ٿي پر ھي پھريون چونڊون آھن،جنھن ۾ ماڻھون پئسن گھرڻ جي ڳالھھ ڪري رھيا آھن.ھاڻي ان الزام کي دٻائي نھ ڇڏڻ گھرجي.ان جي جاچ ٿيڻ گھرجي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 23 فيبروري 2024 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.