لياقت چٺا جو پي ٽي آءِ اڳواڻ ميان اسلم ڏانهن اشارو؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) عمران خان مولاجٽ بڻجي آءِ ايم ايف سان رابطي جو فيصلو ڪيو آهي، لياقت چٺا اڄوڪي ڌماڪي ۾  پهرين ڪيل ڌماڪي کي ڊفيوز ڪيو آهي،ناليواي صحافي عمر چيما پنهنجي وي لاگ ۾ چيو آهي ته اڳوڻي ڪمشنر روالپنڊي لياقت علي چٺا  انڪشاف ڪيو آهي ته هن اهو ڌماڪو پي ٽي آءِ جي چوڻ تي ڪيو هو، هن بيان ۾ دعويٰ ڪئي ته صوبائي حڪومت ۾ مان اهم عهدن تي رهيس جنهن دوران منهنجا پي ٽي آءِ جي قيادت سان رابطا وڌي ويا،ان دوران انهن مون کان اهم ڪم ورتو، مان رٽائر ٿي رهيو هئس ،هاڻي انهن منهنجي مجبوري مان فائدو ورتو، هن اهو به چيو ته جنهن سان منهنجو رابطو هو اهو 9 مئي واقعي کانپوءِ هيل تائين مفرور آهي، مان ته پلان ڪري رهيو هئس ته استعيفيٰ ڏيان،استعيفيٰ مان اهي ڳالهيون لکڻ چاهيان ٿو، جنهن تي پي ٽي آءِ قيادت چيو ته توهان استعيفيٰ ۾ نه بيان ۾ اهي ڳالهيون ڪريو ته مزو اچي ويندو،پوءِ مون پي ايس ايل جي حوالي سان پريس ڪانفرنس گهرائي اهي ڳالهيون ڪيون، هن کي پنهنجي ڪيل ڪردار تي پڇتاءُ آهي،عمر چيما چيو ته  اطلاع آهن ته لياقت چٺا جو فون قبضي ۾ ورتو ويو هو، فون جي فرانزڪ مان ڪجهه پيغام ملي ويا،هن اهو ذڪر نه ڪيو ته پي ٽي آءِ جي ڪهڙي ليڊر سان هن جو رابطو هو، منهنجي اندازي مطابق ميان اسلم ٿي سگهي ٿو، 9 مئي واقعي ۾ ميان اسلم اشتهاري به آهي،الرحمان سوسائٽي ۾ لياقت چٺا جي پارٽنرشپ آهي،  ميان مشتاق ۽ ميان اسلم پاڻ ۾ مائٽ ٿين ٿا،هن چيو ته لياقت چٺا جي اعتراف جرم کانپوءِ هن خلاف ڪيس داخل ٿي سگهي ٿو،اڳوڻي ڪمشنر پريس ڪانفرنس ۾ حڪومت،اليڪشن ڪميشن ۽ سپريم ڪورٽ کي لوڏي ڇڏيو هو،هن خلاف اڳ ۾ جيڪي ڪرپشن انڪوائريون هيون اهي به هلنديون،مستقبل ۾ هن لاءِ مشڪلات آهي، هن کان پڇيو ويندو ته کيس ڪهڙي پي ٽي آءِ اڳواڻ ائين ڪرڻ لاءِ ڀڙڪايو، ان بيان جي روشني ۾ ميان اسلم خلاف به مشڪلات ٿي سگهي ٿي،هن چيو ته عمران خان به نئون ڌماڪو ڪيو آهي،آءِ ايم ايف کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اهو فيصلو غيرذميواراڻي سوچ جي عڪاسي آهي عمران خان پنهنجي ذات ۽ انا مان ٻاهر نه پيو نڪري، اهڙن قدمن سان عمران خان پنهنجي مخالفن کي به سخت قدم کڻڻ لاءِ مجبور ڪري رهيو آهي، آءِ ايم ايف اپوزيشن جي چوڻ تي قرض نٿي روڪي سگهي، ان خط سان آءِ ايم ايف پروگرام تي ته خطرو نه پوندو پر عمران خان جي سياست تي ناڪاري اثر پوندا.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 23 فيبروري 2024 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.